Wednesday, 21 November 2018

“Botox بوٺوک ۔ بوٺ زھر”

“Botox                                              بوٺوک ۔ بوٺ زھر” 
                                "اصغر ساگر"

بوٺ زھر Botulinum toxin جنھن کي بوٺوک Botox بہ چيو وڃي ٿو. اھو دنيا جو مشھور ترين ۽ سڀ کان خطرناڪ زھر آھي جيڪو Clostridium botulinum  بوٺول بيڪٽيريا مان پاتو وڃي ٿو. ان جا اٺ حصا ڪري يعني اي کان ايڇ تائين تقسيم ڪيو وڃي ٿو. بوٺوک Botox کي ميڊيڪل ۾ مشڪن جي حالتن muscular condition ۔ گهنجن wrinkles کي ختم ڪرڻ ۽ فالجي مشڪن paralyzing muscles لاء استعمال ڪيو وڃي ٿو. انهي کي عصبي زھر Neurotoxin مان ٺاھيو وڃي ٿو جنھن کي بوٺ زھر Botulinum toxin سڏجي ٿو جنھن کي ھڪ بوٺول بيڪيٽيريا  Bacterium Clostridium botulinum مان جوڙيو وڃي ٿو. پھرين ڪجھ حصن مان دوائون ٺاھيون وڃن ٿيون پر سڀ کان خطرناڪ حصو ايڇ آھي.
جيڪڏھن بوٺوک Botox رت ۾ شامل ٿي وڃي يا ساھ ذريعي ڦڦڙن ۾ شامل ٿي وڃي تہ موت يقيني ٿي وڃي ٿي. بوٺوک Botox عصبي زھرن Neurotoxin  جي سگنلن کي روڪي ٿو جنھن جي ڪري عضوا ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏين ٿا. ڪاسميٽڪ ۾ بوٺوک Botox جو تحليلي بنيادن تي تمام گهٽ کان گهٽ مقدار انجيڪشن ذريعي لڳايو وڃي ٿو جنھن سان چھري جا گهنج ختم ٿي وڃن ٿا پر ھي ايتري مقدار گهٽ ھوندو آھي جو ان عضوي تائين محدود ھوندو آھي ۽ سڄي جسم ۾ نٿو پکڙجي، ان ڪري بوٺوک Botox کي ڪاسميٽڪس ۾ استعمال ڪرڻ جي اجازت آھي.
 بوٺ زھر Botulinum toxin ايڇ جو محض 4 گرام 40 لک انسانن کي فنا ڪرڻ لاء ڪافي آھي. جيڪي چون ٿا تہ 4 گرام بوٺوک Botox سان سڄي دنيا جا انسان مري سگهن ٿا اھي مغالطي ۾ آھن. جيڪڏھن بوٺوک جي ھڪ گرام جا 1000حصا ڪيا وڃن تہ ھر ھڪ حصو ملي گرام سڏرائيندو ۔ جيڪڏھن ھڪ ملي گرام جا 1000 حصا ڪيا وڃن تہ ھر ھڪ حصو نينو گرام سڏرائيندو. 2 نينو گرام ھڪ ماڻهو کي مارڻ لاء ڪافي آھن.
بوٺوک Botox سڌو سنئون اعصاب تي اثر ڪري ٿو ۽ اعصاب ۾ داخل ٿي اھم پروٽينن کي تباھ ڪري ٿو جنھن جي ڪري عصبن Neurons ۽ اوڄن Tissues ۾ رابطو ڪٽجي وڃي ٿو ۽ انسان موت جو شڪار ٿي وڃي ٿو. ان ڪري بوٺوک Botox جو پاڻي ۾ اربون حصو ڪري ھڪ حصي کي استعمال ڪيو وڃي ٿو. بوٺوک Botox ست قسمن جي خوبين تي ٻڌل ٿئي ٿو ۽ ان جي استعمال جا مقصد بہ الڳ آھن. ھي ايترو خطرناڪ آھي جو صرف عسڪري ادارن ۾ تيار ڪيو وڃي ٿو ۽ ھن جي ھڪ ڪلوگرام جي قيمت ھڪ ھزار کرب پائونڊ آھي.ان ھوندي بہ بوٺوک Botox جي گهرج ۾ کوٽ ناھي آئي ۽ ماڻهو اڄ بہ چھري تي سئي لڳرائڻ لاء وڏي رقم ڏيڻ کان مڙن نٿا.

بوٺوڪ انجيڪشن :-
بوٺوک اعصابي نظام تي اثرانداز ٿئي ٿو ۽ پٺاڙن تائين اعصاب کان اچڻ وارا پيغام نٿا پھچن جنھن جي ڪري چھري جا پٺا پرسڪون ٿي وڃن ٿا ۽ آھستي آھستي انهن جي فعاليت وڌي وڃي ٿي. بوٺوڪ جو اثر ٻن يا ستن ڏينھن ۾ نظر اچڻ لڳي ٿو. متاثر جڳھ ھموار ٿيڻ لڳي ٿي ۽ گهنج آھستي آھستي ختم ٿيڻ لڳن ٿا. دوائن جي مقابلي ۾ بوٺوڪ انجڪشن زيادھ اثردار ۽ ڪامياب آھي.
ھي انجيڪشن چھري جي گهنجن کي دور ڪري خوبصورتي بخشي ٿي. ھن جي استعمال سان چھري تي نظر ايندڙ وڏي عمر وارا اثر ختم ٿي وڃن ٿا ۽ توھان دلڪش ۽ حسين نظر اچڻ لڳو ٿا. بوٺوک کي گهڻي قدر مٿي تي پيل لڪيرن ۽ اکين جي چوڌاري لڪيرن کي ختم ڪرڻ لاء استعمال ڪيو وڃي ٿو. ھن کي ڀرن جي وچ ۾ پيل گهنجن کي دور ڪرڻ لاء پڻ استعمال ڪيو وڃي ٿو. سج جي روشني يا ڪشش ثقل جي ڪري پوندڙ گهنج بوٺوک جي استعمال سان ختم نٿا ٿين پر چپن ويجهو پوندڙ لڪيرن کي ۽ چيلھ جي گهنجن کي ختم ڪرڻ لاء بوٺوک مفيد آھي.
بوٺوک لڳرائڻ جو عمل سادو آھي ھن کي لڳرائڻ لاء متاثر جڳھ کي سن ڪرائڻ جي ضرورت نٿي پوي ھڪ انتھائي باريڪ ٽڪي ذريعي بوٺوک کي پٺن ۾ لڳايو وڃي ٿو جتي گهنج ٿين ٿا ۽ لڳرائڻ کان پوء تڪليف بہ برداشت جھڙي ٿئي ٿي ۽ 7 ڏينھن ۾ اثر ظاھر ٿي وڃي ٿو.

ھن جي استعمال کان پھرين ڪھڙين ڳالهين جو خيال ڪرڻ کپي :-

جيڪڏھن ڪو ماڻھو اسپرين يا آئبوپروفين کائيندڙ ھجي تہ ان ڳالھ جو امڪان آھي تہ انجڪشن واري جڳھ تي زخم يا رڳڙ جو نشان پيدا ٿي وڃي ٿو ۽ اتان رت وھڻ لڳي ٿو ڇوجو ھي دوا خون کي پٽڙو ڪري ٿي ۽ وھڪ ۾ تيزي پيدا ڪري ٿي. ان ڪري رت جي وھڻ جا امڪان رھن ٿا. جيڪڏھن ڪو ماڻھو بوٺوک جي انجيڪشن لڳرائڻ چاھي ٿو ان کي کپي تہ 2 ھفتا پھرين انهن دوائن جو استعمال روڪي ڇڏي.
جيڪڏھن ڪو ماڻھو مڇي جي تيل جا ڪيپسول يا وٽامن اي کائي رھيو آھي تہ ان کي کپي تہ پھرين پنھنجي معالج سان مشورو ضرور ڪري.
ھن انجيڪشن کي لڳرائڻ کان پھرين گهٽ ۾ گهٽ ھفتو اڳ نشي وارين شين ۽ نشي وارين شين کان پري رھڻ کپي. پيٽ وارين عورتن ۽ کير پيئاريندڙ مائرن کي انجيڪشن لڳرائڻ کان پرھيز ڪرڻ کپي.
بوٺوک کي لڳرائڻ کان پھرين چمڙي جي ماھر کان مشورو وٺجي.

بوٺوڪ انجيڪشن لڳڻ کان پوء جو اثر :-

ھن انجيڪشن جو اثر 4 کان 6 مھينا اثر ھلي ٿو. ھن انجيڪشن کان پوء وقت سان گڏ پٺن ۾ وري ڇڪ پيدا ٿئي ٿي ۽ گهنج وري ظاھر ٿي سگهن ٿا. ھي گهنج پھرين کان گهٽ ٿي وڃن ٿا. بوٺوک جو اثر ھر ماڻھو جي چمڙي مطابق ٿئي ٿو ڇوجو ھر ماڻھو جي چمڙي مختلف ٿئي ٿي ان ڪري ھر ماڻھو وٽ الڳ نموني اثر ٿئي ٿو ۽ ٻيھر بوٺوک انجيڪشن لڳرائڻ جو فيصلو ماڻھو تي ٿئي ٿو. انجيڪشن لڳڻ کان پوء پٺن جو مفلوج ٿيڻ ۔ چھري جو فالج ۔ مٿي جو سور ۔ ڳيھڻ جي تڪليف ۔ حساسيت ۔ اکين جي ڳاڙھاڻ ۔ ماڻڪين جو ڍرڪي پوڻ ۔ اکين جي خشڪي جھڙا عارضا ڪر کڻي سگهن ٿا ان سان گڏ انجيڪشن لڳڻ کان پوء جڳھ تي ڳاڙھاڻ ۔ زخم جو ٺھڻ ۔ زخم مان رت وھڻ ۔ سوزش ۽ درد جھڙا عارضا پيدا ٿي سگهن ٿا.

