زندگي جو دائرو - ٽي اصول - جين (12)
نيوٽن کان پهريان فزڪس ۾ فورس، ايڪسلريشن، رفتار، ماس وغيرھ جا تصورات تہ موجود هئا، نيوٽن جهڙي ذهين جو ڪارنامو هي هو تہ ان اصطلاحات کي هڪٻئي سان مساوات جي ڄار جي وسيلي ٻڌي ڇڏيو، ان مان مڪينڪس جي سائنس لانچ ٿي وئي، انهي طرح جين کان پروٽين جو تصور ( سينٽرل ڊوگما) اهو مرڪزي خيال هو، جنھن جينيات جي سائنس کي باقاعدو جنم ڏٺو، جنھن طرح نيوٽن جي مڪينڪس هڪ شروعات هئي جيڪا پوءِ گهڻي ريفائن ٿي، تبديل ٿي ۽ بهتر ٿي پر هي سائنس جا نوزائيدو شعبي جو انڪوبيٽر هئي، اها ئي حيثيت جين جي مرڪزي ڊوگما جي هئي، اها بنياد جنھن تي جينيات جي سائنس لانچ ٿي
پر انفارمیشن جو هي وھڪرو پوري جاندار کي ڪيئن سيٽ ڪندو آهي؟ هيموگلوبن
بنائڻ جي هڪ ايبنارمل ڪاپي ڳاڙهي خلي جي شڪل بدلي ڇڏيندي آهي، هي ڪاپي تہ جسم جي هر خلي ۾ آهي ( هر خليو هڪئي جينوم رکندو آهي) پر ان سان خالي رت جا ڳاڙها خليا ڇو متاثر ٿيندا آهن؟ نيورون يا جگر يا گڙدي يا مشڪن تي ڪو بہ فرق ڇو ناهي؟ هي ايڪشن خالي هڪئي جڳھ تي ڇو ناهي؟ هيموگلوبن اکين يا چمڙي ۾ ڇو ناهي؟ هي انفارميشن تہ اتي بہ آهي؟
اسانجي آنڊن ۾ هڪ خوردبيني، ڪيپسول جي شڪل جو ساڌو کن بيڪٽيريا اي ڪولائي رهندو آهي، ان 1940ع ۾ هڪ تجربي جي دوران ان سوال جي جواب جو پهريون اهم پتو ڏئي ڇڏيو
اي ڪولائي ٻن طرح جا شوگر تي زندھ رهندا آهن، گلوڪوز ۽ ليڪٽوز، جيڪڏهن انھن کي ليڪٽوز تي وڌايو وڃي تہ هي تيزي سان وڌندا آهن، هر ويھ منٽن کانپوءِ ٻيڻا ٿي ويندا آهن، جيڪڏهن انهن کي گلوڪوز تي وڌايو وڃي تہ بہ تيزي سان وڌندا آهن ۽ تيزي سان ٻيڻا ٿي ويندا آهن ايستائين جو ڪلچر ڌنڌلو ٿي ويندو آهي ۽ شوگر ختم ٿي ويندي آهي
شاڪ مونود ان وقت پيرس ۾ هيا، پيرس تي نازي فوج جو قبضو هو، رات جو ڪرفيو هوندو هو، مونود پنهنجي ليبارٽري ۾ ڪم ڪري رهيا هيا، انھن هڪ تجربو ڪرڻ جو سوچيو جيڪڏهن اسان بيڪٽيريا کي خوراڪ ۾ گلوڪوز ۽ ليڪٽوز ملائي ڪري ڏيون تہ پوءِ ڇا ٿيندو؟ شوگر تہ شوگر هي آهي، ليڪٽوز سان بہ اهوئي ميٽابولزم ملڻ گهرجي جيڪو گلوڪوز مان تہ انھن جو وڏو اوئين ئي هئڻ گهرجي، ٺيڪ؟ پر نتيجا اهڙا نہ هئا، بيڪٽيريا شروع ۾ انهي رفتار سان وڌيا، پوءِ وچ ۾ وقفو اچي ويو، هي ان وقفي کانپوءِ انهن وري اوئين ئي وڌڻ شروع ڪري ڇڏيو
