Monday 25 November 2019

جيتن ڪيڙن جو رت ڳاڙهو ڇو نٿو هجي

جيتن ڪيڙن جو رت ڳاڙهو ڇو نٿو هجي
”دريا خان“

هونئن تہ جيتن جي رت جو رنگ بہ رنگو هجي ٿو پر اسانکي انھن جي رت جو رنگ نيرو، پيلو، سائو ڏسڻ ۾ ايندو آهي، حقيقتن انھن جي رت ۾ ڪجھ اهڙا مادا شامل هجن ٿا جنھن سان اسانکي اهوئي رنگ ڏيکاربا آهن، پر اهو سوال بہ اهم آهي تہ آخر ڇو جيتن جو رت اسان جيان ڳاڙهو نٿو هجي هتي اسان ان بابت ڪجھ بنيادي ڳالھيون رکنداسين، اها تہ حقيقت آهي جيتن يا انسانن کي زندھ رهڻ لاءِ آڪسيجن گھربل هوندي آهي، انسان ۽ ٻين وڏن جانورن جي رت ۾ ڦڦڙن وسيلي جيڪا شامل ٿيندي آهي، جنھن کانپوءِ جسم جي سڀني حصن ڏا پهچندي آهي، اسان جي رت ۾ آڪسيجن جذب ڪرڻ جي ذميواري”هيموگلوبين“ نالي هڪ پروٽين جي هوندي آهي جڏهن آڪسيجن اسانجي رت جي خلين ۾ داخل ٿيندي آهي تہ هيموگلوبين جا جزا انھن کي پڪڙي وٺندا آهن، جنھن سان انھن جي رنگيني ڳاڙهي ٿي ويندي آهي. انڪري اسانجي رت جو رنگ بہ ڳاڙهو ڏيکاربو آهي، جيڪي رت جا خليا اسانجي پوري جسم ۾ وهڪرو ڪندا رهندا آهن، انھي دوران اتي آڪسيجن پهچائڻ جو ڪم بہ ڪندا رهندا آهن. ٻئي پاسي جيتوڻيڪ جيتن کي بہ زندھ رهڻ لاءِ آڪسيجن جي ئي ضرورت هوندي آهي، پر اهوئي اسانجي مقابلي ۾ گھڻي ڀاڱي الڳ انداز سان هي ضرورت پوري ڪندا آهن دلچسپ اها بہ ڳالھ آھي تہ آڪسيجن جذب ڪرڻ لاءِ جيتن جي جسم ۾ ڦڦڙ ناهين هوندا بلڪ”ٽريگيا tracheae“ چورائڻ وارو گھڻو ننڍو ٽيوبون جو هڪ ڄار هي ڪم انجام ڏيندو آهي. هي ڄار جيتن جي دهڙ abdomen جي کل ۾ پکڙيل هوندو آهي انجي وسيلي هي هوا جي آڪسيجن سڌو سنئون پنھنجي کل ۾ جذب ڪري وٺندا آهن، ائين جيتن جي جسامت اسانجي حساب سان گھڻي الڳ آهي، انڪري انھن کي هيموگلوبين تي جوڙيل ان خصوصی نظام جي ضرورت نٿي هجي، جيئن اسانکي هجي ٿي. اُهو اي ڪارڻ آهي جو انھن ۾ رت تہ هوندو آهي پر اهو ڳاڙهو ناهي هوندو.
#Insects #ScienceJeDuniya

No comments:

Post a Comment