ھلندڙ
بوٺوک                                                                Botox
بوٺ زھر                                           Botulinum toxin
Clostridium botulinum                     بوٺول بيڪٽيريا 
مشڪن جون حالتون                    Muscular condition
گهنجن                                                           Wrinkles
فالجي مشڪون                          Paralyzing muscles
Bacterium Clostridium botulinum
بوٺول بيڪيٽيريا
Neurotoxin                                                 عصبي زھر
عصبن                                                            Neurons
اوڄن                                                              Tissues


دماغ جي ڪهاڻي دماغ جي زباني

دماغ جي ڪهاڻي دماغ جي زباني

"دريا خان سنڌي"

اچو تہ مان اوهانکي پنهنجي باري ۾ معلومات ڏيان مونکي جسم جو اهم حصو چيو ويندو آهي يعني "سپر ڪمپيوٽر" منهنجو وزن ٽي پائونڊ آهي ۽ مان نرم ملائيم آهيان دنيا جا سپر ڪمپيوٽر ۽ تجربا منهنجي اڳيان ٻارن جي رانديڪڙن جيتري حيثيت رکندا آهن اڃان تائين سائنس اهڙو ڪو ڪمپيوٽر ايجاد ناهي ڪيو جيڪو منهنجي نقل ڪري سگهي وڏي ڳاله تہ سائنسدانن کي منهنجي باري ۾ اڃان مڪمل ڄاڻ حاصل ناهي ٿئي منهنجي نيورانس جي تعداد 30 بلين آهي ۽ جلينس سيلن جي تعداد نيورانس کان 10 فيصد وڌيڪ آهي ناقابلي ۽ حيران ڪندڙ شيئون منهنجي 7 انچ کوپڙي ۾ آهن. اوهان مونکي پنهنجي جسم جو هڪ حصو سمجهندا آهيو لڪين دراصل مان پاڻ مان ئي آهيان اوهانجي سڃاڻپ اوهانجو عمل اوهانجو ردعمل اوهانجي پسند نہ پسندانہ ذهني سوچون ڪارناما برايون نڪيون سڀ ڪجهه مان آهيان اوهانجو خيال هوندو آهي تہ اوهان ڪنن سان ٻڌندا آهيو زبان سان ذائقا چکيندا آهيو اکين سان ڏسندا آهيو هٿن سان لکندا آهيو سڀ غلط آهي دراصل اُهيو سڀ مان يعني دماغ سڀ ڪندو آهيان.
ڪن، نڪ، زبان، آڱرين، جو ڪم صرف معلومات گڏ ڪري مون ڏا موڪليندا آهن هي سڀ منهنجي حڪم تي ڪم ڪندا آهن مان معلومات جي بنياديون پاڻ ٻڌندو آهيان محسوس ڪندو آهيان ڏسندو آهيان هي سڀ مان ئي آهيان جيڪو اوهانکي ٻڌائيندو آهيان اوهان بيمار آهيو پريشان آهيو اوهانجي بک لڳئي آهي اوهان ڇا محسوس ڪيو ٿا ڇا نہ هي سڀ مان ئي اوهانکي ٻڌائيندو آهيان ان ٽائيم بہ جڏهن اوهان گھري ننڊ ۾ ستل هوندا آهيو. پوءِ بہ مان جاڳندو آهيان سڄيء دنيا جي ٽيليفون ايڪسچينج کان بہ مٿي ڪمنيوڪيشن کي هلائيندو رهندو آهيان ان دوران  دنيا جي معلومات جو سيلاب مون وٽ ايندو آهي ۽ مان مختلف گئسون روشنون محسوس ڪري اوهانکي ٻڌائيندو آهيان تہ هي خطرناڪ آهي هي سهي آهي وغيرھ رات جو جڏهن اوهانجي ٻاهه هيٺان اچي ويندي آهي تہ اوهانجي جسم ۾ تڪليف ٿيندي آهي تہ مان ئي انجو پاسو چينج ڪندو آهيان جيڪڏهن اوهانجي جسم جي ڪنهن بہ حصي کي مڇر  چڪ هڻندو آهي مان ئي اوهانجي هٿ کي آوڏا کڻي ويندو آهيان هي جيڪي اوهان اکر ڏسي ۽ پڙهي رهيا آهيو اوهانجو جو خيال هوندو هي سڀ اوهان ٿا ڏسو ۽ پڙهو ليڪن هي سڀ مان ٿو ڏسان ۽ پڙهان جيڪو مون وٽ محفوظ رهندو آهي جڏهن اوهان ڪنهن کي معلومات ڏيندا آهيو تہ اُن محل مان ئي اوهانکي ٻڌائيندو آهيان جئين اوهانکي ڪو مسئلو درپيش نہ اچي  ڇوجو مون ۾ اڳ کان وٺي معلومات محفوظ هوندي آهي هي سڀ تجربا معلوماتون نئيا خيال سڀ مان ئي ڏيندو آهيان مان جسم مان الڳ الڳ معلومات هٿ ڪري پنهنجي حصن ۾ محفوظ ڪندو آهيان جيڪا اڳئي هلي اوهانجي ڪم ايندي آهي مان جڏهن اوهان کي ڌڪ لڳندو آهي مان فورن اوهانکي معلومات ڏيندو آهيان ۽ جڏهن اوهان هيٺ ڪرڻ وارا هوندا آهيو مان ئي اوهانکي پنهنجي منهن کي بچائيڻ لاءِ جسم جي مختلف حصن کي حڪم ڏيندو آهيان جنهن سان اوهان محفوظ رهندا آهيو
ان کان علاوه هي سڀ معلومات مان گڏ ڪري محفوظ رکندو آهيان جڏهن بہ مستقبل ۾ اوهان سان اهڙا حادثا ٿيڻ وارا هوندا آهن تہ مان اوهانکي ان ٽائيم فورن خبردار ڪندو آهيان. جڏهن اوهان بڄندا آهيو مان اوهانکي آڪسيجن تيزي سان خرچ ٿيندو آهي اهڙن موقعن تي مان ئي اوهانجي ڦڦڙن کي وڌائيندو آهيان ۽ اوهانجي آڪسيجن   پوري ڪندو آهيان هزراين خدمتون سرانجام ڏيندي مونکي بہ ڪجهه گهربل هوندو آهي جسم جو ٻہ فيصد حصو هجڻ سان گڏ اوهانجي ڦڦڙن مان 20 فيصد صاف آڪسيجن جي مونکي ضرورت هوندي آهي انکان علاوه مونکي دل مان صاف ٿيندڙ رت جو 5 فيصد حصو کپندو آهي تازو رت ۽ آڪسيجن جي مسلسل سپلائي ئي منهنجي ڪارڪردگيءَ کي برقرار رکي سگهي ٿي اگر انهن مان مونکي ڪنهن هڪ بہ شيء جي سپلائي متاثر ٿئي ٿي تہ مونکي شديد نقصان پهچي ٿو جنهن سبب فاليج موت جي صورت اختيار ڪري ٿو.
دماغ کي گلوڪوز جي شڪل ۾ غذا جي مسلسل فرهامي ہہ ضروري هوندي آهي هي سڀ منهنجي غذا آهي انکان بغير    جسم ڪم نٿو ڪري سگهي.
مان هڪ سمنڊ جئيان آهيان جنهن تي سائنس مشاهدا ڪنڌي رهندي آهي تحقيق ڪندڙن جيڪو مون مان حاصل ڪيو آهي سو حيران ڪندڙ آهي جيڪو کين پريشاني ۾ وجهندڙ پڻ آهي
مزي جي ڳالھ تحقيق ڪندڙ ان ڳاله تان حيران آهن تہ مونکي تڪليف ناهي ٿيندي بنسبت جسم جيان جڏهن منهنجي حصن جو ڪو سرجن آپريشن ڪندو آهي تہ مونکي سور يا تڪليف محسوس ناهي ٿيندي آپريشن دوران مونکي سن يا نشي واري دوا ناهين ڏيندا منهنجو جاڳندي ئي آپريشن ڪيو ويندو آهي جڏهن منهنجي مختلف حصن کي آپريشن ڪندڙ سرجن مختلف اوزارن سان ٽچ ڪندا آهن تہ مونکي پراڻيون ڳالھيون وري ياد اينديون آهن جنهن سان سرجن منهنجي جسم جي حرڪتن مان اندازو لڳائيندا آهن.
هي هئي منهنجي بابت ڪجهه معلومات جيڪا مون اوهان سان شيئر ڪئي


آئزڪ نيوٽن (Isaac Newton)

آئزڪ نيوٽن (Isaac Newton)
 ھڪ مختصر تعارف
چونڊ ۽ ترتيب: زاھد آرائين

نيوٽن فزڪس جو وڏو ماهر هو. هن حرڪت ۽ ڪشش ثقل سميت ڪيترن ئي معاملن جي نه رڳو وضاحت ڪئي پر ان کي تجربن وسيلي ثابت به ڪيو ۽ ان جا قانون به جوڙيا. هن ڪهڪشائن ۽ ستارن جي رازن تان پردو به کنيو. کيس سندس انهن ئي خدمتن عيوض اهو مقام مليو.

آئزڪ نيوٽن سن 1642ع ۾ انگلينڊ ۾ ڄائو هو. اهو ساڳيو ئي سن هو، جڏهن گئليلو لاڏاڻو ڪيو هو. نيوٽن کي تمام گهڻي مڃتا به ملي ۽ گئليلو وانگر سندس چهري تي افسوس جو ڪوبه نشان موجود نه هو. برنارڊ رسل چوي ٿو “نيوٽن کان پوءِ رڳو البرٽ آئنسٽائين ئي آهي جنهن جي ڪم ۾ نيوٽن جهڙي خوبصورتي جا پاڇولا نظر اچن ٿا.

نيوٽن پنهنجي لئباريٽريءَ ۾ سج منڊل (Solar System) جو هڪ ميڪنيڪل ماڊل (Mechanical Model) تيار ڪيو. اهو ماڊل هڪ ليور کي حرڪت ڏيڻ سان متحرڪ ٿي ويندو هو ۽ سمورا گرهه سج جي چوڌاري گردش ڪرڻ لڳندا هئا.پادري اليگزينڊر پوپ جا مشهور لفظ آھن تہ:
فطرت ۽ فطرت جا قانون رات جي اونداھيءَ لڪل ھئا-
خدا فرمايو:
جڏھن نيوٽن ايندو، تہ ھر شئي روشن ٿي ويندي
— اليگزينڊر پوپ

ھن جي ماء جو نالو ھانا ايسڪف(Hannah Ayscough) ھو. ھي پنھنجي والد جي وفات کان پوءِ پيدا ٿيو.ھن جي پيء جو نالو آئزڪ نيوٽن ھو ۽ ساڳيو نالو ھن تي رکيو ويو.جڏھن ٽن سالن جو ھو تہ ھن جي ماء ٻي شادي ڪري نئين مڙس سان رھڻ شروع ڪيو ۽ نيوٽن پنھنجي نانيء جي حوالي ٿيو.ٻي شادي ڪرڻ جي ڪري ھي ماء کي پسند نہ ڪندو ھو نہ ئي وري ھن جي ويڳي پيءُ سان انسيت ٿي سگھي.سندس ماءُ کي ٻئي مڙس مان ٽي ٻار ٿيا ننڍپڻ ۾ ڏاڍو ذھين ٻار ھيو پر اسڪول ۾ ھن کي ڪا دلچسپي ڪانہ ھئي.1659 ۾ جڏھن نوجوان ھو تہ ھن جي ماء کيس اسڪول مان اھو سوچي ڪڍرائي ڇڏيو تہ شايد ھڪ سٺو ھاري بڻجي سگھي پر پوء ڏٺائين تہ ھن جي دلچسپي جا سامان ڪجھ ٻيا آھن. ارڙھن سالن جي عمر ۾ ڪيمبرج يونيورسٽي ۾ داخل ٿيو جتي ھن سائنس ۽ رياضي ۾ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو. ۽ جلد ئي پاڻ چڱي ڀلي تحقيق جي قابل ٿي ويو.25 کان 27 سالن جي عمر ۾ ھن سائنس جي بنيادن کي لوڏائي ڇڏيو. ھي پنھنجي تحقيق ۾ بنيادي نظرين کي 1669 تائين واضح ڪري چُڪو هو پر ان جا ڪافي نظريا بعد ۾ منظر عام تي آيا. ھن جا شروع وارا نظريا روشني جي باري ۾ ھئا ھن تجربن ذريعي ثابت ڪيو تہ روشني انڊلٺي رنگن جو مڪسچر آھي

علم ڪيميا: ڪيمسٽري: Chemistry

علم ڪيميا: ڪيمسٽري: Chemistry
"زاهد آرائين" 

ڪيميا سائنس جي اها شاخ آهي جيڪا مادي ۾ رونما ٿيندڙ خاصيتي تبديلن کي رونما ڪري سندن مطلق ڄاڻ ڏي تـ ان کي ڪيميا چئبو آهي.
مادي جو علم جنهن ۾ مادي(matter) جي جوڙجڪ، بناوت ۽ مرڪب جي علم کي ڪيميا chemistry چئبو آهي.