جڏهن مونود جن انجو تجربو ڪيو تہ معلوم ٿيو تہ اي ڪولائي ٻهي شوگر هڪئي مقدار ۾ نہ کائي رهيا هيا، پهريان اهوئي گلوڪوز جي دعوت ملهائيندا هئا، جڏهن هي ختم ٿي ويندي هئي تہ پوءِ هي وڌڻ بند ڪري ڇڏيندا هئا، پوءِ پنھنجي ڊائٽ تبديل ڪندي ۽ وڌڻ شروع ڪندا، مونود جن انکي ڊيا آڪسي چيو يعني ڊبل گروٿ
هي ڇا هو؟ سوال مونود جو لڳي رهيو هو، بيڪٽيريا کي ڪيئن معلوم ٿيو تہ شوگر جو سورس بدلجي ويو آهي؟ ۽ پهريان هڪ شوگر ڇو استعمال ڪئي وئي آهي؟
اڳيئن ورهين ۾ مونود جن دريافت ڪيو تہ هي ميٽابولڪ ايڊجسٽمينٽ هئي، جڏهن بيڪٽيريا هڪ کان ٻئي خوراڪ جي طرف منتقل ٿيا هيا تہ انھن جا انزائم بدلجي وئي هئي، جڏهن واپس گلوڪوز آيو هو تہ انکي هضم ڪرڻ جا انزائم ٻنهي م اڀري ويون هيون، هي تبديلي ساڳي هئي جيئن کائڻ جي هڪ ڪورس کانپوءِ اوهان پنهنجي ڪٽلري تبديل ڪري وٺو، نيو چمچ ڪانٽا ۽ ڇهري ان ۾ ڪجھ منٽ لڳندا هيا ۽ ان دوارن انھن جو وڌڻ جھڪو ٿي ويندو هو
انجو مطلب هي نڪتو تہ انفارميشن جو وهڪرو هڪ طرفو ناهي، جاندار جي ماحول کان اچڻ واري فيڊ بيڪ سان جين ريگوليشن ٿيندي آهي، جيڪڏهن پروٽين تبديل ٿي رهيا آهن تہ انجو لازمي مطلب هي آهي تہ جينز آن ۽ آف ٿي رهي آهي، جيئن ڪو ماليڪيولر سوئچ لڳل هجن، مونود جي ٽيم ۾ 1950ع جي ڏهائي ۾ فرانسوئي جيڪب ۽ پارڊي جو وڌارو ٿي ويو، انجي اي ڪولائي جي ريگوليشن ڪيا ويندڙ تجربن جينيات ۾ گهڻو ڪجھ کولي ڇڏيو
جين جي ريگوليشن جا ٽي اصول هيا
پهرين هي تہ جڏهن ڪو جين آن يا آف ٿيندو آهي تہ ڊي اين اي جي ماسٽر ڪاپي تبديل ناهي ٿيندي، هي ايئن ئي محفوظ رهندي آهي، اصل ايڪشن آر اين اي جو آهي، جڏهن هڪ جين آن ٿيندي آهي تہ آر اين اي جي پيغامن تي فرق پوندو آهي، ۽ اهو شوگر ھضم ڪرڻ جا انزائم بڻائيندا آهن، جڏهن ليڪٽوز جي خوراڪ گهربل هوندي آهي تہ ليڪٽوز جا انزائم واري آر اين اي جي گهڻائي ٿيندي آهي، جڏهن گلوڪوز هجي تہ گلوڪوز وارا،
ٻيو هي تہ آر اين اي جي پيغامن جي ريگوليشن هوندي آهي، جينز جو پورو ماڊيول ئي آن يا آف ٿيندا آهن، ڪيترا جينز گڏ ئي، مثال جي طور تي ليڪٽوز جي لاءِ اهو پروٽين جيڪو ٽرانسپورٽ جو ڪم ڪندي آهي ۽ ليڪٽوز کي بيڪٽريا جي اندر وٺي ڪري ويندي آهي، هڪ ٻي انزائم کي انکي حصن ۾ ٽوڙيندي آهي، ۽ هي جينز هڪٻئي سان گڏوگڏ آهن، ايئن جيئن لائيبريري ۾ هڪ مضمون جون ڪتابون گڏ رکيل هجن، هڪئي ماسٽر سوئچ سان سڀ بدلجي ويندو آهي، ان سوئچ جو نالو مونود جن آپرون رکيو، پروٽين جي پروڊڪشن پنهنجي ضرورتن سان گڏ مطابق ٿي، جنھن طرح جي شوگر، ان طرح جا پروٽين، ارتقا جي اڪانومي خوفناڪ حد تائين لطيف هئي، ڪا جين، ڪو پيغام ڪو پروٽين بي ڪار نہ هئي
