Monday 25 November 2019

پنھنجي فيسبوڪ آئيڊي وال کي محفوظ بڻايو

پنھنجي فيسبوڪ آئيڊي وال کي محفوظ بڻايو

اڄ فيسبڪ جي آئي ڊي هيڪ ٿيڻ جو رجحان بلڪل وڌي ويو آهي
مختلف ماڻھن جون آئيڊيون هيڪ ٿينديون رهنديون آهن.فيسبڪ هڪ معمولي شيء ناهي پر هن ۾ صارف جي سڄي ڊيٽا اسٽور ٿيل هوندي آهي. هو جڏهن کان اڪائونٽ کولي ٿو پوءِ هو پنهنجي هر خبر ۽ ڊيٽا فيسبڪ تي ونڊ شيئر ڪندو رهي ٿو.ڪيئي پراڻيون يادون ۽ ڏينهن جيڪي ماضي ۾ گذاريا اهي سڀ فيسبڪ جي ميمري ۾ سلهاڙيل هوندا آهن.فيسبڪ  اڄڪلھ دنيا جي مشهور ايپ بڻجي چڪي آهي ۽ فيسبڪ کي زندگي جو ڪتاب چئون تہ ان ۾ ڪو حرج ڪونهي.
فيسبڪ انتظاميا بہ گهڻي ڪوشش ڪئي آهي تہ اڪائونٽس هيڪ ٿيڻ واري رجحان کي ڪنهن بہ طريقي سان قابو ۾ آڻجي. پر اڃان اهڙو ڪو طريقو ناهي جوڙيو جنهن سان هن مسئلي تي بلڪل ظابطو اچي. انتظاميا جا ڪجھ طريقا آهن جيڪي اڪائونٽ هيڪ ٿيڻ کان بچائي سگهن ٿا.اهي طريقا توهان کي پنهنجي اڪائونٽ سيٽنگ ۾ ملندا.ان کانپوءِ توهان کي سيڪيورٽي واري آپشن کي ڪلڪ ڪرڻو پوندو.
1_Two factor Authentication...
هن آپشن کي سيٽ ڪرڻ کانپوءِ توهان جو اڪائونٽ جيڪڏهن ڪير ڪٿان کان بہ ٻئي موبائيل ڪمپويٽر کان لاگ ان ڪري ٿو تہ ڊاريڪ سڌو سنئون هڪڙو ڪوڊ وارو ميسيج توهان وٽ ايندو ۽ اوهان کان اجازت گهرندو تہ ڇا هي اوهان ئي آهيو. يقدم توهان کي خبر پئجي ويندي تہ توهان جو اڪائونٽ ڪير هيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي يا کولڻ جي چڪر ۾ پر ياد رهي اهو ڪوڊ ٻڌائڻو ناهي انھي مھل.
2_Authorized Logins
هن آپشن ۾ توهان کي باخبر ڪيو ويندو تہ توهان جو اڪائونٽ ڪٿي يا ڪهڙي موبائيل فون ۾ لاگ ان ٿيل آهي. ها اهو بہ مسئلو آهي گهڻا ماڻهو ٻئي دوست يا پاسي واري کان موبائيل وٺي ڪجھ گهڙي لاءِ فيسبڪ هلائي پوءِ موبائيل واپس ڪندا آهن پر هڪڙي شيء وساري ويهي رهندا آهن اها آهي لاگ آئوٽ، تہ ضروري آهي ڪوشش ڪري لاگ آئوٽ ڪري. گهڻو وقت ٿي چڪو آهي تہ پاسورڊ کي بلڪل تبديل ڪرڻ گهرجي جتي بہ لاگ ان ۽ اڪائونٽ کليل هوندو آٽوميٽڪ لاگ آئوٽ ٿي ويندو. نہ تہ ٻيو طريقو اتي ئي ڄاڻايل هوندو آهي تہ اوهان سڀني ڊوائسن تان پاڻ کي لاگ آئوٽ ڪريو انھي آپشن تي ڪلڪ ڪرڻ کانپوءِ اوهان سڀني تان لاگ آئوٽ ٿي سگھندا. 
3_Get alerts about unrecognized login..
هي بہ هڪ سٺو طريقو آهي هن کي سيٽ ڪرڻ گهرجي. ڪنهن کي توهان جو پاسورڊ ياد آهي ۽ همراھ فيسبڪ کي هلائي پيو تہ پوءِ توهان وٽ هڪ الرٽ ايندو جنهن ۾ ٻڌايل هوندو فلاڻي موبائيل ڪمپويٽر ۾ توهان جو اڪائونٽ لاگ ان ٿيو آهي.
4_Choose 3 to five friends..
هي بہ سٺو طريقو آهي جڏهن توهان جو اڪائونٽ هلندي هلندي لاڪ وڃي ٿو يا ڪا ريسپانس نہ پئي ملي تہ پوءِ توهان جن دوستن تي اعتبار ڪري ايڊ ڪيو آهي اهي توهان ڪوڊ موڪليندا توهان اهو ڪوڊ استعمال ڪري اڪائونٽ بحال ڪري سگهو ٿا. پر ڪوشش ڪجي اهوئي طريقو بہ گھٽ استعمال ڪجي.
انھي ريت ساڳيا ئي آپشن Email اڪائونٽ تي بہ هجن ٿا گڏوگڏ انھي کي بہ لازمي محفوظ بڻايو.

:- ليکڪ نامعلوم ترميم دريا خان

No comments:

Post a Comment