Tuesday 21 January 2020

چنڊ جي مٽي مان آڪسيجن ٺاهڻ وارو پلانٽ تيار

چنڊ جي مٽي مان آڪسيجن ٺاهڻ وارو پلانٽ تيار 

انسان چنڊ تي آباد ٿيڻ گهري ٿو انکي ڏسندي يورپي ماهرن هڪ ننڍو پلانٽ ٺاهيو آهي جيڪو چنڊ جي مٽي مان آڪسيجن نيڪال ڪري سگھي ٿو جيئن تہ چنڊ جي مٽي کي چنڊ گرهن ريگوليٽ - پڪي مٽي بہ چيو ويندو آهي اپالو مشن پاران چنڊ کان کڻي واپس ايندڙ نمونن جو مطالعو جاري آهي جيڪو اپالو مشن مان زمين تي نيو ويا هئا تحقيق مان ثابت ٿيو آهي تہ چنڊ جي پٿرن ۾ چاليھ سيڪڙو آڪسيجن موجود آهي پر چند جي مٽي ۾ موجود آڪسيجن اهڙي ناهي جنھن کي ساھ کڻڻ لاءِ ڪتب ڪري سگھجي ڇالا آڪسيجن تہ ميٽل- ڌاتو معدن ۾ بند هوندي آهي هاڻ يورپي خلائي تحقيقي ٽيڪنالاجي سينٽر هڪ ننڍو پلانٽ جوڙيو آهي جيڪو چنڊ گرهن پٿر ريگوليٽ مان ڪتب ايندڙ آڪسيجن نيڪال ڪري سگھي ٿو 
ماهرن پگهريل لوڻ جي  الیڪٽرولیسس جي عمل کي استعمال ڪيو آهي، ان ۾ انھن پھريان چنڊ جي مٽي کي هڪ پيالي ۾ وجھي پوءِ ڪيلشيئم ڪلورائڊ لوڻ کي نو سو پنجاھ پد سينٽي گريڊ تي گرم ڪري پگهلائي مٽي ۾ ملايو، ان گرمي تي بہ ريگوليٽ پڪو ئي رهيو انکان  پوءِ جڏهن ان ۾ هلڪي بجلي شامل ڪئي وئي تہ چنڊ جي انھن پٿرن ۾ آڪسيجن نيڪال ٿيڻ لڳي ان عمل ۾ پگھريل لوڻ بجلي گذرڻ ۾ اليڪٽرولائٽ جيان مدد ڪئي ۽ آڪسيجن ان جي هڪ پاسي يعني اينوڊ تي جمع ٿيندي وئي، ان ننڍي پلانٽ مان ثابت ٿيو تہ چنڊ جي مٽي مان آڪسيجن نيڪال ڪرڻ ممڪن آهي جنھن کي اڃان وڌيڪ بھتر ڪري انسانن جي لاءِ چنڊ تي آڪسيجن جي تياري ڪري سگھجي ٿي ان ڪاميابي کانپوءِ سائنسدانن جي ٽيم ان منصوبي کي وڌيڪ سٺو بنائڻ تي هاڻي ڪم ڪندا.

#MoonOxygen #LunarSoilRegolith
Group #ScienceJeDuniya

No comments:

Post a Comment