Friday 24 January 2020

ميچيو ڪاڪُو

ميچيو ڪاڪُو
”دريا خان“

”ڪائنات جي هر شيء جيان سائنسدان بہ ايٽم مان ٺھيل هوندا آهن پر هڪ فرق آهي، سائنسدان اهو ايٽم آهن جيڪو پاڻ پنھنجي پاڻ کي سمجھڻ جي لاءِ سفر ۾ نڪتل هجي ٿو، ايٽم ايٽم ئي دريافت ڪري رهيو هوندو آهي، ڪائنات جو هڪ حصو پاڻ ڪائنات کي ڳولهي رهيو آهي.“
”سورهين صدي جي هڪ فلسفي جو قول منھنجي تجربن ۾ گھڻو مدد ڪندو آهي، مشل ڊي مونٽين هڪ ڀيرو لکيو تہ جڏهن مان پنھنجي ٻلي سان کيڏندو آهيان، ڇا خبر حقيقت ۾ ٻلي مون ساڻ کيڏي رهي هجي، گھڻو ڀيرا حقيقت ابتڙ هجي ٿي.“
”جنھن فيلڊ ۾ بہ پير رکيو ان فيلڊ جي ڪنھن ماهر جو هٿ پڪڙي رکيو، اها فيلڊ اوهان تي پنهنجو راز کوليندي“

هي سڀ قول ميچيو ڪاڪو نالي مشھور سائنسدان جا آهن جيڪو دنيا جي ڪجھ عظيم ترين نظرياتي سائنسدانن منجھان هڪ آهي آئنسٽائين جي نامڪمل ڪم ”نظريہ ڪماليت“ ٿيوري آف ايوري ٿنگ کي پورو ڪرڻ جي مشن تي آهي ۽ ايتري گھرائي ماڻي چڪو آهي ڪجھ ماڻھن تہ انکي آئنسٽائين سان مشابط ڪيو آهي 
جاپاني آمريڪن پس منظر رکندڙ ميچيو دنيا جي سڀ کان وڏي يونيورسٽي”سٽي يونيورسٽي آف نيويارڪ“ ۾ پي ايڇ ڊي شاگردن جي نگراني هيٺ ڪيترن ئي سالن کان آئنسٽائين جي اڻپوري رهجي ويل مشن تي آهن، هاڻ انھن جي عمر 73 سال آهي ۽”اسٽرنگ فيلڊ ٿيوري“ جي بانين مان هڪ آهن، فلحال دنيا جي سڀ کان وڏي مشن”لارج هيڊرون ڪولائيڊر سرن ليب ۾ هگ بوسن پارٽيڪل جي دريافت هڪ اهم پيش رفت آهي، 24 جنوري 1947ع ڪيليفورنيا آمريڪا ۾ پيدا ٿيندڙ فزڪس جو سائنسدان تعليم هارورڊ يونيورسٽي مان بي ايس سي 1968 ۽ يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا بريڪلي مان پي ايڇ ڊي 1972ع ۾ ڪئي جنھن فزڪس بابت ڪيتريون ئي ڪتابون لکيون ريڊيو ٽي وي تي سائنس جي علم کي اڳتي وڌايو، جنھن ۾ بي بي سي، ڊسڪوري چينل، دي سائنس چينل، هسٽري چينل ۽ سينس چينل بہ شامل آهي ۾ خدمتون ڏنيون ۽ ڪيتريون ئي ڪتابون جن ۾  فزڪس آف دي فيوچر، دي فيوچر آف دي مائينڊ، دي فيوچر آف هيومنٽيي، هائپر اسپيس ۽ ڊاڪومينٽريون ڏيندڙ سائنس جي علم کي عوام تائين پهچائيندڙ ان عظيم انسان جو اڄ 73 جنم ڏينھن آهي

#MichioKaku Group #ScienceJeDuniya

No comments:

Post a Comment