Monday 20 April 2020

ڪوما جي حالت

ڪوما جي حالت
”دريا خان“

ڪوما بيهوشي جي اهڙي حالت آهي جنھن ۾ ماڻھون ردعمل چرپر جو اظهار ناهي ڪندو انکي جڳائجي نٿو سگهجي، انجي وجھ مٿي ۾ ڌڪ يا سدمو لڳڻ سان دماغ ۾ زخم ٿي سگھي ٿو، زهرلي الڪوحل يا دماغ جو انفيڪشن بہ ان جو سبب ٿي سگھي ٿي، ذيابيطس شوگر ۾ ورتل ماڻھن ۾ جيڪر گلوڪوز جو ريشو اوچتو ڪري وڃي يا گھڻو وڌيڪ ٿي وڃي تہ اهو بہ ڪوما جي حالت ۾ وڃي سگهي ٿو، هتي ڏني ويندڙ معلومات خاص ڪري انهن ماڻهن جي لاءِ فائديمند هوندي جن ماڻھن جو ڪو پنھنجو فرد ڪوما جي حالت ۾ آهي،
ڪوما ڇا آهي؟
ڪوما ۾ بيهوشي ٿيندي آهي ۽ دماغ جي سرگرمي گهٽ سطح تي اچي ويندي آهي جيتوڻيڪ اهڙا فرد زندھ هوندا آهن پر انھن کي جڳائجي نٿو سگهجي، اهوئي اهڙي علامت ظاهر ناهين ڪندا جنھن ۾ پتو پئجي سگھجي تہ هو ويجھي ويندڙ ماحول کان آگاھ آهي، 
ائين فرد جون اکيون بند هونديون ۽ ويجھي ماحول ۾ ٿيڻ وارين تبديلين تي ردعمل ظاهر نہ ڪندو، ڪوما جي حالت ۾ فرد عام طور تي آواز يا سور جي صورت ۾ ردعمل ظاهر ناهين ڪندا، ۽ نہ ئي ڪجھ چئي سگهن ٿا، ۽ نہ ئي پاڻ کان حرڪت ڪري سگھن ٿا، انھن کي کنگھ بہ مشڪل سان ايندي آهي، اهوئي خودڪار ساھ کڻڻ جي قابل هوندا آهن، پر ڪجھ فردن کي ساھ جي مشين جي مدد گهربل هوندي آهي، ڪجھ فرد ڪجھ هفتن کانپوءِ جاڳي ويندا آهن جڏهن تہ ڪجھ گهري ڪوما ۾ هليا ويندا آهن، مريض جي سارسنڀال ڪندڙ ڊاڪٽر گهڻو ڪري اهڙي فرد جي شعوري سطح جي باقائدگي سان چڪاس ڪندا آهن، انهي پيماني موجب 3 شين جو جائزو ورتو ويندو آهي،
اک کلڻ جيڪڏهن انگ اسڪور 1 هجي تہ انجو مطلب آهي تہ اکيون کلي ناهين رهيون، ۽ 4 اسڪور جو مطلب آهي تہ اک اوچتو کلي ويندي آهي،
زباني ردعمل جيڪڏهن اسڪور 1 هجي تہ انجو مطلب آهي تہ ڪو زباني ردعمل ناهي ۽ جيڪڏهن 5 هجي تہ اهو الرٽ آهي، ۽ اهو ڳالهي سگهي ٿو،
ٻڌائڻ تي جسماني حرڪت جيڪڏهن فرد ڪا حرڪت نہ ڪري تہ انجو اسڪور 1 هوندو ۽ جيڪڏهن اهو حرڪت ڪري تہ 6 هوندو. 
ڪوما جي حالت ۾ گھڻو ڪري ماڻھن جو اسڪور 8 يا انکان بہ گهٽ هوندو آهي، جيڪڏهن اسڪور گهٽ هجي تہ انجو مطلب هي ٿي سگهي ٿو تہ دماغ کي وڌيڪ نقصان پهتو آهي ۽ واپسي سولي نہ هوندي ڪجھ عرصو ڪوما ۾ ورتل فرد کي (انٽنسو ڪيئر يونٽ) يا آئي سي يو ۾ رکيو ويندو آهي، علاج جي دوران ان عمل کي يقيني بڻايو ويندو آهي تہ حالت نہ بگڙي ۽ ضروري جسماني سرگرمي جاري رهن، جيئن مريض ساھ کڻندو رهي، ۽ انجو ويهڪرو رت نارمل رهي، ان