Tuesday 12 November 2019

سڀ کان وڏو ڪير

سڀ کان وڏو ڪير
”دريا خان“

اها ڳالھ اوھان لاءِ حيرت جوڳي هوندي تہ هاڻ تائين جي حياتياتي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو جانور ڪو ڊائنوسارز نہ هئو بلڪ سمنڊ ۾ پاتو ويندو هڪ مماليا آهي، ۽ اهو بہ ماضي جو نہ بلڪ حال جو مماليا جنھن کي اسان نيري مڇي”بلو وهيل Blue whale“ سمنڊ جي راڻي سان سڃاڻون ٿا. نيري وهيل جي لمبائي سئو فٽ ۽ انجو وزن هڪ سئو اسي ٽن تائين هوندو آهي، هڪ ٽن ۾ هزار ڪلوگرام هوندا آهن ائين چئجي سگھجي ٿو ان نيري وهل جو وزن ٻہ لک ڪلو گرام کان ڪجھ گھٽ هوندو آهي، اهو ايترو وزن آهي جو هاڻي تائين معلوم ڪنھن بہ وڏي ڊائنوسارس جي وزن کان بہ گهٽ ۾ گهٽ ٻيڻو آهي. ياد رهي تہ جاندارن جو تخمو انھن جي جسامت بجائي انجي وزن جي حساب سان ننڍو يا وڏو شمار ڪيو ويندو آهي. ائين جيڪڏهن اسان جسامت جي حساب سان ڏسون تہ بہ نيري وهيل کان وڌيڪ جانور گهٽ ئي پاتا ويندا هئا. پر انجو اهو ڪارڻ ناهي تہ ڪو جانور پاتو ئي نہ ويندو هئو. اڄ کان تقريبن پندرهن ڪروڙ سال اڳ”جراسي عهد ۾“ زمين تي خشڪي جا عظيم جانور موجود هئا، اسان انھن جانورن کي ڊائنوسارس جي نالي سان سڃاڻون ٿا، جراسي عهد وڏي گچي وارا ڊائنوسارس گھڻي ڀاڳي وڏا هئا، زمين جي تاريخ ۾ خشڪي جي وڏا جانور نہ پھريان ڪڏهن پيدا ٿيا ۽ نہ انھن کان پوءِ هاڻ تائين پيدا ٿيا آهن. اڄ کان ڪجھ عرصو اڳ وڏو ۽ لمبائي جي حساب سان جانور هجڻ جو اعزاز ”ڊپلوذوڪس diplodocus“ نالي ڊائنوسارس کي حاصل آهي. جنھن جي لمبائي 82 ٻياسي فٽ هئي. ظاهر آهي تہ زندگي جي دوران ان جي ھڏن تي گوشت ۽ کل بہ موجود هوندي جنھن کي شامل ڪرڻ کانپوءِ ان جانور جي لمبائي گهٽ ۾ گهٽ 90 نوي فٽ تائين رهي هوندي. پر 2014ع ۾ ارجنٽينا ڏکڻ آمريڪا کان دريافت ٿيل هڪ وڏي ڳچيءَ وارو ڊائنوسار جي باري ۾ ماهرن جو چوڻ آهي تہ انجي لمبائي هڪ سئو ٽيھ فٽ تائين رهي هوندي. هي تہ ٿي ويو انھن جانورن جو ذڪر جن جي ڍانچن جا وڌيڪ حصا دريافت ٿي چڪا آهن. پر ڪجھ اھڙا بہ ڊائنوسارز بہ مليا آهن جن مان پتو پيو آهي تہ اهوئي اڻ يقين حد تائين وڏا هئا. پر انھن کي انھن عظيم ڊائنوسارن ۾ شمار ناهي ڪيو ويندو، ڇوجو انھن جي ڍانچن جا گهڻا ئي گهٽ حصا دريافت ٿي سگھيا آهن. جنھن سبب ماهرن کي انھن جي جسامت جو صحيح اندازو لڳائڻ ۾ مشڪل رهي آهي، جيڪڏهن انھن جي ڍانچن جي حصن کي ٻين ڊائنوسارس جي ڍانچن جي حصن سان لاڳاپو ڪرڻ کانپوءِ انھن جي جسم جي ڪل لمبائي جو اندازو لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي تہ غير معمولي جواب ملندا آهن. انھن ڊائنوسارز مان هڪ ڊائنوسار”بروٿ ڪيوسارس Bruhathkayosaurus“ هئو جنھن جي لمبائي هڪ سئو 45 تاليھ فٽ جڏهن تہ وزن 2 سئو ٽن، نيري وهيل کان بہ گھڻو وزني هئو، هڪ ٻيو ڊائنوسارس”ايمفي ڪومڪياس Amphicoelias“ بابت خيال ڪيو ويندو آھي تہ انجي لمبائي هڪ سئو 93 فٽ تائين رهي هوندي، جنھن جو وزن گهٽ ۾ گھٽ هڪ سئو 22 ٽن تائين هئو. اها ڳالھ بہ دلچسپي کان خالي ناهي تہ ڊائنوسارس کانپوءِ خشڪي جو عظيم جانور ڪو هاٿي ناهي بلڪ هڪ قسم جو گينڊو هئو، جنھن کي اسان”بلوچي ٿيريم Baluchitherium“ جي نالي سان سڃاڻون ٿا. ان عظيم ڊائنوسارس جا ڍانچا هاڻوڪي بلوچستان مان دريافت ٿا هيا،

ان بابت

No comments:

Post a Comment