Thursday 23 January 2020

ڪرونا وائرس ۽ وائرسن جو جاندارن کي متاثر ڪرڻ

ڪرونا وائرس ۽ وائرسن جو جاندارن کي متاثر ڪرڻ
”دريا خان“

ڪرونا وائرس اهڙو وائرس آهي جيڪو زڪام، کھنگ، دمو پيدا ڪري ٿو، جيڪو وائرس جي قسم يا خاندان آهي پر ان قسم جي وائرسن مان خالي ڇھ اهڙا آهن جيڪي انسان کي متاثر ڪندا آهن، هاڻي تائين دريافت ٿيندڙ اهو وائرس ستو وائرس آهي، انکان اڳ چين ۾ ٻہ هزار ٻہ ۾ مدافعت نظام کي گھڻو نقصان پهچائيندڙ بيماري”سارس“ نالي جيڪا ڪرونا وائرس ڪارڻ ئي پيدا ٿي هئي جنھن اٺ هزار ماڻھن کي پنھنجو شڪار بڻايو هئو، جڏهن بہ ڪو نيو وائرس دريافت ٿيندو آهي تہ اهو اندازو لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي تہ بيماري جون علامتون ڪيتريون خطرناڪ آهن، نيا وائرس هميشہ سامهون ايندا رهندا آهن اهوئي ڪنھن جاندار ۾ هجن ٿا ان جو پتو گھٽ ملي ٿو ان سان اهو انسانن ۽ ٻين ڏا وڃي ٿو جيڪڏهن ماضي ۾ بہ اسان ڏسون تہ ڪو بہ نيو وائرس انسانن ۾ آيو آهي تہ اهو مختلف جاندارن مان ئي ملي ٿو، سارس وائرس سيويٽ ڪيٽ نالي جانور مان انسان ڏا آيو، جيڪڏهن هڪ دفعو اهو پتو پئجي وڃي تہ وائرس ڪنھن جانور کان انسان ۾ آيو تہ انجو علاج ڪرڻ سولو ٿي وڃي ٿو، ڪرونا وائرس مماليا جانورن ۾ پاتو وڃي ٿو، ھي نيو وائرس انسان مان انسان ۽ علاج ڪندڙن ۾ بہ هليو ويو آهي، جنھن جو سبب لاعلمي هئو. ڦڦڙن کي متاثر ڪرڻ وارن وائرسن بابت اهو خيال آهي تہ اهوئي کھنگ، زڪام دمي جا ڪارڻ بڻبا آهن جيڪو وائرس جي ڦهلجڻ جو سبب بڻجندا آهن، وائرس هڪ دفعو انساني خلين ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ پنھنجي اندر مختلف تبديلون پيدا ڪن ٿا جيڪو پڻ ماهرن لاءِ پريشان ڪندڙ هجي ٿو،

*احتياطي تدابيريون*

مرغي يا گوشت وٺڻ شرط انکي سٺي نموني صفا ڪجي. 
متاثر جانورن جو گوشت نہ کائڻ گھرجي. 
متاثر ماڻھون جنھن کي زڪام هجي انکي حفاظتي ماسڪ لازم استعمال ڪرڻ گھرجي، ۽ انکي خاندان جي ٻين ماڻھن کان ڌار ڪيو وڃي. 
متاثر ملڪن ۾ جانورن ۾ هٿ وجهڻ کانپوءِ سٺي نموني هٿ ڌوئجن. گھڻو وقت زڪام، کنگھ، دمو رهڻ شرط ويجھي ڪنھن ڊاڪٽر سان رابطو ڪريو،

هي پيغام سائنس جي دنيا سٿ پاران ڪرونا وائرس بابت اڳواٽ آڳاهي آهي 

#Coronavirus Group #ScienceJeDuniya

جراثيم اسانکي بيمار ڇو ڪندا آهن

No comments:

Post a Comment