۔۔۔۔۔ تعارف ۔۔۔۔۔
هي علم مادي جي ثن حالتن کي يعني نهرو،پاڻيات، هوا تي بحث ڪري ٿو. جيئن ته پاڻي ڇا جو ٺهيل آهي، آڪسيجن ۽ هائڊروجن جو وغيره، ڪيمسٽري سائنس جي اها شاخ جنهن ۾ مادي، انجي بناوٽ، انجون خصوصيتون ۽ انجي تبديلين بابت مطالعا ۽ مشاهدا ڪيا ويندا آهن.
ڪيمسٽري يا علم ڪيميا شين جي سائنس سان تعلق رکندڙ علم آھي. اھو ٻڌائيندو آھي تہ شيون جڏهن پاڻ ۾ ملنديون آهن تہ ان سان ڪيئن تبديليون اينديون آهن. ھن علم جون ڪيتريون ئي شاخون آهن. جن مان نامياتي ڪيميا ۽ غيرنامياتي ڪيميااھم آهن. ان جو ھڪ قسم صنعتي ڪيميا آهي جنھن سان تمام ڪارآمد شيون تيار ڪيون ويون آهن پر انھن جي تياري جي دوران خارج ٿيڻ وارن مرڪبن ماحول ۾ گدلاڻ پيدا ڪري ڇڏي آهي.
ڪنھن به شئي جي ڪيمسٽري جو اڀياس ٽن اصولن تحت ڪيو ويندو آهي. پھرين مرحلي ۾ ان جي بناوٽ. ٻئي مرحلي ۾ ان جون خصوصيتون. ٽئين مرحلي ۾ ان شئي جون ڪيميائي تبديليون.
علم ڪيميا ۾ سائنسي طريقي جي تشريح،  مشاھدن، مفروضن، نظرين ۽ سائنسي قانونن جي ذريعي ڪئي ويندي آهي.

علم ڪيميا (ڪيمسٽري) جي تاريخ
۔۔۔قديم دور۔۔۔
ھيء سائنس اوتري پراڻي آهي جيتري انساني تھذيب آھي. علم ڪيميا جي تاريخ ان وقت شروع ٿيندي آھي جڏھن انسان پنھنجي اردگرد جو اڀياس شروع ڪيو تہ انھن جي سامھون موجود شيون ڪھڙي طرح انھن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪار آمد ٿي سگھن ٿيون. ان وقت انھن شين ۾ پٿر، ڪاٺيون ۽ لوھ سرفهرست ھيا. پٿرن سان گڏوگڏ انھن پھاڙن جو مشاھدوڪيو ۽ انھن مان ڌاتو حاصل ڪيا. پٿرن کي پاڻ ۾ گسائي باھ ٻارڻ جو طريقو سکڻ کان پوءِ اھو سمجھڻ شروع ڪيو تہ ڪھڙيون شيون باھ ۾ سڙي وڃن ٿيون ۽ ڪھڙين شين تي باھ اثر نہ ٿي ڪري. پوء اتفاق سان واري گرم ڪندي شيشو ٺاھڻ جو فن سکي ويا. اھا سموري ترقي سطحي ۽ مختلف اندازن تي مشتمل ھئي.

۔۔۔يوناني دور۔۔۔
ھي دور لڳ ڀڳ 600 ق م کان شروع ٿئي ٿو. ھن دور ۾ يوناني سائنسدان ارسطو تمام گھڻو مشھور آھي. ان سان گڏ سقراط ۽ افلاطون به جن سائنسي مظھرن کي فلسفيانہ انداز ۾ سوچي اڀياس ڪرڻ شروع ڪيو. ارسطو ۽ ٻين يوناني فلسفين مطابق ھر شئي چئن عنصرن مان ٺھيل آھي: مٽي، ھوا، باھ ۽ پاڻي. انھن مطابق باھ گرم ۽ خشڪ ھئي، مٽي خشڪ ۽ ٿڌي، ھوا ۽ پاڻي ٻئي ٿڌا ، گرم ۽ آلاڻ وارا ھوندا آھن. رومين علم ڪيميا ۾ وڌيڪ اضافا ڪيا. انھن ڌاتن مان شيون ٺاھڻ جي فن کي بھتر بڻايو ۽ مٽيءَ جي ٿانون تي انيمل(enemal) ڪرڻ جو طريقو ايجاد ڪيو.

۔۔۔اسلامي دور۔۔۔
ھي دور 600 عيسويءَ کان 1600 تائين جاري رھيو. ھن دور ۾ ڪيتريون ئي شيون ايجاد ۽ دريافت ڪيون ويون. ان دور ۾ تجربن ۾ استعمال ٿيڻ واريون شيون ھر ھڪ قيف، بيڪر، تارازي ايجاد ڪيا ويا. جابر بن حيان شوري جو تيزاب يا نائٽرڪ ايسڊ، لوڻ جو تيزاب يا ھائڊروڪلورڪ ايسڊ ٺاھڻ جا طريقادريافت ڪيا. ھن ڪپڙن کي رڱڻ ۽ ڌاتوڪاري جا طريقا به دريافت ڪيا جابر بن حيان علم ڪيميا جو ابو سڏجي ٿو. الرازي ھڪ طبيب يا فزيشن ، ڪيمسٽ ، فلسفي ۽ ماھر جراح يا سرجن ھيو. ھن سڀ کان پھريون آفيم جو ماڻھو کي بيھوش ڪرڻ وارو استعمال (Anesthetic use) ڪيو. ھن ڪيميائي شين جي جاندار ۽ بي جان واري حساب سان درجہ بندي ڪئي. بوعلي سينا دواسازي ۽ دوائن جي ڪيميا (Pharmacy)، فلسفي، رياضي ۽فلڪيات جي علم تي ڪم ڪيو. البيروني ڪيميائي شين جي گھاٽائي يا ڪثافت (Density) ۽ اضافي گھاٽائي معلوم ڪئي.

۔۔جديد ڪيميائي دور۔۔
ھن دور جو آغاز 1700 کان ٿيو. رابرٽ بوائل 
جو شمار جديد ڪيمسٽري جي بانين مان ٿئي ٿو. جان ڊالٽن ايٽمي نظريو پيش ڪيو جنھن سان علم ڪيميا ۾ تمام گھڻو واڌارو آيو. مينڊليف عنصرن جي مطالعي کي عنصرن جي نئين ترتيب ذريعي اڳتي وڌايو ۽ عنصرن جي درجي بندي سان انھن جي خصوصيتن ۽ نون عنصرن جي دريافت ۾ آساني پيدا ٿي. نيل بوھر ۽ ردرفورڊ ايٽم جي بناوٽ ۽ تابڪاري جي باري ۾ مفيد ڄاڻ فراهم ڪئي اھڙي طرح ايٽمي ڪيمسٽري جو آغاز ٿيو.

۔۔۔۔۔۔۔۔۔ڪيمسٽري جون شاخون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
نامياتي ڪيميا_Organic Chemistry
ڪيمسٽري جي ھن شاخ ۾ اھڙن مرڪبن جو اڀياس ڪيو ويندو آهي جن کي ڪاربن ۽ھائيڊروجن چوندا آھن. مثال: پيٽرول، پلاسٽڪ وغيره.

غير نامياتي ڪيميا_Inorganic Chemistry
اھو علم اھڙن مرڪبن ۽ عنصرن جي باري ۾ آهي جيڪي غير نامياتي شين مان ملن ٿا. ھن علم ۾ ڪاربن جي ڪيترن ئي مرڪب کان علاوه باقي سمورن عنصرن ۽ انھن جي مرڪبن جو اڀياس شامل آھي.

طبعي ڪيميا_Physical Chemistry
ڪيمسٽري جي ھن شاخ ۾ ڪنھن ڪيميائي عمل دوران ماليڪيول ۽ ايٽمن جي وچ ۾ موجود اصولن ۽ نظرين بابت اڀياس شامل ھوندو آھي.

تجزياتي ڪيميا _Analytical Chemistry
ڪيمسٽري جي ھن شاخ ۾ اھڙن طريقن ۽ عملن جو اڀياس ڪيو ويندو آهي جن سان عنصرن ۽ مرڪبن جو تجزيو ڪيو ويندو آهي.

حياتياتي ڪيميا_Bio Chemistry
جاندارن ۾ موجود مادن جو اڀياس حياتياتي ڪيمسٽري سڏبو آهي.

نيوڪليائي ڪيميا_Nuclear Chemistry
تابڪاري وارن عنصرن جي ايٽمن ۾ ٿيڻ وارين تبديلين ۽ انھن مان شعاعن جي نيڪال بابت اڀياس کي نيوڪليائي ڪيمسٽري چوندا آهن.

صنعتي ڪيميا_Indistrial Chemistry
مختلف صنعتي شين جھڙوڪ شيشو، سيمنٽ، ڪاغذ، دوائون ۽ ھٿرادو ڀاڻ وغيره ٺاهڻ جي مرحلن جي اڀياس کي صنعتي ڪيمسٽري چوندا آهن.

ماحولياتي ڪيميا_Enviromemtal Chemistry
صنعتي ۽ ٻين ھاڃيڪار ڪيميائي مادن جي زندگيءَ تي پوندڙ اثرن جو اڀياس.