ٽيون هي تہ جين سان گڏ خاص ريگوليٽري ڊي اين اي سيڪوئنس انکي پهچائڻ جي ٽيگ جيان لڳل هو، شوگر پهچائڻ واري پروٽين ماحول ۾ خوراڪ کي ان ٽيگ جو پتو لڳائي ڪري ٽارگيٽ جين آن يا آف ڪري ڇڏيا هيا، هي جين جي لاءِ سگنل هو تہ وڌيڪ آر اين اي پيدا ڪيو وڃي
مختصر هي تہ جين خالي پروٽين بنائڻ جي انفارميشن رکندي آهي بلڪي هي بہ تہ پروٽين ڪڏهن ۽ ڪٿي بڻائي وڃي، انجي ريگوليشن جو سيڪوئنس ۽ انجي پروٽين بنائڻ جو سيڪوئنس جين جي تعريف ڪندو آهي، جين سان لڳل انجي ايڪٽيويٽي ڪنٽرول ڪرڻ وارو هي ڪوڊ انجي پيغام ۾ ڪوما، فل اسٽاپ، انڊرلائن ڪرڻ،
نشان لڳائڻ، اضافي نوٽ لڳائڻ جهڙا ڪم ڪندو آهي، پڙهڻ وارن کي ٻڌائيندو آهي تہ ڪنھن حصي کي پڙهڻو آهي، ڪنھن کي نہ ڪڏهن اڳين جملي جو انتظار ڪرڻو آهي
ان ٽنهي اصولن کي بيان ڪرڻ وارو پارڊي، جيڪبز ۽ مونود جو هي اهم پيپر 1959ع ۾ پڌرو ٿيو ۽ پنهنجي ليکڪ جي نالي جي شروعاتي اکرن جي حساب سان پاجامو پيپر چورايو،” جينز خالي بليوپرنٽ نہ آهي، هر خلي ۾ هڪ ئي جهڙا جين هوندا آهن پر ڪڏهن ڪنھن کي ڪٿي چونڊ ٿيڻو آهي، هي هر خلي کي ماحول جي حساب سان ايڊجسٽ ڪندو آهي، هي هڪ متحرڪ بيلوپرنٽ آهي، جيڪو حالتن موجب عمل ۾ ايندو آهي“
پاجامو پيپر هڪ سوال جو جواب تہ ڏئي ڇڏيو هو، پر هڪ ٻئي گهڻي اهم سوال جو پتو بہ انهي ۾ موجود هو، جيڪو ايمبريوجينيسس جو مرڪزي سوال هو، هڪ خلي کان جاندار جي شروعات ٿيندي آهي، هزارين طرح جا خليا جين جي هڪئي سيٽ مان ڪيئن ريڪور ٿي ويندا آهن؟ خاص وقت ۽ جڳھ تي کلڻ ۽ بند ٿيڻ، پيچيدگي جي اهم تھ جو جواب بائيولوجيڪل انفارميشن جي ضدي نيچر ۾ هو، هي جواب جين ريگوليشن هو
”جين هڪ ڪوآرڊينيٽ ٿيڻ وارو پروگرام آهي، هڪ پوپٽ ۽ هڪ سنڊي جي جين ۾ ڪو فرق ناهي پر جين ريگوليشن ان تبديلي جو ڪارڻ بڻجندي آهي“
جيئن ڪنھن مشهور ڪهاڻي ۾ هڪ”ڪاسمولوجسٽ“ کان ڪنھن پڇيو تہ زمين ڪنھن شيءِ تي بيٺل آهي تہ اهو چوندو آهي تہ”ڪمي Turtle تي“ سوال ٿيو تہ”ڪمي ڪنھن تي آهي“ تہ جواب آيو تہ”ٻين ڪمين تي،” تہ هي ڪميون ڪنھن تي آهن“ ڪاسمولوجسٽ ڪاوڙ ڪري چيو ”آخر تائين ڪميون ئي ڪميون آهن“
