Saturday 23 November 2019

ڪارو ٽماٽو

ڪارو ٽماٽو
”دريا خان“


اوهان ڳاڙهي رنگ جا ٽماٽا تہ ڏٺا هوندا، پر ڇا اوهان ڪڏهن ڪاري رنگ جا ٽماٽا  ڏٺا آهن؟ نہ...
جي بلڪل ٽماٽو هونئن ميون ۾ شمار ٿيندو آهي پر اسان ان کي سبزي طور ڪتب آڻيندا آهيون. اسان وٽ جيڪو ٽماٽو پاتو ويندو آهي اهو سائو، ڳاڙهو، نارنگي رنگ جھڙو ٿئي ٿو پر ڪاري رنگ جو ٽماٽو ڄمون رنگ ۽ ڪارو ٿئي ٿو. ڄمون ٽماٽو چيري جو گڏيل نالو آهي جنھن بابت چيو وڃي ٿو تہ ان جي پوکائي قديم روم جا ماڻھو ڪندا هيا. ڪارا ٽماٽس ڪجھ سال اڳ برطانيا ۾ ٻيھر ڪاميابي سان پوکيا ويا. ري بروائن نالي ماڻھون کي ڪاري رنگ جي ٽماٽن جا ٻج ڪنھن پوکڻ لاءِ ڏنا هئا جنھن کان پوء جيئن پوکيا ويا تہ سچ پچ ڪارا ٽماٽا ئي ڦٽا هئا جنھن کان پوءِ انھن جو ذڪر جڏهن ماڻھن سان ڪرڻ لڳو تہ ھن تي اهي کلي رهيا هئا ۽ ھن کي چريو ڪوٺي رهيا هئا. سبب ان کان اڳ برطانيا ۾ ڪارا ٽماٽا ڪنھن بہ نہ پوکيا ۽ ڏٺا هئا. ان کان پوءِ هڪ آمريڪي نوجوان شاگرد بہ اهڙي دعوي ڪئي تہ سڀ کان پھريان ان پوکيا آهن. ائين مختلف وقتن تي مختلف ماڻھن پاران دعوائون ڪيون ويون. ٽماٽن جي سڀ کان وڏي واپاري ۽ انھن جي پيداوار ڪرڻ وارو ڊبليو ايگزينڊرليونگسٽن 1821ع کان 1898ع  کان پنھنجي زندگي ۾ ٽماٽن جا پنجھٽيھ نوان قسم پڌرا ڪرايا جن مان هڪ قسم ڪارو ٽماٽو بہ هيو. انھن ڪارن ٽماٽن جا ٻج ھن کي ننڍپڻ ۾ مليا هيا. ڪارن ٽماٽن جا هن مھل تائين پنجاھ کان وڌيڪ قسم دريافت ٿي چڪا آهن. ڪارن ٽماٽن جو ذائقو ڳاڙهن جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو ۽ سٺو هجي ٿو. ڪچو هجڻ وقت ان جو رنگ ڄمون رنگ ۽ هلڪو نيري جھڙو ٿئي ٿو جنھن کان پوءِ اهو آهستي آهستي ڪارو ٿيندو ويندو آهي. ان جي ڪاري حصي ۾ گھڻي فائدي وارو مادو اينٿو سيانين بہ پاتو ويندو آهي جيڪو اسان کي گلن ۽ سبزين ۾ ملندو آهي. ماهرن موجب اهو ڪينسر، دل جي بيمارين شڳر ۽ ٿلهائپ کي منھن ڏيڻ ۾ مدد ڪندو آهي. ھي اڍائي کان ٽن مھينن ۾ تيار ٿئي ٿو. ھن جو قد گھڻو ڪري ٽي فٽ تائين ٿيندو آهي ۽ ھن ۾ وٽامن اي، وٽامن سي، ۽ تاندورا بہ گھڻي ڀاڱي پاتا وڃن ٿا. ھن جي پوکائي نرم مٽيءَ ۾ ڳاڙهي ٽماٽي جيان ئي ٿيندي آهي. ڪاري ٽماٽي کي گھڻي گرمي جي بہ ضرورت نٿي پوي پر اهو ٿڌ واري موسم ۾ بہ ٿئي ٿو. ڪارو ٽماٽو اسان جي پاڙيسري انڊيا ۾ بہ پوکيو وڃي ٿو. ڪارا ٽماٽا گھڻي ڀاڱي يورپ انگلينڊ ۽ برطانيا ۾ پاتا وڃن ٿا.
#BlackTomatoes

No comments:

Post a Comment