Friday 17 April 2020

وائرس اڄ ۽ ڪالھ

وائرس اڄ ۽ ڪالھ
ترجمو : دريا خان
Add caption

هڪ شڪاري جھنگ مان مليو، هڪ هٿ ۾ بندوق، هڪ ۾ شڪار ٿيل ڀولڙو، اهو ڪيمرون ۾ پنھنجي ڳوٺ ۾ داخل ٿيو، هي منظر روزاني جو آهي جيڪو ڳوٺن ۾ جاري رهندو آهي، خالي آفريڪا ۾ نہ، سڄي دنيا ۾ شڪاري جهنگلي جانورن کي ماريندا آهن ۽ انھن کي گهر ۾ پنھنجي ڀاتين جي کاڌي جي لاءِ يا ويڪرو ڪرڻ جي لاءِ کڻي ايندا آهن، اڄ ان منظر ۾ موڙ اچڻو آهي، شڪاري انکي پنھنجي زال جي حوالي ڪيو تہ اها انجو گوشت بڻائي، انجي زال ڪٽڻ کانپوءِ انجون ٽنگون هڪ لفافي ۾ وڌيون جنھن تي پنج دائرا بڻيل هيا، هي بيگ سائنسدانن جي هڪ ٽيم جي حوالي ڪري ڇڏيو جيڪي اهو کڻڻ آيا هيا، هي” گلوبل وائرل “ جي ٽيم آهي جيڪا ان ۾ موجود وائرس جو چڪاس ڪندي

ان عالمي گروپ جو ڪم اچڻ وارين وبائن جو مقابلو ڪرڻ جو هو، ڪڏهن ڪنهن ڏينهن ڪو وائرس ظاهر ٿيندو، جيڪو وڏي پيماني تي تباهي مچائيندو، ايئن ڪيترا ڀيرا ٿيندو رهيو آهي، ۽ ٿيندو رهندو، ان ٽيم جو ڪم اچڻ وارن خطرن جي اڳواٽ تياري ڪرڻ هو

هي ٽيم ان وائرس جي کوجنا ۾ آهي جيڪو ممڪن طور تي جانورن مان انسانن ۾ اچي سگهن ٿا، انھن کي ڏسڻ جي سٺي جڳھ جانور آهن، جيئن تہ ھي ڀولڙو جنهن کي ڪيمرون جي شڪاري شڪار ڪيو 

هي ادارو 2007ع ۾ آمريڪي وائرولوجسٽ نيٿان وولف قائم ڪيو- چين، ڪيمرون، گانگو، ملئيشيا، مڊغاسڪر سميت ڪيترن ملڪن ۾ سو کان وڌيڪ سائنسدان هي ڪم ڪندا هيا

عالمي وبائن تي ڪيتريون بالي وڊ فلمون ٺهي چڪيون آهن، Andromeda Strain ۾ هڪ شهابو، خلائي پٿر ڪرندو آهي ۽ نئي بيماري کڻي ايندو آهي، Outbreak ۾ آفريقا کان آيل ڀولڙو ڪيلي فورنيا جي شهر ۾ تباهي مچائيندو آهي، ۽ شهر کي بم سان ختم ڪرڻو پوندو آهي، Days Later 28 ۾ وائرس متاثرن کي قاتل پاگلن ۾ بدلي ڇڏيندو آهي، Contagian ۾ دنيا ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيندي آهي، ويڪسن دنيا کي بچائي وٺندي آهي.

حقيقت انھن خيالي ڪھاڻين جهڙي ناهي، انکان وڌيڪ خوفناڪ آهي، مختلف جانورن کان انسانن تائين وائرس ٽپو لڳائي رهيا آهن، پوئينء صدي ۾ ڪيتريون بيماريون اهڙيون آيون آهن، ايڇ آئي وي جيڪا چمپنيزي کان آيو ۽ رت جي رت سان رابطي سان ڦهليو، SIVcpz وائرس انسان ۾ HIV جي صورت ۾ گهر ٺاهيو. 

هڪ ڀيرو هي انسانن ۾ اچي وڃن تہ جلدي ناهين ڦھلجي ويندا، هي سولو نہ آهي، ۽ هي وائرس انسانن ۾ ڪيترا ڀيرا ايندا آهن، ڪڏهن ڪنھن ۾ گهر ڪندا آهن، ميوٽيٽ هوندا آهن، پوءِ وبا وڏي هوندي آهي نظر ايندي آهي 
ايڇ آئي وي جي ان جمپ جو انجي سٺ سال کانپوءِ پتو لڳو، جيڪڏهن اهو پهريان پتو لڳي وڃي جڏهن اهو خالي ٿوري علائق تائين محدود هئي، ڪجھ سو ماڻھن تائين، ڪروڙين زندگيون بچائجي سگھجن پيون

هاڻي اسان بيماريون جلد سڃاڻپ ڪري وٺندا آهيون، 2002ع ۾ هڪ چيني هاري اسپتال داخل ٿيو ۽ تيز بخار کانپوءِ مري ويو، ان علائقي جي ٻين ماڻهن ۾ علامتون نظر اچڻ لڳيون، هڪ هانڪ ڪانگ جو بزنس مين ان بيماري کان متاثر ٿيو ۽ جهاز رستي ۾ لاهيڻو پيو، ۽ انھن جي اتئي موت ٿي وئي، دنيا ۾ هي ڪورونا وائرس جي پھرين ماريندڙ وبا هئي، جنھن ۾ مرڻ جو امڪان ڏھ سيڪڙو هو، اها سارس جي وبا هئي 