ايمبريوجينيسس هڪ خلي کان شروع ٿيڻ واري آهستي آهستي کلندي هئي جين ريگوليشن آهي، جين مان ڪوڊ ٿيڻ وارو ميسج، ميسج مان بڻجڻ واري پروٽين، پروٽين مان ريگلوليٽ ٿيڻ واري جين، ماهر جينيات جي لاءِ جاندار جي ڊولپمينٽ جين ۽ جينياتي سرڪٽ ۾ آهي، جين پروٽين بڻائيندا آهن جيڪي جين کي آن ڪندا آهن جيڪي پروٽين بڻائيندا آهن جيڪي پروٽين کي آن ڪندا آهن، پهريان ايمبريولوجيڪل خلي تائين انهي طرح جين ئي جين آهن، هي زندگي جو دائرو آهي
ڊي اين اي جون ٻي لڙيون هڪٻئي کان عڪس آهن ۽ اهو ان جو پنھنجي ڪاپي بنائڻ جو مڪينزم آهي، پر هي پنھنجي ڪاپي پاڻمرادو نٿو بڻائي سگهي، بي قابو ناهي، طريقي سان، انکي سيلف ڪنٽرول جي ضرورت آهي، ايئن ڪرڻ واري انزائم ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ انجو جواب وٺڻ ۾ اي ڪولائي بيڪٽريا مدد ڪئي، انجي تيز رفتار ورڇ ان عمل کي ڳولهڻ جي سڀ کان بهترين جڳھ هئي، انکي 1958ع ۾ ڪورنبرگ جن معلوم ڪيو، هي انزائم ڊي اين اي پوليمريز هئي، ڊي اين اي ۾ نج انزائم جي اضافي سان انھن ڊي اين اي جي ورڇ ڏسي ورتي هئي، ڊي اين اي نيو ڊي اين اي پنھنجي هي شڪل جو بڻائيندو آهي
هتي نوٽ ڪرڻ واري هڪ وڏي خاص شيءِ آهي، ڊي اين اي پوليمريز هڪ پروٽين آهي، هي اهو انزائم آهي جيڪو ڊي اين اي جي ورڇ ممڪن ڪندي آهي، هي پاڻ جين جي پراڊڪٽ آهي، هر جينوم ۾ انکي بنائڻ جي هدايت لکيل آهي، انجو ڪوڊ موجود آهي، ۽ ڳجهائي جي هي اضافي تھ ريگوليشن جي لاءِ اهم ترين آهي، انجو مطلب هي آهي تہ ڊي اين اي جي ورڇ کي ٻئي ريگوليٽر ۽ سگنلز وسيلي، جيئن تہ عمر يا خوراڪ جي دستيابي وغيرھ، ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو، ڪڏهن ورڇ ٿيڻو آهي، ڪڏهن نہ، هي وڏو سنهڙو توازن آهي، ۽ جيڪڏهن هي ريگوليٽر پاڻ قابو کان ٻاهر ٿي وڃي تہ، ڪا شيءِ خلي جي ورڇ بہ ورڇ نٿي روڪي سگهي، ۽ هي جين جي فنڪشن ۾ ٿيڻ واري سڀ کان وڏي خرابي آهي، انکي ڪينسر چئبو آهي
هي پروٽين بڻائيندي آهي جيڪا جين ريگوليٽ regulate ڪندي آهي، جين پروٽين بڻائيندي آهي جيڪا جين کي ريپليڪيٽ replicate ڪندا آهن، جين جي فزيولوجي جو هڪ ٻيو اهم ڪم اسانجي بقا جي لاءِ ضروري آهي اهو ري ڪمبي نيشن recombination جو آهي، هي ڇا آهي؟ انجي ڪهاڻي جو واسطو ڊارون ۽ مينڊيل سان آهي
اکرن جي زنجير جين جو ڪوڊ - جين (11)
https://www.facebook.com/groups/ScienceJeDuniya/permalink/2708735776075163/
#ScienceJeDunya