پوليمر ڪيميا_Polymr Chemistry
جڏھن پنج يا وڌيڪ ماليڪيول پاڻ ۾ اھڙي طرح ڪيميائي عمل ڪن جو ھڪ بعد ٻيو لڙھي جي شڪل اختيار ڪري ته ان کي پوليمرائيزيشن چوندا آهن. ھي علم اسان کي پلاسٽڪ، مصنوعي ريشا (synthetic fibers) ۽ ڪاغذ وغيره جھڙين شين جي معلومات ڏئي ٿو۔۔۔

دماغ ۾ يادگيريءَ جي ٺهڻ جو ماليڪيولي طريقه ڪار

    دماغ ۾ يادگيريءَ جي ٺهڻ جو ماليڪيولي طريقه  ڪار          
                                 تحقيق ڪندڙ ينگشي لِنِ ۽ ساٿي                                                                
                               ترجمو پروفيسر بشير احمد سومرو                                                             
ايم آءِ ٽيءَ جي نيورو سائنسدانن هڪ جيو گهرڙي واري رستي کي ظاهر ڪيو آهي جيڪو اجازت ٿو ڏئي خاص سائنيپسز (ٻن تنتي جيو گهرڙن جي وچ وارو هنڌ جنهن مان يا وٿي جنهن مان نيورو ٽرانسميٽرن جو ڦهلاءُ ٿئي هڪ وهڪ جي ذريعي) کي طاقتور ٿيڻ جي ياداشت جي ٺهڻ جي وقت. دريافتون مهيا ڪن ٿيون پهريون ڏيک ماليڪيولي طريقه ڪار جو جنهن سان ڊگهي عرصي واري يادون ڪوڊ هيٺ اچن ٿيون هپوڪيمپس (دماغ وڏي عرصي تائين يادگيريءَ وارو حصو) جي ريجن ۾ جنهن کي سي اي3 سڏجي ٿو. 
                                                                CA3
تحقيق ڪندڙن ڳولي لڌي هڪ پروٽين ڳولي لڌي آهي جنهن کي سڏجي ٿو 
Npas4  
اڳ ۾ انهيءَ کي جين جي اظهار جي ماسٽر ڪنٽرولر طور تي سڃاتو ويندو هيو جيڪا تنتي سرگرميءَ جي ڪري حرڪت ۾ ايندي هئي، اها سي اي3 ۾ تنتي جيو گهرڙن جي وچ وارن تعلقاتن تي ظابطي کي مضبوط رکندي هئي ۽ اهي جيڪي هپوڪيمپس واري ٻئي حصي ۾ جن کي سڏجي ٿو ڊينٽيٽ گائرس (هي حصو نئين يادگيريءَ جي ٺاهڻ ۾ حصو وٺي ٿو. آزاد کوجنا نئين ماحول جي ۽ ٻيا ڪم). 
Npas4 gene 
کان سواءِ، ڊگهي عرصي واريون يادون نه ٿيون ٺهي سگهن. 
دماغ ۽ ادراڪي سائنس ماهر ايسوسيئيٽ پروفيسر ينگشي لِنِ چيو ته اسان جو اڀياس شناخت ڪري ٿو هڪ تجربي آڌار واري سائنيپٽڪ (سائنيپسز جو اهم ڪم هي آهي ته تنتي جيو گرڙن جي حصن ڊينديرائيٽ ۽ ايگزان جي وچ ۾ خوردبيني وٿي هوندي آهي جنهن مان ڪيميائي برقي پيغامن جي ڪري نيورو ٽرانسميٽرن جو ڦهلاءُ ٿئي ٿو) طريقه ڪار تي جيڪو ياداشت کي ڪوڊ ڪري ٿو سي اي 3 ۾، ۽ هڪ ماليڪيولي رستي جي لاءِ پهرين  شاهدي مهيا ڪري ٿو جيڪو چونڊيل انداز ۾ انهيءَ تي ظابطو رکي ٿو. 
سائنيپٽڪ جي قوت                                                                          
نيورو سائنسدانن کي گهڻي وقت کان خبر آهي ته دماغ يادن کي ڪوڊ ڪري ٿو سائنيپسز جي قوت کي يا تنتي جيو گهرڙن جي وچ واري تعلقاتن جي قوت کي تبديل ڪندي. هي گهري ٿو ڪيترين ئي پروٽينس جي تعلقن کي جيڪي لڌيون وڃن ٿيو ٻنهي پري سائنيپٽڪ (تنتي جيو گهرڙو ايگزان کان بجليءَ جي وهڪري جي ذريعي سائنيپٽڪ ڪليفٽ يا سائنيپسز واري وٿيءَ ڏانهن پيغام موڪلي) تنتي جيو گهرڙن ۾، جيڪي اطلاع موڪلين ٿيون ڪنهن واقعي بابت، ۽ پوسٽ سائنيپٽڪ (تنتي جيو گهرڙي جو ڊينڊيرائيٽ وارو حصو جيڪو جيڪو بجليءَ جي وهڪري جا پيغام حاصل ڪري نيوروترانسميٽر کي ڇڏي) تنتي جيو گهرڙا، جيڪي اطلاع حاصل ڪن ٿا.
سي اي3 واري ريجن ۾ تنتي جيو گهرڙا پس منظر وارين يادن کي ٺاهڻ وارو هڪ ڏکيو ڪردار ادا ڪن ٿا ، جيڪي يادون ان هڪ واقعي سان ڳنڍيل آهن ان هنڌ سان جتي اهو ٿيو يا ٻئي پس منظر واري اطلاع سان جهڙيءَ طرح سان وقت يا جذبات. هي تنتي جيو گهرڙا سائنيپٽڪ معلومات حاصل ڪن ٿا ٽن مختلف رستن کان، ۽ سائنسدانن انهن مان هڪ معلومات جي باري ۾ انديشو لڳايو آهي، ڊينٽيٽ گائرس کان، نئين پس منظر وارين يادن کي ڪوڊ ڪرڻ ڏکيو آهي. جيتوڻيڪ هن جي ڪوڊ ٿيڻ واري اطلاع جو طريقه ڪار ڪيئن ٿئي ٿو جي خبر نه هئي.
ايسوسيئيٽ پروفيسر ينگشي لِنِ ۽ سندس ساٿين 2011 ۾ لڌو ته 
Npas4 gene 
هڪ جين جيڪا تڪڙ ۾ تبديل ٿي نون تجربن جي پويان، ظاهر ٿئي ٿي هڪ هڪ ماسٽر  ڪنٽرولر پروگرام جي جين جي اظهار جو عمل ڪرڻ وانگر جيڪا ڊگهي عرصي واري ياداشت ٺاهڻ جي لاءِ گهربل آهي. انهن پڻ ڳولي لڌو ته 
Npas4 
 تمام گهڻي سرگرم آهي هپوڪيمپس جي سي اي3 ريجن ۾ سکڻ جي وقت. هي سرگرمي اڳ ۾ ئي ڄاتل هئي جنهن کي کي گهربل هئي تيز پس منظر واري سکيا، جهڙي گهربل آهي هڪ قسم جي ڪم جي دوران جيڪو ڄاتو وڃي ٿو پس منظر واري خوف جي حالت. ڪوئن حاصل ڪيو هلڪو ڪرنٽ جو جهٽڪو سکيا جي وقت جڏهن اهي داخل ٿيا ۽ کوجنا ڪئي هڪ خاص چيمبر ۾. ڪجهه منٽن ۾ ڪوئن چيمبر کان خوف کائڻ سکيو ۽ ٻئي دفعي اهي داخل ان ۾، اهي ڄمي ويا. جڏهن تحقيق ڪندڙن 
 Npas4 gene
کي ڌار ڪيو ته انهن ڏٺو ته ڪوئن کي ياد نه رهي سگهيو خوف وارو واقعو. انهن پڻ ڳولي لڌو ساڳيو اثر جڏهن انهن جين کي ٻاهر ڪڍيو صرف هپوڪيمپس جي سي اي3  جي ريجن مان. هپوڪيمپس جي ٻين حصن مان ان کي ڪڍڻ سان ڪوئن جي ياداشت تي اثر نه پيو هيو. 
نئون اڀياس ڪندي تحقيق ڪندڙن وڌيڪ وضاحت سان کوجنا ڪئي ته ڪيئن 
Npas4 gene
پنهنجا اثر لڳائي ٿي. ايسوسيئيٽ پروفيسر ينگشي لِنِ جي تجربيگاه اڳ ۾ ئي هڪ طريقو تيار ڪيو هيو جيڪو ان کي ممڪن بڻائي ٿو سي اي3 تنتي جيو گهرڙن تي روشنائيءَ وارو نشان جو جيڪي سرگرم هوندا آهن خوف واري حالتن ۾. ساڳئي خوف واري حالت واري طريقي کي استعمال ڪندي تحقيق ڪندڙن ڏيکاريو ته سکڻ جي وقت، سي اي3 تنتي جيو گهرڙن ۾ ڪجهه سائنيپٽڪ معلومات طاقتور ٿي وڃي ٿي پر ٻين ۾ نه. گهڻو اڳتي هيءَ طاقت گهرجي ٿي 
Npas4 gene
۾. معلومات جيڪي چونڊيل آهن طاقتور طريقي سان هپوڪيمپس جي ٻئي حصي مان اچن ٿيون جنهن کي سڏجي ٿو ڊينٽيٽ گائرس. هي سگنل هنڌ بابت اطلاع پهچائن ٿا جتي خوف واراو تجربو ٿيو.
   Npas4  
کانسواءِ سائنيپسز ڊينٽيٽ گائرس کان سي اي3 ڏانهن اچن ٿيون جيڪي طاقتور ڪرڻ ۾ ناڪام ٿين ٿيون ۽ ڪوئا پيش آيل واقعي جون يادگيريون نه ٺاهي سگهيا. اڳتي ٿيندڙ تجربن ظاهر ڪيو ته هي طاقت ڏيندڙ گهربل آهي خاص طور تي ياداشت کي ڪوڊ ڪرڻ جي لاءِ، نه اڳ ۾ محفوظ ٿيل يادو جيڪي اڳ ۾ ٺهي چڪيون هيون. تحقيق ڪندڙن پڻ ڳولي لڌو ته 
Npas4
جو گهٽجڻ سان سائنيپٽڪ معلومات متاثر نه ٿي ٿئي ته سي اي3 تنتي جيو گهرڙن حاصل ڪيون ٻين ذريعن کان.
سائنيپس درستگي                                                                                  
تحقيق ڪندڙن پڻ شناخت ڪئي جينس مان هڪ جين جيڪا 
Npas4
کي ظابطي هيٺ رکي ٿي سائنيپس جي طاقت تي هي اثر وجهڻ جي لاءِ. هيءَ جين سڏجي ٿي.

