Sunday 19 April 2020

خواب جانورن جا ۽ انسانن جا

خواب جانورن جا ۽ انسانن جا

”امتياز علي“

هڪ ڏينهن ۾ اسان جو دماغ ٽن وڏين مختلف شعوري حالتن مان گذرندو آهي. هڪ اها جنهن ۾ اوهان هن وقت آهيو. جيڪڏهن اوهان جي دماغ تي اليڪٽروڊ لڳائي ڪري برين ويو، دماغ لهرون ڏسي سگهجن تہ هر سيڪنڊ ۾ ٽيھ کان چاليھ ڀيرا مٿي ۽ هيٺ ٿينديون رهنديون جيئن تيز دهل وڄي رهيو هجي. 
ان کي فاسٽ فريڪونسي برين ايڪٽيويٽي چيو ويندو آهي. هي پيٽرن بي خيالو ٿيندو. معنيٰ جيڪڏهن ان کي آواز ۾ تبديل ڪيو وڃي (جيڪو ڪري سگهجي ٿو) تہ ان تي ناچ نٿو ڪري سگهجي. ڪو وزن نہ آهي. جڏهن کٽ تي پاسا ورائيندي اوهان ننڊ ۾ هليا ويا تہ هي شعوري حالت ۾ ٿيڻ واري هڪ تبديلي آهي، ان وقت برين ويوز هڪ وڏي ترتيب وار پر سست پيٽرن ۾ هليون وينديون. هي ريم (NREM) ننڊ آهي. ان ۾ اوهان جو شعور آف ٿي ويو. ٽين حالت اها آهي جڏهن اوهان خواب ڏسي رهيا هجو. ان وقت اک تيزي سان هلندي رهندي آهي. ان کي ريپڊ آئي موومينٽ ريم (REM) ننڊ چيو ويندو آهي. هي دماغ جي ايڪٽيويٽي جاڳڻ واري حالت جي ويجهو ويجهو هوندي آهي. ننڊ تي ريسرچ ڪرڻ وارا سولائي سان ٻڌائي سگهن ٿا تہ ڪڏهن خواب شروع ٿيو ۽ ڪڏهن ختم. هڪ رات ۾ سمهڻ وقت نوي منٽ جي سائيڪل ۾ ريم ۽ نان ريم سليپ جو سائيڪل هلندو آهي.

ٻين جاندارن ۾ بہ ائين ئي آهي!؟ 
جيترن بہ جاندارن ۾ اسان پيمائش ڪري سگهون ٿا، انهن مان سڀئي نان ريم جي ننڊ جي حالت جو تجربا ڪندا آهن. پر ڪيڙا، خشڪيءَ ۽ پاڻي ۾ رهندڙ جانور مڇيون ۽ گهڻو رهڙيندڙ جانور ريم جي واضح حالت ۾ داخل ناهن ٿيندا. پکي ۽ مماليا پوري طرح تي ريم جي حالت ۾ داخل ٿيندا آهن. معنيٰ تہ هي خواب ڏسندا آهن. ان مان ظاهر هي ٿيندو آهي تہ ارتقا جي تاريخ ۾ خواب جي انٽري ڪجھ دير کان ٿي هئي. 

ان ۾ الڳ سامونڊي جانور وهيل ۽ ڊولفن آهن. ان جي هڪ سُٺي وجھ سمجھ ۾ ايندي آهي. ريم ننڊ جي دوران اسان جو جسم مڪمل طور تي فالج ٿي ويندو آهي. ائين هئڻ انهي ڪري ضروري آهي تہ جيئن اسان خواب جي منظرن تي ايڪشن پنهنجي ٻانهن ۽ ٽنگن کان نہ وٺو. انهن کي سطح تي اچي ڪري ساھ بہ کڻڻو پوندو آهي. جيڪڏهن هي مڪمل طور تي فالج ٿي وڃن تہ ٻُڏي ويندا.

جيڪڏهن اسان هڪ ٻئي طرح جو گروپ ڏسندا آهيون جنهن ۾ فرسيل جهڙا مماليا جانور آهن جيڪي ڪجھ وقت سمنڊ ۾ هوندا آهن ۽ ڪجھ وقت پاڻي ۾. جڏهن هي زمين تي هوندا آهن تہ انهن جي ننڊ ۾ ريم ۽ نان ريم ٻئي هوندا آهن، جڏهن هي سمنڊ ۾ سمهندا آهن تہ نان ريم يا بلڪل ختم ٿي ويندي آهي يا پهريان کان ڏهين حصي کان بہ گهٽ رهجي ويندي آهي. جڏهن خشڪيءَ تي ايندا آهن تہ پوءِ ريم ننڊ شروع ٿيندي آهي.

