Monday 22 June 2020

چند ۽ سج گرهڻ بابت غلط ڳالھيون

چند ۽ سج گرهڻ بابت غلط ڳالھيون 

اڄ جي جديد دور ۾ بہ اهڙن ماڻهن جي کوٽ ناهي جن جو مڃڻ آهي تہ چنڊ ۽ سج کي گرهڻ ان وجھ سان لڳندو آهي ڇوجو انھن جو خدا ناراض آهي يا وري انھن جي گناهن جي سزا آهي وغيرھ 
هي قصا ڪهاڻيون صدين کان هلنديون پيون اچن جن جي شروعات اهڙن گهٽ سمجھ رکندڙ ماڻهن ڪئي جن جو مقصد ماڻهن تي پنھنجا ڪوڙا علم ٿاڦڻ آهي
هي سلسلو سالن تائين جاري رهيو پر جيئن جيئن سائنيسي دور جي شروعات ٿي تہ سائنسدانن چنڊ ۽ سج کي گرهڻ لڳڻ جي حقيقي سبب ڳولهڻ شروع ڪيا

اسان ڄاڻون ٿا تہ زمين سج جي ۽ چنڊ زمين جي ويجهو گردش ڪري رهيو آهي، اڻٽيھ ڏينهن کانپوءِ چنڊ زمين جي ويجهو پنھنجو هڪ چڪر پورو ڪندو آهي، هر مهيني چنڊ پنھنجي چڪر جي دوران سج ۽ زمين جي وچ کان گذرندو آهي، ۽ انهيءَ طرح اڌ چڪر ۾ زمين سج ۽ چنڊ جي وچ ۾ هوندي آهي، پوءِ تہ هر مهيني سج ۽ چنڊ گرهڻ واقع ٿيڻ گهرجن پر ايئن ناهي ٿيندو بلڪي هر سال ۾ چار يا پنج گرهڻ ئي ٿيندا آهن، عام عوام ان ڳالھ کي ڪنهن خاطر ناهي وٺندي تہ ڇو ٿيندو آهي پر سائنسدانن جي اها عادت هوندي آهي تہ هو هر ڳالھ تي سوال ڪندا آهن ۽ پوءِ انهي تي تحقيق ڪري اصل ڪارڻ سبب ڳولها ڪندا آهن 

هر مهيني خالي هڪ صورت ۾ واقع ٿي سگهي ٿو تہ جيڪڏھن چنڊ جو مدار سج ۽ زمين جي مدار جي سڌ ۾ هوندو آهي پر ايئن ناهي، قمري Lunar مدار خالي ٻن جڳھ تي ملندا آهن ۽ حيران ڪندڙ ڳالھ هي آهي تہ جيڪر نيو چنڊ ( جڏهن چنڊ سج ۽ زمين جي وچ هوندو آهي) انهن جڳهن تي پيش اچي تہ هو گرهڻ ٿيندو ۽ ان طرح پورو چنڊ (جڏهن زمين سج ۽ چنڊ جي وچ هوندو آهي) انهن جڳهن تي پيش اچي تہ اهو چنڊ گرهڻ جو سبب بڻبو، انھن ٻنھي مقام کي فلڪياتي اصطلاح ۾”نوڊز- ڳنڍ “ يعني ٻنهي مدارن جي ملاپ جي جڳھ چيو ويندو آهي 

اها ڳالھ واقعي حيران جهڙي آهي تہ سائنسدانن کي پهريان کان ڪيئن خبر پوندي آهي تہ چنڊ يا سج گرهڻ زمين تي انهن مقامن تي ڏسجي سگهجي ٿو ۽ ان وقت ڏٺو ويندو، انجو سولو جواب هي آهي تہ اسان رياضي جي مدد سان سولائي سان معلوم ڪري سگهون ٿا تہ چنڊ، سج، سيارا ۽ تارا ان سبب پنهنجي مدار ۾ ڪٿي موجود آهن، پر 1503 ۾ آمريڪا جي ماڻهن کي ان ڳالھ جو علم نہ ھو ۽ اهوئي عيسائي خدا تي يقين رکندا هيا 