plk2
جيڪا ملوث آهي پوسٽ سائنيپٽڪ بناوٽن جي سسڻ ۾. هي راءِ ڏئي ٿي ته
 Npas4 
 اچي ٿي 
plk2
تنهن کان پوءِ گهٽائي ٿي سائنيپسز جي سائيز ۽ قوت کي. هيءَ راءِ ڏئي ٿي ته 
Npas4
پنهنجو پاڻ سائنيپسز کي قوت نه ٿي بخشي پر سائنيپسز درست ڪري ٿي هڪ حالت ۾  اجازت ڏئي ٿي انهن کي طاقتور ٿيڻ جي جڏهن ضروري هجي. 
Npas4
کان سواءِ سائنيپسز تمام گهڻي طاقتور ٿئي ٿي  تنهنڪري مائل ڪري ٿي يادن کي ڪوڊ ڪرڻ جي لاءِ ته جيئن انهن کي وڌيڪ طاقتور بڻائي.  ينگشي لِنِ  چيو ته جڏهن اوهان
Npas4
کي ٻاهر ڪڍندا ته سائنيپٽڪ جي قوت تقريبن سئچوئريٽيڊ (خوب پسائڻ) آهي ۽ پوءِ جڏهن سکيا ٿئي ٿي، جيتوڻيڪ ياداشت وارن جيو گهرڙن کي ڪوڊ ڪري سگهجي روشنائيءَ واري نشان سان، توهان پوءِ گهڻو وقت نه ڏسندا طاقتور ٿيڻ انهن تعلقاتن کي.   
ينگشي لِنِ چيو ته مستقبل جي ڪم ۾ اسان کي اميد آهي اڀياس ڪرڻ ته ڪيئن سرڪٽ ڳنڍي ٿو ڊينٽيٽ گائرس کي سي اي3 سان تعلق ڪرائڻ ٻين رستن سان جيڪي گهربل هيا ياداشت کي واپس ڪرڻ جي لاءِ. ڪنهن طرح سان ڪجهه وچ واري ڳالهه ٿئي ٿي مختلف رستن جي وچ ۾ تنهن ڪري هڪ دفعو اطلاع جمع ٿين جيڪي واپس ٿي سگهن ٿا ٻين معلوماتن سان

“Deathstalker Scorpion” موتمار وڇون ۔ فلسطيني وڇون ۔ اسرائيلي وڇون

“Deathstalker Scorpion”
موتمار وڇون ۔ فلسطيني وڇون ۔ اسرائيلي وڇون

"اصغر ساگر"

دنيا جو سڀ کان مھانگو زھر جنھن جي قيمت ارب روپين ۾ آھي.
دنيا جو سڀ کان مھانگو زھر وڇن جي ھڪ قسم Deathstalker Scorpion موتمار وڇون ۾ پاتو وڃي ٿو جنھن کي جان وٺندڙ وڇون چيو وڃي ٿو. جيڪڏھن ھي ھڪ وار ڪنھن کي ڏنگ ھڻي ٿو ان جو بچڻ مشڪل آھي. ان سبب جي ڪري ھي وڇون دنيا جو سڀ کان مھانگو وڇون آھي.
ھن خطرناڪ وڇون جو تعلق وڇوئن جي خاندان ”بوٿائي ڊي“ سان آھي جڏھن تہ ھن کي اسرائيلي يا فلسطيني وڇون چيو وڃي ٿو. ھي دنيا جو خطرناڪ ترين وڇون آھي جنھن کي   لیوریس ڪوینڪوسٽیریٽس (Leiurus quinquestriatus) جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ھي نالو ھن جي پڇڙي تي موجود 5 حصن جي ڪري ڏنو ويو آھي.
ھن جو رنگ پيلو ٿئي ٿو ۽ 30 کان 77 ملي ميٽر ڊگهو ٿئي ٿو. عام طور تي ھي وڇون شمالي آفريڪا ۽ وچ ايشيا جي ريگستانن ۾ پاتو وڃي ٿو. ھي وڇون قيمتي زھر جي ڪري سڄي دنيا ۾ مشھور آھي ۽ ھن جي ھڪ لٽر زھر جي قيمت تقريبن 10.5 ملين ڊالر يعني 1 ارب 10 ڪروڙ 63 لک پاڪستاني روپيہ آھي مطلب ھن جو صرف ھڪ گيلن 5 ارب 15 ڪروڙ روپين جو ٿئي ٿو. 
خطرناڪ ھئڻ سان گڏ ھن وڇون جو زھر ڪارآمد آھي. تل ابيب يونيورسٽي جي پروفيسر مائيڪل گريوٽز مطابق ھن زھر جو استعمال تمام گهڻين طبي تحقيقن  ۽ علاجن ۾ ڪتب اچي ٿو.
2013 ۾ شايع ٿيڻ واري فريڊ ھچنس ڪينسر ريسرچ سينٽر جي رپورٽ مطابق ھن وڇون جو زھر ڪينسر وارن گهرڙن کي وڌڻ کان روڪي ٿو. سائنسدانن جي دعوا مطابق ھي زھر جسماني عضون جي محفوظ منتقلي ۾ بہ مددگار ثابت ٿئي ٿو. ڪيئي بار جسم جي عضون جي پيوندڪاري تي انساني جسم ان کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿو.
اھڙي صورتحال ۾ ھن زھر ۾ تبديلي آڻي تمام ٿورڙي مقدار ۾ جسم جي اندر داخل ڪيو وڃي ٿو جنھن کان پوء ھي سڌو مدافعتي نظام تي عمل ڪري ٿو ۽ مصنوعي عضون جي رد ٿيڻ جا امڪان گهٽ ٿي وڃن ٿا. ان کان سوا ھي زھر ھڏين جي بيماري ۾ بہ مفيد آھي. عمر وڌڻ سان گڏ جڏھن انساني جسم جون ھڏيون ڪمزور ٿيڻ لڳن ٿيون ۽ ان ريت ڪم ڪرڻ جھڙيون نہ ٿيون رھن جھڙي ريت ھڪ نوجوان جي جسم ۾ ھڏيون ڪم ڪن ٿيون. ان ڪري ھن زھر کي استعمال ڪري ھڏين جي ڪمزور ٿيڻ جي عمل کي روڪي سگهجي ٿو.
2011 ۾ ڪيوبا جي 71 سالہ ھڪ شخص دعوا ڪئي تہ ھن پاڻ موتمار وڇون کان ڏنگرايو آھي. ھن جا سمورا درد غائب ٿي ويا. انهن وڇوئن جي ڏنگ ڪڍڻ لاء ليباريٽري ۾ ڪرنٽ ڏنو وڃي ٿو جنھن جي ڪري انهن وڇوئن جو زھر ڏنگ ۾ اچي وڃي ٿو. ائين ان زھر کي بوتل ۾ محفوظ ڪيو وڃي ٿو. 
ڏسجي تہ ھي عمل پيچيدھ آھي ۽ ھڪ وقت ۾ ھڪ وڇون جي ڏنگ مان صرف ھڪ بوند زھر نڪري ٿو. ان صورت ۾ ھڪ لٽر زھر ڪڍڻ لاء تقريبن 1000 کان وڇون درڪار ٿين ٿا.
اھوئي سبب آھي جو وڇن جي ھڪ لٽر زھر جي قيمت 110 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ٿئي ٿي. واضح رھي تہ ھن زھر جو سڌو سنئون اثر دماغ تي ٿئي ٿو ۽ ھن خاصيت کي مدنظر رکندي ھن زھر تي اڃان تحقيق جاري آھي. دماغ ۽ اعصابن تي اثر ڪندڙ زھرن کي ٽاڪسنز سڏيو وڃي ٿو جيڪي موتمار ھئڻ سان گڏ علاج ۾ بہ ثابت اثر رھن ٿا بشرط انهن زھرن کي احتياط سان ۽ تمام گهٽ مقدار ۾ استعمال ڪيو وڃي


Dust mite مَلِيک ۔ خرد ليک ۔ باريڪ ليک

Dust mite                      مَلِيک ۔ خرد ليک ۔ باريڪ ليک
"اصغر ساگر"

عام طور تي مٿي ۾ جوئون يا ليکون ٿين ٿيون اڪثر طور انهن کي نقصانڪار ڄاتو ويندو آھي انهن کي مارڻ لاء وڏا جتن ڪيا ويندا آھن ڪي عورتون تيل ۾ پارو ملائي ليکن کي مارڻ جي ڪوشش ڪنديون آھن ڪي عورتون وري فارغ وقت ۾ ھڪ ٻئي جي مٿي مان جوئون ڪڍڻ ۾ مصروف ھونديون آھن ڪچھري جي ڪچھري بہ جوئن ڪڍڻ جو ريچڪو بہ.
جوئن جا مرحلاتي طور تي چار نالا آھن.
(1) جُونءِ
(2) ڄَئِي
(3) لِيک
(4) مَلِيک

(1) جونءِ :-
ھي جونءِ مٿي جي وارن ۾ پاتي ويندي آھي. ھي جون پنھنجو نسل ليکن جي آنن ذريعي وڌائيندي آھي.

(2) ڄَئِي :-
جڏھن جونءِ ليک ڄڻي ٿي اھا ليک ڀرجي ٿي ۽ جوان جسم جي شڪل وٺي ٿي ان کي ڄئي چئبو آھي.

(3) لِيک :- 
ليک ننڍڙي ۽ ٻچٽ ٿيندي آھي. جڏھن ليک وڏي ٿئي ٿي ۽ ڀرجي ٿي تہ ڄئي جو روپ وٺندي آھي.

(4) مَلِيک
جونء  جي پھرين افزائش مَلِيک ھوندي آھي. ھي ايتري باريڪ ھوندي آھي جو ان کي اکين سان ڏسي ناھي سگهبو -خوردبين ذريعي انهن کي ڏسي سگهجي ٿو.

زوھيب عباسي جي تحقيق مطابق نر جوئن جا مرحلاتي طور تي ٽي نالا ٿين ٿا.

(1) بوٺ
پري کان پڌرو هوندو آهي سائز ۾ وڏو ۽ ٿلهو ٿيندو آهي جون کان تقريبن ڊبل جيڪو با آساني نظر ايندو آهي رت ۾ واضح طور ڀريل صحتمند نظر ايندو آهي.

(2) برڀٽ
برڀٽ ڄئي کان ٿورو موچارو ٿيندو آهي جيڪو مٿي ۾ هر وقت هلندو رهندو آهي عام طور تي جوئن جي ٻين قسمن جي نسبت تيز رفتاري جي ڪري جوئون ڪڍڻ دوران پڪڙڻ ۾ ڏکيو ايندو آهي،

(3) ٽھو
ڄئي وانگي ئي ٿيندو آهي پر رنگ جو ڀورو هوندو آهي ۽ ڄئي کان ٿورو ٿلهو ٿيندو آهي.

