Monday 25 November 2019

هڪ نظر ريڊار تي

هڪ نظر ريڊار تي
”دريا خان“

ريڊار بابت تہ اوهان ٻڌو هوندو هتي اسان اهو ايجاد ڪنھن ڪيو ۽ ڪم ڪھڙي ريت ڪندو آهي ان بابت ڪجھ ڳالھيون رکنداسين، 26 فروري 1935ع اسڪاٽ ماهر طبيعيات سر رابرٽ واٽسن جي زندگي جو اهم ڏينھن ھو، اهوئي لنڊن جي ويجھو” نيشنل فزڪس ليبارٽري“ ۾ تجربن ۾ رڌل هيا، ان دوران اهوئي هڪ اهڙو طريقو دريافت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جنھن وسيلي فضا ۾ گهمندڙ ڪنھن بہ شيء کي ڪمري ۾ ويٺي سولائي سان ڏسي پئي سگھجي پيو، اصل ۾ اهو ريڊيائي لھرن جو ڪمال هئو، سر رابرٽ واٽسن واٽ جن ريڊيائي لھرن وسيلي پنھنجي ايجاد ڪيل اي ايف ولڪنس ساڻ ڇھ هزار فٽ مٿاڇري تي اڏام ڪندڙ هڪ بمباري ڪندڙ جنگي جھاز جو مشاهدو ڪيو. جيڪا ايجاد پوءِ (ريڊار) نالي سان مشھور ٿي جيڪا اصل ۾ ”ريڊيو ڊٽيڪشن اينڊ رينجنگ“ جو مفهوم آهي، ان ايجاد سبب ئي ڏور اڏام ڪندڙ ڪنھن بہ ٻئي جھاز کان باخبر ٿيڻ ممڪن ٿيو.
ريڊار جون شعاعون هر پاسي سفر ڪري سگھن ٿيون جڏهن اهوئي ڪنھن پڪي شيء سان ٽڪرائبون آهن تہ هڪ سيڪنڊ يا انکان بہ اڳ واپس اچي شي جي تصوير، مشين سان لڳل هڪ خاص پڙدي تي ظاهر ڪري ڇڏيندي آهي، پر اصل مسئلو اهو هوندو آهي تہ اها شي ڪيتري پنڌ تي آهي. اهو پتو لڳائڻ لاءِ شعاعون جو مشين کان نڪرڻ ۽ واپس اچڻ جو وقت، مشين هلائڻ واري کي خبر هوندي آهي اهوئي شعائون جي رفتار کان بہ واقفیت هوندو آهي، جيتوڻيڪ اهو هڪ لمحي ۾ شي جي پنڌ جو اندازو ڪري وٺندو آهي، ريڊار هاڻي ڪيترن ئي مقصدن لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن، سمنڊي جھاز، هوائي جھاز ان جي مدد سان اونڌھ ۽ پاڻي هيٺ رهندڙ جھاز بہ رستو ڳولها ڪندا آهن، اوهان خبرن ۾ ”ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول“ لفظ جو نالو تہ ٻڌو هوندو، يعني هوائي جھازن جا رستا انھن جو ڪم بہ اصل ۾ ريڊار تي ئي هوندو آهي، هاڻي تہ ريڊار عام ٿي ويا آهن مختلف ملڪن ۾ ٽريفڪ پوليس وارا ڊوپلر ريڊار جي مدد سان ايندڙ ويندڙ گاڏين جي رفتار، هڪ سيڪنڊ کان بہ گھٽ وقت ۾ پتو ڪري وٺندا آهن ۽ جيڪڏهن رفتار ڄاڻايل حد کان وڌيڪ هوندي آهي تہ کين کي چالان ڪري ڇڏيندا آهن.
#Radar #History #ScienceJeDuniya

No comments:

Post a Comment