ايڇ آئي وي جي تجربي کان فائدو وٺندي ڪجھ مهينن ۾ سارس جو ارتقائي وڻ ۽ تاريخ بڻائجي چڪي هئي، چمڙي کان مشڪ بلاوٗ جي سفر جو خبر ٿي وڃي جي پوءِ انجي خطرن جو علم ٿيو، وقت سر اپاءُ وٺڻ سان انکان ٿيڻ وارين فوتگين جو انگ نو هزار رهيو

نيپاھ وائرس جيڪو دماغ ۾ سوڄ پيدا ڪندو آهي، ڏکڻ اُتر ايشيا ۾ چمڙي سان آيو 

ايبولا خوفناڪ بيماري آهي، انجو شڪار ٿيڻ وارو پنهنجي منھن، نڪ ڪن، اکين مان رت نڪرڻ کانپوءِ مري ويندو آهي، هڪ کانپوءِ ٻيو شڪار، ڇوجو هي پاڙ کان پنھنجي ميزبان کي ختم ڪندو آهي، انڪري وبا وڌيڪ ناهي ڦهلجندي، اها ڪيترن ورهين جي لاءِ ختم ٿي ويندي آهي 
انسان جهنگن ۾ وڃي رهيا آهن، وڻڻ جي ڪاٺي لاءِ، ڊکڻ جي لاءِ، نيئن ٻنين جي لاءِ، اتي جانور ڪيترن ملين سال کان وائرس سان گڏ رهي رهيا آهن، انھن جي اڳتي ٻئي جڳھ وڃڻ جي امڪان ۾ وڌارو ۽ خطرو وڌيڪ ٿي رهيو آهي، اسان وائرس جي دنيا کي وڌيڪ نٿا ڄاڻون، پر ها اهو ڄاڻون ٿا تہ وبائون اينديون آهن 

ايبولا جهڙا وائرس خوفناڪ لڳن پر هي انسانن جي لاءِ ايترو وڏو خطرو ان وجھ سان ناهين، وڏو خطرو انن سان آهي جيڪي ڦهلجڻ جا ماهر آهن، وقت کان پهريان سڃاڻپ ۽ وقت اچڻ تي وڏا ايڪشن نقصان کي گهٽ رکي سگهن ٿا 

سارس ڪورونا وائرس 2 انسانن ۾ 2009ع ۾ آيو، پنھنجي خاصيتن سبب هي عالمي پيماني تي گهڻي وڏي جاني نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿو، پر جتي اسانجي رهڻ جو طريقو وبائون کڻي اچڻ جو خطرو وڌائي رهيو آهي، اتئي ان سان مقابلو ڪرڻ جي لاءِ اسانجا جا ھٿيار ڏينھو ڏينهن بهتر ٿي رهيو آهي، نئي بيماري جي ۽ انجي وجھ جي گھڻي جلدي سڃاڻپ ڪري ورتي آهي، پتو پيو تہ ھي ڪھڙو وائرس آهي، ۽ گھڻي جلدي انجي خبر دنيا کي بہ پئجي وئي، انجي ڦهلجڻ ۽ پکڙجڻ کي روڪڻ جي طريقن جو علم هو، جلدي ئي هي سڄي دنيا ۾ اهوئي طريقا اپنايا ويا، عام زندگي جي مطالعي ان وائرس جي اڳتي وڌڻ ۾ گھڻي رنڊڪ وڌي آهي 
وائرس مقابلو انسان، انسان کي هاڻي ڪاميابي حاصل آهي، چين جو ڪورونا وائرس ۽ آمريڪا جو ڪورونا وائرس پاڻ ۾ معلومات جي ڏي وٺ نٿا ڪري سگهن، چيني ۽ آمريڪي ڪري سگهن ٿا، اطالوي ڊاڪٽر جو ميلان، اٽلي مان پتو ڪندا آهن، انجو فائدو کڻندي ايراني ڊاڪٽر تهران ۾ ڪنهن جي زندگي بچائي سگهن ٿا، جيڪا پاليسي ڪوريا ۾ ڪامياب رهندي آهي انکي برطانيا ۾ اپناجي سگھجي ٿو، هي پاڻ ۾ رابطي جي طاقت آهي، جيتوڻيڪ ان نئي وائرس کان ٿيڻ واريون فتگيون وڏي انگ ۾ ٿينديون،  ڌاڳ معاشرتي تي انجا لڳايل زخم وڏا هوندا، 
پر عالمي سهڪار ڀروسو ۽ عمل هي ممڪن بڻائي سگهن ٿا تہ ھي وبا ايندڙ تاريخ ۾ هڪ فٽ نوٽ هجي 
جيڪڏهن معلومات جي ونڊ نہ هجي ها تہ، پتو نہ هجي ها تہ ڪورونا ڇا آهي، وقت سر اپاءُ نہ ورتا وڃن ها تہ هن وقت تائين وڏو جاني نقصان ٿي چڪو هجي ها ۽ ويڙھ اڃان جاري آهي، وائرس مقابلو انسان، ڪورونا وائرس جي هاڻوڪي وبا ان قديم تڪرار جو هڪ ٻيو باب آهي 

No comments:

Post a Comment