جوئن کي ڪڏھن بہ پاري يا اھڙي زھريلي شي سان مارڻ نہ کپي پر مٿي مان جوئون ڪڍڻ کپن يا ڪنگي ذريعي انهن کي ڪڍي مٿي کي صاف ڪجي. مٿي تي زھريلين شين استعمال ڪرڻ سان وارن کي نقصان پھچي ٿو ۽ چمڙي کي بہ. جيڪڏھن جوئن کي ڏسجي تہ اھي مئل چمڙي جي ٽڪڙن کي کائي مٿي تي صحتمند چمڙي جي اوسر ڪن ٿيون ۽ صحتمند چمڙي وارن جي بھتر نشونما جي ضامن ھوندي آھي. 
تصوير ۾ موجود مليک يا خرد ليک انساني مٿي ۾ پاتي ويندڙ عام ليک ناھي پر ھن مَلِيک Dust mite کي سوين ڀيرا وڏو ڪيل فوٽو آھي ڇوجو مليک ايتري تہ ننڍي ھوندي آھي جو ھن کي اکين سان ڏسي نٿو سگهجي پر مڪراسڪوپ Microscope ذريعي ڏسي سگهجي ٿو. ھن ليک جو سائنسي نالو
  Dermatophagoides pteronyssinus 
آھي. ھي انساني مٿي جي جڙندڙ مردار کل Dead skin جي ٽڪڙن تي پلجي زندھ رھي ٿي. ھڪ ٽڪڙي جي اندر اھڙيون 40 مليکون ٿين ٿيون ۽ ھڪ گهر جي اندر انهن جو تعداد 20 لک ٿئي ٿو. اھي باريڪ ھجڻ ڪري نظر نہ ٿيون اچن ۽ مٿي تي جڙندڙ مئل کل کي کائين ٿيون نتيجي طور وارن جي ڦٽڻ ۾ ڪابہ رڪاوٽ نٿي رھي. 
مليکون ڌوڙ جي ڪري پيدا ٿين ٿيون. انهن جي اوسر تمام تيز رھي ٿي جنھن بستر تي مليکن وارو ماڻهو سمهي ٿو انهي بستر ڏي ھڪ لک کان ڏھ مليکون منتقل ٿين ٿيون ائين سمورا بستر مليکن جي ور چڙھي سگهن ٿا نتيجي طور سڄي گهر ۾ ايلرجي اچي ويندي ۔ سڄي جسم تي ڇتڪتائي شروع ٿي ويندي ۽ مليکن جي نظر نہ اچڻ ڪري ماڻھن جو ڌيان اوڏھين نٿو وڃي ۔ پڙھيل ڳڙھيل ڊاڪٽر بہ ايلرجي کان بي خبر رھن ٿا ۽ ڊاڪٽر بہ مريضن کي روز ايول ٽڪي کارائي مريضن کي ايلرجي جو پڪو مريض ڪري کين مختلف بيمارين جي ور چاڙھن ٿا.
مليک چڪ نہ ھڻندي آھي پر مٿي ۽ پاڻ تي رڙھندي محسوس ٿيندي آھي ايتريقدر جو ماڻهو کي ايلرجي محسوس ٿيڻ لڳندي آھي ۽ نڪ جي ايلرجي وارن عارضن جي ور چاڙھيندي آھي ۔ ھن سان جسم تي خارش ٿيندي آھي.
ھي ڳالھ اسان کي ياد رکڻ کپي تہ جوئن يا مليکن جي ڪا بيماري نہ ٿيندي آھي نڪي بيمارين جي ور ماڻهو چڙھي ٿو. صرف عارضن ۔ احتياطن ۽ اپائن کي نظر ۾ رکڻ کپي.

Dust mite allergy symptoms caused by inflammation of nasal passages.
نڪ جي سوزش جي ڪري ٿيل مليک جي الرجي جون نشانيون :-

> جن ماڻهن کي ساھ جي بيماري ٿئي ٿي يا الرجي ٿئي ٿي انهن کي ليکن جي ڪري وڏي تڪليف ٿئي ٿي.

> مليکن جي ڪري مٿي تي خارش رھي ٿي.

> جڏھن ماڻھو بستر تي سمهي ٿو تہ ليکون بستري تي اچي ٻين ماڻھن منتقل ٿين ٿيون.

Sneezing                     نڇون

Runny nose                 وھندڙ نڪ

Itchy                             خارش

red or watery eyes     ڳاڙھيون اکيون

Nasal congestion      نڪ مان رت جو اچڻ

Itchy nose                   نڪ جي خارش

Fall of roof of mouth or throat.
ڪاڪڙي جو ڪرڻ

Post nasal drip           ڳڙو ۔ چئاڪو

Cough                           کنگھ

Facial pressure and pain.

مليکن کان بچڻ جا اپاء :-
> گهر کي ڌوڙ کان صاف رکجي.

> جنھن کي جوئون يا مليکون ھجن انهي جا ڪپڙا ٻين جي ڪپڙن سان ملائڻ نہ کپن ڇوجو ائين ڪرڻ سان جوئون يا مليکون ھڪ کان ٻئي ھنڌ منتقل نہ ٿينديون.

> گهر جي ڪمرن ۾ ٻئي يا ٽئي ڏينھن فرش يا پٽ تي ڇڻڪار يا فرش تي ليپاپوچي ٿيڻ کپي.

> ھفتي ۾ ھنڌ جي چادرن ۽ وھاڻن جي ڇھن کي ڌوئڻ کپي.

> ڪمرن ۾ منگھ ھڻجن جيئن ڪمرن ۾ ھوا اچي. ھوادار ڪمرن ۾ جوئن يا مليکن جي پيدا ٿيڻ جا امڪان گهٽ ھوندا آھن.

منھن تي داٻ ۽ درد

مليکن کي مارڻ جا طريقا :-
نسخو (1) :-
چمچو مٺي سوڊا گلاس پاڻي ۾ وجهي وارن کي ڌوئجي.

نسخو (2) :-
انگوري سرڪو 10 قطرا گلاس پاڻي ۾ ملائي وارن کي لائجي.

نسخو (3) :-
نم جي پنن کي کي ڪاڙھي پاڻي ٿڌو ڪري وارن ۽ جسم کي ڌوئجي.

نسخو (4)
سيڙھي تولو
پاڻي جڳ
جڳ پاڻي ۾ سيڙھي وجهي گهمائجي ۽ پاڻي کي آٺرائجي. اھو آٺريل پاڻي بالٽي ۾ وجهي ان کي عام پاڻي سان ڀري وھنججي.
بھترين فائدو پوندو.

نسخو (4):-
ڊسپرين 4 عدد
پاڻي گلاس
ڊسپرين پاڻي ۾ ملائي ھڪ ڪجن. ان پاڻي سان مٿي جي وارن جسم کي ڌوئجي.
مليکون ختم ٿي وينديون ۽ ايلرجي کان ڇوٽڪارو ملڻ شروع ٿي ويندو

انساني ارتقاء سائنس مُطابق

انساني ارتقاء سائنس مُطابق 

 "زاھد آراٸین" 

انسان (Human) 
(Homo sapiens)
زمين تي ملندڙ ان انساني نسل جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آھي، جيڪا جنس انس (homo) سان تعلق رکي ٿي ۽ دنيا ۾ ملندڙ ٻين تمام تر انواع حيات کان برتر دماغ رکي ٿي۔ انسان چورائيندڙ مخلوق جي سڃاڻپ ان جي سڌي بناوٽ ۽ ٻن ٽنگن سان ھلڻ واري مخلوق جي طور تي با آساني ڪري سگھجي ٿي. وڌيڪ اھو تہ ھي نوعِ حياتِ انسان ھڪ معاشرتي مخلوق ھجڻ سان گڏوگڏ شعور (consciousness) ۽ ادراڪ (cognition) ۾ ٻين تمام مخلوقن جي نسبت اعليٰ معيار تائين پھتل مخلوق آھي۔ انسان کي آدم جي مناسبت سان عربي ۽ فارسي ۾ آدم به چيو ويندو آھي ۽ ان جي لاءِ بشر جو لفظ به استعمال ڪيو ٿو وڃي۔ آدم ۽ بشر جي طرح انسان جو لفظ به سنڌي ۾ عربي ٻوليءَ کان آيو آھي، ان ئي لفظ انس سان ناس ۽ مرڪب لفظ عوام الناس وغيره به تخليق ڪيا وڃن ٿا۔ قرآن ۾ به ھن نوع حيات جي لاءِ انسان سان گڏوگڏ ٻيا لفظ استعمال ٿيا آھن.

انسان، بشر يا اينٿروپڪ (Anthropic)، اصل ۾ يوناني اکر ‘anthrops’ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنا آهي ماڻهو، پر هن لفظ مان مراد آهي سڀ کان آڳاٽو انسان. 

ارتقا
جنهن مخلوق کي انسان يا ماڻهو چئي سگهجي ٿو، اها ڌرتيءَ تي لڳ ڀڳ 2 ملين (20 لک) سالن کان رهندي پئي اچي. ڌرتيءَ جي عمر جي ڀيٽ ۾ 2 ملين سال اک ڇنڀ جي برابر آهن. زمين جي مجموعي عمر لڳ ڀڳ 4700 ملين سال آهي. جيڪڏهن فرض ڪجي ته ڌرتيءَ جي عمر فقط 24 ڪلاڪ آهي ته پوءِ ايئن چئبو ته ماڻهوءَ کي جنم ورتي اڃا هڪ منٽ به ڪونه ٿيو آهي. پر ان هڪ منٽ ۾ انسان ڪيڏا ڪم ڪيا آهن، ان جو ته ڪاٿو ئي ڪونهي. ان هڪ منٽ اندر هن دنيا جي عظيم ترين تهذيبن ۽ ثقافتن کي جنم ڏئي ڌرتيءَ کي عجيب رنگ بخشي ڇڏيو آهي.

انسان جيڪي ڪجهه ڪيو، ان جو لکت ۾ رڪارڊ وڌ ۾ وڌ پنج هزار سال اڳ کان شروع ٿئي ٿو. ان ئي رڪارڊ مان اسان کي خبر پوي ٿي ته اوائلي تهذيبن وارا انسان ڪيئن سوچيندا هئا ۽ انهن جا باهمي رشتا ڪيئن هئا؟ ان کان سواءِ انسان ڪيئن ۽ ڪٿي رهيو؟ ان جو جواب ڳولڻ لاءِ قديم آثارن جي ماهرن هن مهل تائين وڏي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي ۽ ڪافي ثبوت هٿ ڪيا آهن، پر تڏهن به اڃا گهڻو ڪجهه ڪوهيڙي ۾ لڪل آهي ۽ ثبوتن مان گهڻو ڪجهه وقت سان گڏ ضايع به ٿي چڪو آهي. انهن ثبوتن ۾ اسان کي پنڊ پهڻ ٿيل هڏيون، پٿرن مان گهڙيل اوزار، ڀڳل ٺڪراٺو، غارن ۽ جبلن تي چٽساليون ۽ اُڪرون ملن ٿيون. جيتوڻيڪ هٿ آيل اهي آثار ڪي گهڻا نه آهن، تڏهن به قديم آثارن جي ماهرن انهن ئي آثارن جي مدد سان انسان جي جسماني، ذهني ۽ ثقافتي اؤسر جا اندازا به لڳايا آهن.