سان گڏوگڏ ڪوما ۾ وڃڻ جي سبب کي ڏور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، پوءِ عمومن اهڙي مريض کي اسپتال جي وارڊ ۾ شفٽ ڪيو ويندو آهي، ان دوران مريض جي خوراڪ ۽ انفيڪشن کان بچاءَ لاءِ خاص خيال رکيو ويندو آهي، مريض کي بيڊ تي باقاعدگي سان حرڪت ڏني ويندي آهي تہ جيئن بيڊ تي هڪ ئي حالت ۾ پيل رهڻ سان انجي جسم تي زخم نہ ٿي وڃن، مريض جي جوڙڻ کي آرام سان ورزش بہ ڪرائي ويندي آهي تہ جيئن اهو سخت نہ ٿي وڃي، مريض جي سارسنڀال رکندڙ کي ڇا ڪرڻ گھرجي، مختلف ماڻهن ۾ ڪوما مختلف طرح جو ھوندو آهي، واپسي ٿيڻ تي ڪجھ ماڻهن کي اهڙي لمحا واقعا ياد هوندا آهن جيڪي ان ماحول ۾ ٿيندا هجن، جڏهن تہ ٻين کي ڪجھ بہ ياد ناهي رهندو، جيڪڏهن اوهانجو ڪو پنھنجو ڪوما جي حالت ۾ آهي ۽ اوهان سارسنڀال جي لاءِ اسپتال ملڻ وڃي رهيا آهيو تہ اوهانکي هي ڪم ڪرڻ گهرجن، اهو ٻڌايو تہ اوهان ڪير آهيو، اوهانجو ڏينهن ڪيئن گذريو، ان بابت بلڪل آرامي سان مريض کي ٻڌايو، ياد رکو جيڪو ڪجھ بہ اوهان چئي رهيا آهيو ممڪن آهي مريض ٻڌي رهيو هجي، پنھنجي چاهت، دوستي يا ويجهڙائي جو خيال ونڊيو ان سان گڏ ويهو، هٿ کي آرام سان پڪڙيو يا چمڙي کي آهستي هٿ لاهيو ممڪن آهي ان سان مريض کي سڪون جو احساس ٿي، تحۡقيقن مان پتو پيو آهي تہ ڇهڻ، ٻڌڻ ڏسڻ ۽ سنگھڻ جھڙين بنيادي حواسن کي متحرڪ ڪرڻ سان ڪوما مان واپسي جو امڪان وڌي ويندو آهي، اوهانکي ڪمري ۾ مريض جي پسند واري خوشبو لڳائي سگهو ٿا يا انجي پسند واري دهن گانو ٻڌائي سگهو ٿا، واپسي عام طور تي ڪوما ڪجھ هفتا رهندو آهي جنھن دوران فرد آهستي آهستي جاڳڻ ۽ شعور حاصل ڪرڻ لڳندو آهي پر هي بہ ممڪن آهي تہ اهو وڌيڪ گهري بيهوشي جو شڪار ٿي وڃي ڪجھ ماڻهون ان حالت کان بہ آهستي آهستي نڪري ايندا آهن، جڏهن تہ ڪجھ سالن تائين بهتري طرفان ناهين ايندا، جيڪي ماڻهون ڪوما کان واپس ايندا آهن گهڻو ڪري انهن کي باشعور ٿيڻ ۾ وقت لڳندو آهي ۽ ڏکائي کي منھن ڏيڻو پوندو آهي، ڪجھ ماڻھون جلدي واپس ٿي ويندا آهن ۽ انھن کي لڳندو آهي تہ اهوئي ڪوما جي حالت ۾ هيا، ڪجھ اهڙا بہ هوندا آهن جيڪي دماغ ۾ ڌڪ لڳڻ جي وجھ سان معذور ٿي ويندا آهن، انھن کي فزيو ٿراپي جي ضرورت پوندي آهي، انجي نفسياتي حالت جي جانچ بہ ڪئي ويندي آهي، ڪوما مان واپسي جو دارومدار سبب جي شدت، عمر ۽ ڪوما جي عرصي تي هوندو آهي پيشنگوئي ڪرڻ تقريبن ممڪن ناهي هوندو تہ ڪوما ڪيترو عرصو رهندو 

        

No comments:

Post a Comment