Saturday 18 January 2020

تارا يا گيس جا ڪڪر

تارا يا گيس جا ڪڪر
ترجمو: دريا خان

ماهرن فلڪياتدانن پاران اسانجي ملڪي وي ڪهڪشان جي مرڪز ويجھو ئي ڪجھ اهڙا فلڪي جسم دريافت ڪيا آهن جيڪي ڏسڻ ۾ تہ گيس جا ڪڪر آهن پر انھن جو عمل بلڪل تارن جھڙوڪ آهي جن کي يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا، لاس اينجلس جي ماهرن فلڪيات جي هڪ سٿ دريافت ڪيو آهي اهوئي عجيب ڏسڻ ۾ ايندڙ فلڪي جسم جو (جي آبجيڪٽ) نالو رکيو ويو آهي اسانجي ڪهڪشان جي مرڪز ۾ پاتو ويندڙ وڏي بليڪ هول جنھن کي سپر ميسيو بليڪ هول چيو ويندو آهي جي ويجھو وڏي تيزي سان چڪر ڪاٽي رهيو آهي جڏهن تہ انجو مدار گھڻو بيضوي يعني آني جيان آهي، پنهنجي مدار ۾ جڏهن انھن ”جي جسمن“ جي وٿي ڪهڪشاني مرڪز واري وڏي بليڪ هول کان وڌيڪ هوندو آهي تہ اهوئي گول حالت ۾ ڪنھن تاري جيان گڏيل رهندا آهن پر جيئن جيئن هي ان جي ويجھو ٿيندا آهن، ايئن ايئن هي پکڙجي ويندا آهن ۽ وڏي بليڪ هول جي وڌيڪ ويجھو هجڻ تي اهوئي ڪنھن وڏي وسي گيسي ڪڪر جيان پکڙجي ڪري ڦهلجي ويندا آهن.جي آبجيڪٽس نالي انھي قسم جو عمل اسانجي نظام شمسي ۾ ڏيک ڏيندڙ پڇ وارن تارن ڪوميٽن جيڪي سج جي ويجھو هجن ٿا ملندڙ جلندڙ آهن پر ان جي مقابلي ۾ گھڻي وڏي پيماني تي ۽ گھڻي توانائي جي حالت ورتل آهن
سج جي ويجھو پڇ وارن تارن جو مدار گھڻو بيضوي آني جيان هجي ٿو جنھن ڪارڻ اهوئي پنھنجي مدار جو ڪجھ حصو سج کان پري، گھڻي ٿڌ ۽ اونڌھ واري ماحول ۾ گذاريندا آهن، پر جيئن جيئن اهوئي سج جي ويجھو ايندا آهن، تہ انھن جي رفتار بہ وڌندي ويندي آهي
اهوئي سج جي گهڻي پد سان گرم ٿي ڪري خاڪ ۾ بدلجي ويندا آهن ۽ اسانکي پڇ وارن تارن جي شڪل ۾ نظر اچڻ شروع ٿيندا آهن هڪ پڇ واري تاري جو پڇ ان وقت سڀ کان وڏو هجي ٿو جڏهن اهو سج جي گھڻو ويجھو وڃي ٿو. يعني جي آبجيڪٽس کي پاڻمرادو سمجھڻ جي لاءِ اسان پڇ واري تارن جي مثال وٺندا آهيون، پر پڇ وارا تارا اصلي تارا نٿا هجن، جڏهن تہ”جي جسمن“ ۾ هڪئي وقت تارن ۽ گيسي ڪڪرن واريون خاصيتون گڏ هونديون آهن، جي آبجيڪٽس دريافت ڪندڙن ماهرن جو چوڻ آهي تہ انھن مان ڪجھ جسم خالي سو سال ۾ ڪهڪشاني مرڪز وارا سپر ميسيو بليڪ هول جي ويجھو هڪ چڪر پورو ڪري وٺندا آهن جڏهن تہ ڪجھ جسمن کي هڪ چڪر لڳائڻ ۾ هڪ هزار سال لڳي ويندا آهن، هاڻي تائين ان قسم جا ڇھ فلڪي جسم دريافت ٿي چڪا آهن جنھن کي جي هڪ کان وٺي ڪري جي ڇھ تائين عارضي نالا ڏنا ويا آهن انھن مان پھريان ٻہ فلڪي جسم ٻہ هزار پنج ۾ دريافت ڪيا ويا هئا، جنھن کي بہ اهڙا تارا سمجهو ويو هيو، جيڪي ٻن تارن جي پاڻ ۾ ٽڪراءُ سان ٺھيل هجن ٿا هنن مھينن جي دوران ان قسم جا وڌيڪ جسمن جي دريافت سان ماهرن کي اندازو ٿيو تہ شايد انھن خلا ۾ پاتا ويندڙ جسمن جو هڪ بلڪل نيو قسم ڳولهي لڌو آهي، ان دريافت ۽ انجي بابت فلڪياتي بحث جا تفصيل نيچر جي تازي شماري ۾ پڌرا ڪيا ويا آهن، 

Group #ScienceJeDuniya Page #ScienceJeDunya 

#G objects and stars orbiting the #supermassive #blackhole at the center of our #Galaxy

No comments:

Post a Comment