Pages

Saturday 2 November 2019

بلوچي ٿيريم Baluchitherium

بلوچي ٿيريم Baluchitherium
ترجمو: دريا خان

هاڻوڪي بلوچستان ۾  اڍائي ڪروڙ سال اڳ هڪ وڏو جانور، بلوچستان جي قديم ٻيلن جھنگلن ۾ رهندو هئو. جنھن کي ماهرن”بلوچي ٿيريم Baluchitherium “جو نالو ڏنو، اوهانکي حيرت ٿيندي تہ جابلو ۽ ويران بلوچستان ۾ ٻيلا؟ اها وري ڪھڙي ڳالھ آھي. پر اها حقيقت آهي تہ لکين سال اڳ بلوچستان هڪ سائو علائقو هئو جتي مينھن وسندا هئا ۽ شاخن ۾ پاڻي پڻ وهندو هئو. بلوچي ٿيريم جو واسطو کير ڏيندڙ جانورن جي خاندان، يعني مماليا سان آهي جيتوڻيڪ زمين جي ٻاويھ ڪروڙ سال اڳ جوڙجڪ ٿي، پر اهو زمانو ڊائنوسارز ۽ انکان اڳ پاتا ويندڙ رهڙيندڙ رپٽائلز جو هئو، جيئن هاڻوڪي نانگ، ماگر مڇ، ڪمي،ڪرڙي وغيرھ آهن. ڊائنوسارز گھڻو ڪري وڏي جسامت وارا جانور هئا، پر مماليا جي ڀيٽ آنا ڏيندا هئا، هي پنھنجي اندروني پد لاءِ ماحول جي گرمي تي ڀاڙيا هئا، هاڻي کان ساڍا ڇھ ڪروڙر سال اڳ زمين تي ارضياتي ۽ ماحولياتي تبديليون ٿيون، جنھن سبب خشڪي تي موجود وڏن نسلن وارا ڊائنوسارز گھڻي ڀاڱي ختم ٿي ويا. ان خطرناڪ تبديلي حياتياتي انقلاب کانپوءِ مماليا کي اڳتي وڌڻ جو موقعو ڏنو ۽ اڄ گھڻي ڀاڱي زمين تي مماليا جو عروج آهي، مماليا خاندان ۾ بلوچي ٿيريم خشڪي تي سڀ کان وڏي قد وارو جانور سمجھو ويندو هيو، ائين انھي ريت سمنڊ ۾ وهيل مڇي، مماليا جي وڏي جسماني قسم آهي. بلوچي ٿيريم جي دريافت ائين ٿي جو 1911ع ۾ هڪ انگريز سائنسدان ضلع بگٽي بلوچستان جي جبلن ۾ ملڻ وارين هڏين جو مطالعو ڪري رهيو هئو، ان هڪ جڳھ گنڊوئي چوڪي مان ڪجھ اهڙيون هڏيون کوٽي ڪري ڪڍيون جيئن ظاهري طور گينڊي جيان لڳي رهيون هيون، پر انجي جسامت هاڻوڪي گينڊي کان وڏي هئي، ڇوجو مڪمل ڍانچو اڃان نہ مليو هئو انڪري صحيح جسامت جو اندازو لڳائڻ اڃان نہ ٿي سگھيو، پر سائنسدان ان جانور جو نالو بلوچي ٿيريم رکيو، انکان ڪجھ عرصو پوءِ آمريڪي سائنسدانن جي هڪ ٽيم منگوليا واري علائقي ۾ انھي قسم جون ٻيون بہ هڏيون لڌيون، جن ۾ هڪ مڪمل مٿو شامل هئو، ضلع بگٽي ۽ منگوليا مان ملڻ واريون هڏيون هڪ ٻئي سان هڪجهڙائي رکندڙ هيون. انھن سڀني کي جوڙي ڪري هڪ نئي جسامت جي جانور جو ڍانچو پورو ٿيو، جنھن مان پتو پيو تہ بلوچي ٿيريم گھٽ ۾ گھٽ سترهن فٽ ڊگھو هئو، جيڪڏهن منڍي مٿي ڪري ها تہ تقريبن پنجويھ فٽ وڏي وڻ جا پتا سولائي سان کائي پئي سگھيو، ايترو وزني هجڻ ڪارڻ بہ بلوچي ٿيريم تيزي سان ڊوڙي پئي سگھيو،  بلوچي ٿيريم جو مٿو ۽ ٻيا ڍانچن جي بناوت، خاص ڪري ڏندن مان صاف ظاهر آهي تہ انجو واسطو گينڊي جي خاندان سان هئو، پر هاڻوڪي گينڊي جي نسبتن انکي سڱ نہ هئا، انھي طرح انکان اڳ ڪيترا ئي جانور هئا جيڪي بنا سڱن واري گينڊي جي خاندان سان واسطو رکندڙ هئا، ۽ انھن سڀني جي نسل ڪيترائي لک سال اڳ ختم ٿي وئي، بلوچي ٿيريم جي موجودگي خالي ايشيا مان ثابت آهي اندازو آهي انجي نسل خالي پنجاھ کان ستر لک سالن تائين جاري رهي ڪري ختم ٿي وئي، ماهرن موجب بلوچي ٿيريم بلوچستان ۾ منگولنا واري علائقي کان لڏپلاڻ ڪري آيو هئو، ڇوجو ان جانور جو پتن ۽ ساوڪ وارن ٻيلن تي هئو، ۽ ممڪن آهي تہ ان زماني ۾ هماليا جبل جو سلسلو ايترو ڊگھو ۽ وڏو نہ هجي ۽ ايشيا کان وٺي اتر پاڪ ۽ ھنڌ تائين جو علائقو سائو ٻيلن سان ڍڪيل هجي.

#Baluchitherium #ScienceJeDuniya

No comments:

Post a Comment