انساني نسل جو بڻ بڻياد ۽ ان جو اصل وطن ڳولڻ لاءِ پاڻ کي 40 ملين سال اڳ کان سفر شروع ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته اهو ئي اهو دؤر آهي، جنهن بابت ڊارون جو خيال آهي ته ان وقت اها مخلوق پيدا ٿي. جيڪا لڳ ڀڳ 38 ملين سالن جا ارتقائي ڏاڪا طئي ڪرڻ کان پوءِ اوزار ٺاهڻ لڳي ۽ جنهن کي هاڻي اسان اوائلي ماڻهو چئون ٿا. 40 ملين سال اڳ واري نسل بابت ڊارون جو خيال آهي ته متان اهوئي انسان ۽ وڏن بن مانسن جو گڏيل تڙ ڏاڏو هجي! ان نسل جي اولاد مان هڪ گروهه ٻيلن ۾ رهيو ۽ انهن مان بن مانس، ڀولڙا ۽ اڄوڪا چئمپنزي پيدا ٿيا. پر ٻيو گروهه لڳ ڀڳ 20 ملين سال اڳ وڻن تان ان مهل لهي آيو. جڏهن شايد ٻيلا گهٽجڻ لڳا هجن ۽ کليل ميداني علائقن ۾ خوراڪ گهڻي ملندي هجي ۽ اُتي روزاني ڪار ڪرت بهتر هجي. ڪيئي ملين سالن جي وقفي کان پوءِ هٿن ۽ پيرن جي مدد سان هلندڙ هن مخلوق ٻن پيرن تي اُڀو هلڻ سکي ورتو، ان جا پويان چنبا پير بڻجي پيا. جڏهن ته اڳيان چنبا آزاد هئڻ ڪري وڌيڪ حساس ٿيا ۽ انهن ۾ ڇُهڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي سگهه وڌي وئي. آزاد چنبا، جيڪي هاڻي هٿ بڻجي ويا هئا، ڪاٺيون ۽ پٿر اٿلائڻ پُٿلائڻ، کڻي هلڻ ۽ استعمال ڪرڻ لڳا.

ماڻهوءَ جو پنڌ ايڏو ڊگهو آهي، جو ايئن چوڻ غلط ڪونه ٿيندو ته هن آدجڳاد کان پنڌ ڪيو آهي. ان پنڌ دوران هن ثقافتن جا ابتدائي پٿر رکيا. اوزار ٺاهيا ۽ نشان ڇڏيا. ان ئي پنڌ دوران هن پيليوليٿڪ دؤر ۾ پنهنجي پير جو سچو پچو نشان به ڇڏيو آهي. اسان شايد ان کي انساني پير جو قديم ترين نشان چئي سگهون. اهو نشان اٽليءَ ۾ نانا دي لا باسورا وٽ آهي، جيڪو کڙيءَ کان آڱوٺي تائين اٽڪل 20 سينٽي ميٽر ڊگهو ۽ پٻن وٽ 10 سينٽي ميٽر ويڪرو آهي. هي پيليوليٿڪ ماڻهو ۽ ان کان پويان نسل ڪير هئا ۽ سندن جيئڻ جو ڍنگ ڪيئن هو؟ اهو تمام ڳوڙهو اڀياس ٿي سگهي ٿو. هو ڪهڙي قسم جا اوزار ٺاهيندا هئا؟ ڇا کائيندا هئا؟ پهريندا هئا؟ ڪيئن شڪار ڪندا هئا؟ ڇا هنن جو ذهن هڪ تخليقڪار جو ذهن هو؟ هنن جو ڪٽنبي سرشتو ڪيئن هو؟ اهڙو اڀياس سنڌ يا اپکنڊ جو چڱيءَ طرح ڪونه ٿيو آهي. هتي ڪوشش ڪبي ته اوائلي ماڻهوءَ جي رهڻي ڪهڻي جو اهو اڀياس جيڪو يورپ ۽ آفريڪا جي حوالن سان ٿي چڪو آهي، ان تي هڪ نظر وجهجي. گهڻو ممڪن آهي ته ان سان سنڌ جي پيليوليٿڪ، ميسو ليٿڪ ۽ نيوليٿڪ لوڪن جي رهڻي ڪرڻي بابت ڪو اندازو لڳي سگهي. محققن جي آڏو وڏي ۾ وڏو مسئلو هيءُ آهي ته هو پهريون آدم ڪنهن کي چون؟ ايئن ته هو راماپٿيڪس، آسٽرالوپٿيڪس، هومو هيبلس ۽ هومو اريڪٽس نالي مخلوقن جي درجي بندي ڪري چڪا آهن، پر مشڪل اها آهي ته جديد تحقيق ڪن اوزارن کي ايترو پراڻو ثابت ڪري ٿي جو هومو مخلوقن جي وجود کان ڳالهه ٽپي پوئتي هلي ٿي وڃي. جيڪڏهن پهريون اوزار ٺاهيندڙ مخلوق کي آدم چئجي تڏهن به اهو طئه نٿو ڪري سگهجي ته ڪهڙي نسل سڀ کان پهرين اوزار ٺاهيا. اصل، ۾ راماپٿيڪس مخلوق جيڪا 14 کان 8 ملين سال اڳ موجود هئي ۽ ان کان پوءِ اسٽرالوپٿيڪس آفريڪانوس (ڏکڻ وارو بن مانس جيڪو آفريڪا ۾ هو) جيڪو 5 ملين سال اڳ ۾ هو، جي وچ جون ڪيئي ڪڙيون ٽٽل آهن. هن کان پوءِ هومو هيبلس (Homo Habilis) آهي، يعني هٿن وارو ماڻهو، جيڪو 2 ملين سال اڳ هو. جيئن ته اهو آسٽرالوپٿيڪس سان ويجهڙائي رکندڙ هو تنهنڪري ان کي آسٽرالوپٿيڪس هيبلس به چيو ويو. انهن ٻن نسلن جي وچ ۾ به وقت جو وڏو فاصلو آهي.

ان کان پوءِ اڀو انسان (Homo Erectus) آهي، جنهن جو مغز هاڻوڪي انسان کان ٻه ڀاڱي ٽي حصا ننڍو هو، نه کاڏِي هئس ۽ نه وري پيشاني. اها 15 لک سال اڳ جي ڳالهه آهي ۽ نيٺ آخري منزل باشعور انسان (Homo Sapiens) جي آهي، جنهن جي ڪهاڻي به اڍائي لک سالن کان جاري آهي.

اسان جيڪڏهن هٿيارن ۽ اوزارن جي ڪهاڻيءَ ۾ گهرائيءَ سان وينداسين ته ڳالهه وڃي زمين جي ٽريشري دؤر جي پڄاڻيءَ تائين يعني 40 لک سالن تائين پهچندي، جڏهن آسٽرالوپٿيڪس ڌرتيءَ تي پکڙيل هئا ۽ ان ئي وقت ۾ پٿر جا قديم ترين اوزار به ٺهيا. اهو پٿر جو پرڀاتي دؤر يعني هڪ لحاظ کان Eolithis جو دؤر آهي. ان کان پوءِ پٿر جو هيٺيون يعني اوائلي پيليوليٿڪ اوزارن جو دؤر سامهون اچي ٿو جو هيٺيون ڪواٽرني (پلائيسٽوسين) ۽ پراڻن گليشل دؤرن جو زمانو آهي. اهو 20 لک سال اڳ جو زمانو آهي، جڏهن هومو هيبلس ڌرتيءَ تي گهمي رهيو هو. ڏيڍ ملين يعني 15 لک سال اڳ جڏهن ”اڀو انسان“ ظاهر ٿيو تڏهن به اوزارن جي صورتحال ساڳي هئي. ٻنهي مخلوقن جي وچ واري توڻي گڏيل دؤر ۾ رهائشي آباديون، هٿ ڪهاڙيون ۽ باهه جو استعمال نظر اچي ٿو. اهڙا اهم ماڳ Habor, Koobi Rora ۽ Omo آهن. بعد ۾ ترتيب وار اولدواءِ (Oldivai)، شانداليا (Shandaliya)، چلهاڪ، گاديب، سولهياڪ، والونيٽ ۽ ٻيا ماڳ آهن. ان کان پوءِ زمين جو ڪوارٽرنري دؤر ڀرپور نموني طاري ٿئي ٿو. جيڪو انٽر گليشل دؤر کان شروع ٿي، برفاني زمانو گذاري آخر ۾ هڪ انٽر گليشل دؤر تائين پکڙيل آهي. اهو لڳ ڀڳ 7 لک سالن کان 4 لک سال اڳ جو دؤر آهي جڏهن اوائلي پيليوليٿڪ دؤر هليو ۽ ائبي ويلين کان اشيولين اوزار سامهون آيا ۽ وڏن جانورن جو شڪار شروع ٿيو. 
هي اڀن انسانن (Homo Erectusnug)
جو ئي دؤر هو.

جڏهن وچون پيليوليٿڪ دؤر آيو، تڏهن باشعور انسان موجود هو. هي چار لک سال اڳ آخري انٽر گليشل دؤر جو وقت هو. هن دؤر ۾ اشيولين اوزار نظر اچن ٿا، ان دوران زمين ڪوارٽرنري کان اينٿرو پوزوئڪ دؤر ۾ لڳ ڀڳ ساڍا ٽي لک سال اڳ داخل ٿي ۽ ان وقت ڪجهه اهڙيون گهڙاوتون به سامهون آيون، جن کي بت تراشي چئي سگهجي! لڳ ڀڳ ٽي لک سال اڳ کان وٺي چاليهه هزار سال اڳ جي دنيا پٿر جي اوائلي وچين (وچون پيليوليٿڪ) دؤر تي مشتمل آهي ۽ ان عرصي ۾ باشعور انسانن جي هڪ نسل نيندرٿال جون سرگرميون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. انسان ذات ان زماني ۾ هڪ برفاڻو ۽ آخري انٽر گليشئل زمانو ڏٺو. چاليهارو کن هزار سال اڳ هڪ ٻيو ۽ آخري برفاني دؤر اڀريو. تڏهن نيندرٿال گم ٿي ويو ۽ ڪروميگنان نظر آيو. هي اوائلي پٿر جو پڇاڙڪو يعني مٿيون پيليوليٿڪ دؤر آهي. ڪن حالتن ۾ هي ميسوليٿڪ يا پٿر جو وچون دؤر به آهي. هن دؤر ۾ مڙدن جي تدفين، ڪپڙا سبي پائڻ، تير ڪمان، موسيقي، پالش ٿيل پٿري اوزار ۽ چترڪاري به ڏسجي ٿي. هي ماڻهو ميموٿ ۽ سانڀر جا شڪاري هئا.

ان کان پوءِ يعني لڳ ڀڳ 13000 سال اڳ کان 4000 سال اڳ تائين ميسوليٿڪ دؤر شمار ڪيو وڃي ٿو، پر اهو اڄ تائين هڪ نسبتي سوال آهي. اهي سال شايد پاڪستان جي حوالي سان استعمال ڪري نه سگهجن. هتي اهي اڄ کان  100007000
سال نيوليٿڪ ۽ چالڪوليٿڪ دؤرن جا به آهن

۔۔۔ انسان جا ارتقائي مرحلا ۔۔۔
سائنسدانن انساني نسل سان هڪجهڙائي رکندڙ مخلوقن جي پنڊ پاهڻن جو ڏاڍو تفصيلي جائزو وٺي ڪي مضبوط دليل پيش ڪيا آهن. ان ڊگهي تحقيق کان پوءِ واضح ٿيو آهي ته انساني ارتقا جي ڪهاڻي گهٽ ۾ گهٽ 25 ملين سالن جي عرصي تي پکڙيل آهي. جديد تحقيق اڃا به پوئتي تائين جا ڏس ڏئي ٿي. ان ريت انسان نما مخلوقن جو چارٽ هن ريت آهي.