ٽيھ کان 1503 جو آمريڪا ۾ دريافت ڪرڻ واري ڪرسٽوفر ڪولمبس پنھنجي ڇوٿين آمريڪي سفر ۾ جميڪا، جيڪو اوڀر آمريڪا ۾ هڪ ٻيٽ آهي، ۾ پنهنجي ساٿين سان گڏ ڦاٿل هئا ڇوجو انھن جي ٻيڙي کي سمنڊي ڪيڙن تباھ ڪري ڇڏيو هو، اتان جي ماڻهن انهن کي ڇھن مهينن تائين کاڌي سان گڏوگڏ رهڻي بہ ڏني پر انکان پوءِ هڪدم انھن تي حالتون تنگ ڪري ڇڏيون، ڇوجو ڪرسٽوفر هڪ ملاح بہ هو ايئن هو پاڻ سان گڏ جنتري بہ کڻي ڪري هلندو هيو جنھن جي مدد سان ان وقت جا ملاح تارن مان وقت ۽ طرف جو پتو ڪندا هيا، انهي جنتري جي مدد سان ڪرسٽوفر جن حساب لڳايو تہ جلد ئي مڪمل چنڊ گرهڻ اچڻ وارو آهي، انھي جو فائدو وٺندي انھن عام عوام ۾ ان ڳالھ جو اعلان ڪري ڇڏيو تہ عيسائي خدا توهان جي ان حرڪت سان گهڻا ناراض آهن ۽ اهو پنھنجي ڪاوڙ جو اظهار هڪ مارچ، 1504 جو چنڊ جي صورت ۾ تبديليءَ آڻي ڪري ڪندو 
اڻٽيھ فروري جي رات سج جي ٻئي پاسي وڃڻ کانپوءِ سڀ ماڻهون گڏ ٿيا ۽ چوڏهين جي چنڊ کي تيز چمڪندي ڏسڻ جي بجائي ڳاڙهي بال جيان ڏٺو تہ اهوئي سڀ ڊڄي ويا ۽ ڪرسٽوفر جي تابع ٿي ويا، ۽ انکي ڪرسٽوفر جي خوش قسمتي ئي چونداسين تہ انهن قدرت جو استعمال ڪندي پنهنجي جان بچائي پئي اهڙن ئي واقعن جي سبب گهڻيون ئي هٿرادو ڳالهيون سامهون آيون 

اها ڳالھ گهڻو ڪري چئي ويندي آهي تہ پيٽ واري عورت کي گهرجي تہ سج يا چنڊ گرهڻ جي وقت لوهي ڪنهن بہ تيز شيءٍ، جنھن ۾ ڪينچي، ڇري وغيرھ شامل آهن، جو استعمال نہ ڪن نہ تہ پيدا ٿيڻ وارو ٻار معذور پيدا ٿيندو، ان ڳالھ ۾ بہ ڪا بہ حقيقت نہ آهي، ان شيءِ کي غلط ثابت ڪرڻ جي لاءِ ڪڏهن ڪنھن عام انسان تجربو بہ ناهي ڪيو ڇوجو هر ڪنهن کي پنهنجا ٻار پيارا هوندا آهن پر سائنسدانن هي سڀ تجربا جانورن کان وٺي ڪري انسانن تائين ڪيا آهن، معذور ٻار جي پيدا ٿيڻ خالي هڪ اتفاق يا ڪنھن ٻئي جينياتي بيماري جو نتيجو ٿي سگهي ٿو پر هڪ فلڪياتي عمل جو انساني زندگيءَ سان ڪنهن بہ قسم جو ڪو واسطو ڪڏهن بہ نٿو ٿي سگهي

پر سج گرهڻ جي وقت بنا ڪنھن فلٽر جي عام اک سان سج جي طرف ڏسڻ سان اکيون هميشہ جي لاءِ ضائع ٿي سگهن ٿيون، ايئن سج گرهڻ کي ڏسڻ لاءِ فلٽر جو استعمال گهڻو ضروري آهي، هي ڳالھ بہ غور هيٺ آهي تہ ڪيترا ماڻهون ويلڊنگ جو شيشو يا ايڪس ري جي ڪاغذ جو استعمال ڪندا آهن جيڪو گهڻو خطرناڪ آهي ۽ ان سان بہ اکين کي وڌيڪ نقصان ٿي سگھي ٿو

چنڊ ڳاڙهو ڇو ٿيندو آهي؟ 
سال ۾ گهڻا ڀيرا چنڊ پنهنجي مدار ۾ ان حالت ۾ اچي ويندو آهي جو زمين سج ۽ چنڊ جي عين وچ ۾ اچي ويندي آهي ۽ ڪنهن سبب چنڊ تي سج جي ٿوري بہ روشني ناهي پوندي نتيجن انجي سطح ڪاري ٿي ويندي آهي پر پوءِ چنڊ ڳاڙهو ڇو ڏيکاربو آهي؟ 

انجو سبب هي آهي تہ سج جي روشني جڏهن زميني فضا کان گذرندي آهي تہ نيري روشني جي نسبت ڳاڙهي رنگ جي روشني وڌيڪ مڙي ويندي آهي ۽ چنڊ ڪي قدر چنڊ گرهڻ جي وقت ڳاڙهو يا پورو چنڊ گرهڻ جي وقت پورو ڪارو ٿي ويندو آهي

هن مهيني 21 جون 2020ع جو پاڪستان ۾ سج گرهڻ ٿيندو، جيڪو صبحو جو 8:46 کان شروع ٿيندو ۽ 11:40 تائين پورو سج گرهڻ ٿيندو ان وقت چنڊ سج کي پوري طرح ڌڪي ڇڏيندو، جيڪو ختم منجهند جو 2:34 تي ٿيندو، انجي گهڻائي سکر، لاڙڪاڻو ۽ ويجھن علائقن ۾ ٿيندي، ڪراچي ۾ 91.53 سيڪڙو اسلام آباد ۾ 81.99 سيڪڙو لاهور ۾ 91.19 سيڪڙو پشاور ۾ 79.44 سيڪڙو سج گرهڻ ٿيندو

سج گرهڻ بابت 
https://m.facebook.com/groups/1896424147306334?view=permalink&id=2546827592265983

#ScienceJeDuniya
#Sun& #MoonEclipse

No comments:

Post a Comment