Wednesday 15 January 2020

ڌرتي تي سج کان بہ اڳ قديم مادي جي دريافت

ڌرتي تي سج کان بہ اڳ قديم مادي جي دريافت
:دريا خان 

تازو شڪاگو آمريڪي سائنسدانن موجب سندن زمين تي قديم
 مادو ڳولهي لڌو آهي جيڪو پنج ارب سال کان وٺي ڪري ست ارب سال تائين قديم آهي جڏهن تہ سج سميت اسانجي سڄي نظام شمسي جي پنھنجي عمر چار ارب سٺ ڪروڙ سال آهي. 
اھو مادو پوئين ڪيترن ئي ارب سال کان هڪ خلائي پٿر ۾ اندر موجود هو جيڪو گھڻو ڪري ڪنھن ٻئي ۽ ڏورانهن تاري ۾ ٺهيو ۽ ڪن سببن جي ڪري اتان کان خلا ۾ گھمندي زمين جي ڪشش ثقل هيٺ اچي ويو ۽ 1969ع ۾ آسٽريليا جي هڪ ويران غلائقي ۾ شهاب ثاقب يعني خلا پٿر جي شڪل ۾ اچي ڪريو، جنھن کانپوءِ ماهرن جي ٽيم جانچ ڪرڻ کانپوءِ ڏٺو تہ اهو زمين تي ڪرڻ کان اڳ ڪيترائي ٽن وزني هو پر زميني فضا سان رڳڙجڻ ۽ گھڻي تيز رفتاري ڪارڻ گولي جيان زميني سطح تي اچي ڪريو جنھن سبب انجو ڪجھ حصو خاڪ ٿي هوا ۾ پکڙجي ويو پر پوءِ بہ سو ڪلو گرام جيترو ٽڪڙو زمين تي ثابت اچي ڪريو جيڪو آسٽريليا ۾ اچي ڪريو هيو. (شڪاگو فيلڊ ميوزيم آف نيچرل هسٽري) پاران ان خلائي پٿر جو ٻاونجاھ ڪلو گرام وزني حصو تحقيق ڪرڻ واسطي آمريڪا گهرايو، جيڪي اهو پتو لڳائڻ چاهين پيا تہ ان ۾ خاص مادو ڪيترو قديم پراڻو آهي، انکان اڳ ماهرن فلڪياتدانن ڪيترن ئي خلائي پٿرن جي اندر موجود قديم مادن جو پتو لڳائي چڪا آهن. جن ۾ ڪجھ اسانجي سج کان بہ وڌيڪ قديم ڏٺا ويا آهن اهوئي ماده گھڻي ٿورڙي ريشي ۾ ۽ خوردبيني ذرڙن جي شڪل ۾ هجن ٿا جن کي”پري سولرز گرينز“ يعني سج کان بہ وڌيڪ قديم چيو ويندو آهي، ماهرن موجب هاڻوڪي خلائي پٿر مان ملندڙ مادو نہ خالي اسانجي پنھنجي نظام شمسي بلڪ هاڻ تائين جي ڪنھن بہ ٻئي خلائي پٿر مان ملڻ واري مادي کان بہ قديم آهي، ڊيٽنگ جي جديد ۽ حساس طريقن کي استعمال ڪندي ماهرن اهو ڳولهي لڌو آهي تہ اهو مادو گهٽ ۾ گهٽ پنج ارب سال ۽ وڌ ۾ وڌ ست ارب سال قديم آهي، 
جيڪا دريافت انڪري بہ اهم سمجھي پئي وڃي تہ ڇوجو ان وسيلي اسانکي نہ صرف تارن ۽ نظام شمسي بلڪ گڏيل طور ڪائناتي ارتقاء کي بہ سٺي نموني سمجھڻ ۾ گھڻي مدد ملندي.

No comments:

Post a Comment