ڪنهن وقت اڳ خيال هو تہ بيدا ڏيڻ وارا مماليا جيئن تہ پلاٽيپس ريم ننڊ ناهن رکندا. پر پوءِ خبر پئي تہ هي بہ رکندا آهن، پر ان جو هڪ مختلف ترجمو آهي. ان جو ڪورٽيڪس (دماغ جي ٻاهرين سطح وارو حصو) ان ننڊ جون لهرون ناهي رکندو پر جڏهن ان کي غور ڪري ڏٺو ويو تہ دماغ جي بنياد تي خواب واري ان ننڊ جي خوبصورت برقي ايڪٽيويٽي نظر آئي ۽ هي ڪنهن ٻئي مماليا کان وڌيڪ هئي.

خواب واري ننڊ جي هڪ شڪل تازو هڪ آسٽريلين سانڍي ۾ نظر آئي آهي.

نان ريم ننڊ جي ارتقائي تاريخ گهڻي پراڻي آهي پر ڇا هي ننڊ خواب واري ننڊ کان اهم آهي!؟ ان جو جواب انڪاري ۾ آهي. اسان تيزي سان دريافت ڪري رهيا آهيون تہ ان جي اهميت گرم رت وارن جانورن جي جسم جي گهڙن فنڪشنز ۾ آهي. جذبات جي قاعدي، يا ياداشت جي جماعت، تخليقي صلاحيت، جسم جي گرمي پد جي قاعدي ۽ دل جي صحت جو ان تي اثر پوندو آهي.

ننڊ اهڙي شيءِ آهي جنهن ۾ انسان سڀني ايپس کان بلڪل مختلف آهي. نيو ورلڊ ۽ اولڊ ورلڊ منڪي ۾ سڀني جون ننڊون ڏھ کان پندرهن ڪلاڪن جي دوران آهي ۽ سڀني پرائميٽ ۾ خواب واري ننڊ جو دورانيو نو سيڪڙو آهي.  انسان جي ننڊ اٺ ڪلاڪ آهي ۽ خواب واري ننڊ جو درجو ويھ کان پنجويھ سيڪڙو آهي. تقريبن تمام پرائميٽ وڻن جي ٽامن تي يا گهر ٺاهي سمهندا آهن. گريٽ ايپ پنهنجو گهر هر روز ٺاهيندا آهن. جڏهن تہ انسان زمين تي سمهندا آهن (يا ان کان ٿورو مٿي کٽ، وغيرھ تي). 

زمين تي سمهڻ جو مطلب هي هو تہ خطرا وڌيڪ هئڻ جي ڪري ننڊ جو دورانيو گهٽ ٿي ويو. فطرت جو خوبصورت حل ننڊ جو وڌيڪ گهرو ٿيڻ هو. ان ڪري خواب وارو حصو وڌي سگهندو هو. ڪرڻ جو خطرو نہ هئڻ جي وجھ جي ڪري خواب وارو حصو وڌڻ جو مثبت واسطو تخليقي صلاحيت ۽ جذباتن سان آهي. انسان جي هڪ وڏي خاصيت ان جو شوشل هئڻ آهي. خواب واري ننڊ جذبات ۽ شڪلن کي سُڃاڻڻ جي لاءِ ضروري آهي. هي ان خواب واري حصي جي ننڊ جي وجھ سان ممڪن ٿيو. گهٽ پر گهري ننڊ مان ضرورت پوري ڪرڻ جو مطلب هي رهيو آهي تہ جاڳڻ جي وقت ۾  گهڻائي سان جاڳڻ واري شعوري حالت جي لاءِ گھڻو وقت ملي ويو. تخليقي صلاحيت ۾ بهتري، بهتر معاشرتي واسطا ۽ موجود هئڻ وارو گھڻو وقت.......

خواب تہ ڪيترائي جانور ڏسندا آهن پر انسانن جهڙا نہ. تہ جيڪڏهن چمپينزي يا گريٽ ايپ يا ڪو بہ ٻي قسم چنڊ تي ناهي پهچي سگهي، ڪمپيوٽر ناهي ٺاهي سگهي، ويڪسين ايجاد ناهي ڪري سگهي تہ ان ۾ هڪ وجھ اسان جا خواب آهن. ۽ هي اصطلاح وارا ناهن، سمهڻ ۾ ڏسڻ وارا خواب آهن...!!!


No comments:

Post a Comment