Friday 24 January 2020

جنسي ميلاپ ۽ خلوي تقسيم، ورڇ

جنسي ميلاپ ۽ خلوي تقسيم، ورڇ

خلوي ورڇ ٻن طرح  جي هجي ٿي مائيٽوسس ۽ ميوسس، نر ۽ مادي جي ارتقاء لاءِ ضروري آهي تہ خليا ميوسس جي ذريعي ورڇ تقسيم ٿيڻ سکي وٺن، ڇوجو ان طرح سان اڌ ڪروموسومز وارا خليا ٺھندا آهن جيڪي پاڻ ۾ ملي ڪري نئي نسل بڻائي سگهن ٿا، ان لاءِ نر ۽ مادي جي ارتقاء کي سمجھڻ لاءِ ضروري آهي تہ اسان ڏسون تہ ميوسس جي شروعات ۽ ارتقاء ڪڏهن کان ٿي، ميوسس جي شروعات اڄ کان ٻارهن سو ملين سال اڳ هڪ خلوي unicellular جاندارن ۾ ٿي، ان بابت ٻہ نظريا آهن، هڪ تہ اهو تہ شروعات سادي خلين ۾ ڊي اين اي جي منتقل Transfer جي هڪ طريقي ٽرانسفارميشن جي وسيلي ٿي، ھن طريقي ۾ هڪ خليو ٻئي خلي سان سڌو سنئون ڊي اين اي وٺندو آهي، انجي مطابق خلي ٻن مخلتف خلين مان ٻہ مختلف ملندڙ جلندڙ ڊي اين اي وٺي ڪري ۽ جوڙ ڪري پنھنجي شروعات سکي، اهو بلڪل ايئن آهي جيئن ماءُ ۽ پيءُ جي جنسي خلين جو ڊي اين اي گڏ ٿي ڪري ٻار جي بنياد رکندو آهي، انجي حق ۾ ثبوت اهو آهي تہ هڪ خلوي جاندار ۽ انسان جھڙا پيچيدھ گڏيل خلوي جاندار سڀ ميوسس جي لاءِ هڪ ئي طرح جي جينز ڊي اين اي ٽڪڙا استعمال ڪندا آهن. ٻيو اهو خيال آهي تہ ميوسس اصل ۽ مايٽوسس ئي جي ترقي ڪيل شڪل آهي، انجي حق ۾ دليل اهو آهي تہ جڏهن اوهان خلوي ورڇ کي خوردبین ۾ ڏسندا تہ ڪروموسومز جا جوڙا ٺھندي ۽ حرڪت ڪرڻ جو انداز ميوسس ۽ مايٽوسس ۾ هڪ جھڙو آهي، اهو اي نہ ماليڪيولز جي سطح تي ئي ٻهي هڪ ئي طرح جا ميڪانزم استعمال ڪندا آهن 
اڄ بہ ڪجھ هڪ خلوي جاندار مثال خمير ۽ سڀهي خاص گڏيل خلوي جاندار ميوسس کي شروع ٿيڻ تہ ٻارهن سو ملين ورهين ٿيا پر گڏيل خلوي جاندارن جي شروعات صرف ساڍا پنج سو ملين ورهين اڳ ٿي، زمين جي عمر ساڍا چار هزار ملين ورهين آهي گڏيل خلوي جاندارن مان اڳ ميوسس يا جنسي واڌويجھ نسل خالي سادن جاندارن ۾ ٿي. نر ۽ مادي جي مرضي وڏي جاندارن لاءِ آهي ڪجھ ننڍا گڏيل خلوي جاندارن ۾ جيڪي جنسي ورڇ ڪري سگھن ٿا انھن ۾ نر ۽ مادي جي جڳھ مثبت ۽ منفي ڇڪ جي اصطلاح استعمال ٿيندي آهي انجي وجھ اها آهي تہ انھن جي جنسي خلين ۾ اوهان ان طرح جي مرضي نٿا ڪري سگهو جنھن طرح انسانن ۾ اسپرم ۽ آني ۾ ڪري سگھون ٿا، ڪجھ گڏيل خلوي جاندار غير جنسي طريقي سان بہ واڌويجھ نسل ڪري سگھن ٿا مثال، الجي خمير وغيرھ ان ۾ بہ نر ۽ مادي جي مرضي موجود آهي، گڏيل خلوي جاندارن ۾ اندروني جنسي عضون جو بنيادي ڍانچو هڪ جهڙو آهي پر ٻاهرا جنسي عضوا مخلتف آهن، ٻاهرين جنسي عضون جي ضرورت تڏهن پوندي آهي جڏهن ڪجھ جاندارن پاڻي مان نڪري ڪري خشڪي تي پير رکيا، پاڻي ۾ تہ نر ۽ مادي پنھنجا جنسي خليا هڪ جڳھ کان نيڪال ڪري سگھن پيا، جتي اهوئي پاڻي ۾ ئي ملي ڪري نيا جاندار بڻائي ڇڏين پر خشڪي تي ائين ڪرڻ ممڪن نہ هئو، انڪري نر مادي جي جسم ۾ جنسي خلين کي نيڪال ڪرڻ شروع ڪيو، ان ڪم جي لاءِ ٻاهرن جنسي عضون جو ارتقاء پوئين ٽنگن سان گڏ شروع ٿيو، انھن جي بڻجڻ کي رحم مادر ۾ ايمبريو جي جڳھ ۾ وڏي آنڊي جي هيٺين حصي تي پروٽينز ڪنٽرول ڪندا آهن ڪجھ تجربن ۾ حب ايمبريو ۾ آنڊي جي هيٺين حصي کي پنھنجي جڳھ کان هٽايو ويو تہ جنسي عضوا بہ پنھنجي جڳھ کان هٽي ڪري بڻيا، وڌيڪ ڪڙي تان 
Group #ScienceJeDuniya 

No comments:

Post a Comment