1. پلايو پٿيڪس (Pliopithecus )
زمانو: 22 ملين سال اڳ کان 12 ملين سال اڳ تائين۔
سڀ کان اوائلي پروٽو ايپس مان هڪ نسل جيڪو ڏسڻ ۾ هاڻوڪي لنڊي لنگور (Gibbon) جهڙو هو. ان جون ٻانهون قد جي ڀيٽ ۾ هروڀرو ڊگهيون ڪو نه هيون. وڻن تي لڏڻ ۾ مهارت هئس. قد جي لحاظ کان تمام ننڍڙي نسل کي ڏندن ۽ کوپڙيءَ جي بنياد تي لُنڊي لنگور واري سلسلي جو ابو ڏاڏو سمجهيو وڃي ٿو.

2. پروڪائونسل (Proconsul)
زمانو: 20 ملين سال اڳ کان 10 ملين سال اڳ تائين (مايو سين زمانو Miocene Period)

هن مخلوق جي ڍانچي جون ٽڪرن ٽڪرن ۾ بيشمار هڏيون مليون آهن. ان جو شمار تمام اوائلي بن مانسن ۾ ٿئي ٿو. جيڪو چمپانزي نسل ۽ شايد گوريلا جو ابو آهي. اهو نسل پلايوپٿيڪس جو همعصر آهي، ان جون گڏيون گهڻو ڪري اتان ئي ملن ٿيون، جتان پلايوپيٿڪس جا پنڊ پهڻ ملن ٿا.

3. ڊرايو پٿيڪس (Dryopithecus)
زمانو: 15 ملين سال اڳ کان 8 ملين سال اڳ تائين (مايوسين زمانو)
جيتوڻيڪ هن نسل جا تمام ٿورڙا ۽ اڻپورا پنڊ پاهڻ مليا آهن، تنهن هوندي به ڊرايوپٿيڪس جي ڄاڙي ۽ ڏند سندس خاصيتن کي چڱيءَ طرح بيان ڪن ٿا. قد جي لحاظ کان ٽن فٽن جيترو هيءُ اوائلي بن مانس يورپ، چين ۽ اتر هندستان ۾ رهندو هو. بيهڪ جي لحاظ کان جسم اڳتي جهڪيل. ڊگهيون ٻانهون ۽ جسم تي گهاٽا وار هئس. ٻن پيرن تي هٿن جي هلڪي ٽيڪ سان ائين هلندو هو جيئن اڄڪلهه جا بن مانس هلندا آهن.

4. اوريوپٿيڪس (Oreopithecus)
زمانو: 15 ملين سال اڳ کان 8 ملين سال اڳ تائين.
ماڻهوءَ جهڙي نسل اوريوپٿيڪس بابت راءِ آهي ته اهو ٻن پيرن تي هلندو هو، چار فٽ قد ۽ وزن 80 پائونڊ هئس. سندس ڏند ۽ ڍاڪ جي هڏين سائنسدانن کي سوچڻ تي مجبور ڪيو ته ڇا اهو انسان جو ابو آهي، پر هاڻي اهو بهتر طور نتيجو ڪڍيو ويو آهي ته اهو هڪ انوکو بن مانس هو.

5. سواپٿيڪس راما پٿيڪس (Ramapithecus)
زمانو: 14 ملين سال اڳ کان 12 ملين سال اڳ تائين.
هن مهل تائين ماڻهوءَ جهڙي لڌل سڀ کان اوائلي مخلوق راماپٿيڪس آهي. گهڻن محققن جي راءِ آهي ته اها مخلوق انساني ارتقا واري سلسلي ۾ سڌي طرح ڳنڍجي ٿي. هن مخلوق کي ”آدم نما“ رتبو ڪجهه ڏندن، ڄاڙيءَ جي ڪجهه ٽڪرن ۽ تارونءَ جي بيهڪ جي بنيادن تي مليو، جيڪي بنا ڪنهن غلطيءَ جي انساني شڪل جا آهن. هن مخلوق جو قد ساڍا پنج فٽ هو. هن مخلوق جا پنڊ پاهڻ اتر هندستان، پاڪستان ۽ آفريڪا مان لڌا ويا آهن. پوٺوار ۾ ان جا پنڊ پاهڻ 8 ملين سال پراڻا آهن. جنهن کي ”راماپٿيڪس انڊيڪس“ نالو ڏنو ويو آهي.

6. آسٽرالو پٿيڪس (Australopithecus)
زمانو: 2 ملين سال اڳ تائين.
راما پٿيڪس ۽ آسٽرالوپٿيڪس اڻپورن ماڻهن جي وچ ۾ 9 ملين سالن جو وقفو آهي. ان عرصي دوران اڻپورن ماڻهن وڏي ترقي ڪئي. اهي اڀا بيهي پنڌ ڪرڻ لڳا. زمين تي رهندا هئا ۽ آهي پنهنجي بچاءَ ۾ پٿر استعمال ڪندا هئا.

7. پران ٿروپس (Pranthropus)
زمانو: 17 ملين سال اڳ کان 0.9 ملين سال اڳ تائين۔
جيتوڻيڪ هيءُ نسل اڀو بيهندڙ آهي ۽ انساني خدوخال هئس. ان هوندي به پران ٿروپس انساني ابن ڏاڏن ۾ ارتقائي ڇيڙي جي نمائندگي ڪري ٿو. هو پنهنجي وڏي ڄاڙي ۽ ڏاٺن مان گاهه خور ڏسجي ٿو ۽ ان ريت هن سڌريل آسٽرالوپٿيڪس سان برابري ٿي ڪئي، جيڪو نسل پوءِ شايد جلد ئي فنا ٿي ويو.



8. سڌريل آسٽرالپٿيڪس (Advanced Australopithecus )
زمانو: 1.7 ملين سال اڳ کان 0.9 ملين سال اڳ تائين.
اڳئين آسٽرالوپٿيڪس کان مختلف ۽ وڏي کوپڙي وارو سڌريل آسٽرالوپٿيڪس پران ٿروپس جو هم عصر هو. ٻنهي وٽ ابتدائي اوزار هئا، پر ٻئي يا ٻنهي مان ڪو هڪ اهي اوزار ٺاهيندو هو؟ اهو اڃا طئه نه ٿيو آهي. قد بت ۾ اهي ٻئي نسل پنجن پنجن فٽن جا هئا.

9. اُڀو ماڻهو (Homo Erectus)
زمانو: 0.8 ملين سال اڳ کان 0.4 ملين سال اڳ تائين (پلائسنٽوسين زمانو.)

انسان جي پنهنجي نسلي سلسلي جو پهريون ماڻهو، هوموايرڪٽس هڏ ڪاٺ جو جديد پر هٿن ۽ دماغ جي لحاظ کان گهڻو پوئتي هو. ان جي کوپڙي فقط هيٺئين درجي تائين وڌيڪ هئي. هن اوائلي ماڻهوءَ بابت چيو وڃي ٿو ته هو برادريءَ طرف وڌيو هو ۽ باهه جي استعمال کان واقف ٿي چڪو هو.

10. اوائلي باشعور ماڻهو 
(Early Homosapiens)
زمانو: 2.70 لک سال اڳ کان 1.70 لک سال اڳ تائين.
يورپ جا ٽي پنڊ پهڻ ماڻهو Steinheim, Swanschombe ۽ Montmaurin ماڻهوءَ جي جديد نسل جا شايد سڀ کان اوائلي مثال هجن. سندن ڏندن جي بيهڪ ابتدائي آهي، پر کوپڙيءَ جو پويون حصو ۽ چهرو وڌيڪ جديد آهي. دماغ جي گنجائش به جديدآھي۔

11. مڪمل ماڻهو (Solo Man)
زمانو: هڪ لک سال اڳ کان 60 هزار سال اڳ تائين.
جاوا ۾ هوموسيپائينز جو هڪ ختم ٿيل نسل ”مڪمل ماڻهو“ لڌو ويو آهي. ان جون فقط ٻه ٽڻيون ۽ کوپڙيءَ جا ڪجهه ٽڪرا مليا آهن. انهن مان خبر پوي ٿي ته سندس هڏ ڪاٺ ڏسڻ ۾ جديد هو. سندس مٿو وڏو ۽ ٿلهو هو. ان جا ڀرون ڳرا ۽ پيشانيءَ کي لاهِي هئي.

12. رهوڊيشيائي ماڻهو (Rhodesian Man)
زمانو: 50 هزار سال اڳ کان 30 هزار سال اڳ تائين.
آفريڪا ۾ رهندڙ هوموسيپائنز جي هڪ ختم ٿيل نسل جا هي ماڻهو هومو ايرڪٽس جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ جديد پر پهرئين قديم آفريڪي Bushmanlike ماڻهن کان وڌيڪ ابتدائي هئا. ان نسل جا پنڊ پهڻ پٿر ڇلڻ ۽ گهڙڻ جي اوزارن سان گڏ مليا آهن. انهن وٽان هڏين جا به اوزار لڌا آهن.

13. نيندر ٿال ماڻهو (Nenderthal Man)
زمانو: هڪ لک سال اڳ کان 40 هزار سال اڳ تائين.
پيليوليٿڪ يا پٿر جي اوائلي دور واري هن نسل جا ماڻهو ڀُوِنچ سمنڊ جي ڀرپاسي ۽ يورپ ۾ پکڙيل هئا. ڪن حالتن ۾ انهن جي کوپڙي جديد ماڻهوءَ کان وڏي هئي. هن نسل سڌريل ڊزائينن وارا ۽ مختلف قسمن جا اوزار ٺاهيا.

14. ڪروميگنان ماڻهو (Cromegnon Man)
زمانو: 40 هزار سال اڳ کان 10 هزار سال اڳ تائين.
جديد ماڻهوءَ کان ٿوري ثقافت واري ڪروميگنان ماڻهوءَ دنيا ۾ پنهنجو فن ڇڏيو آهي. ان نسل جي آرٽ ۾ غارن ۾ ٺهيل تصويرون، اُڪريل پٿر ۽ گهڙيل مورتيون آهن. هن يورپ ۾ نيندرٿال جي جاءِ ورتي ۽ آباديءَ جي لڏپلاڻ ذريعي لڳي ٿو ته سڄي دنيا تي قابض ٿي ويو. سنڌ ۾ هي نسل ميسوليٿڪ دور جو ماڻهو ٿي سگهي ٿو.

15. جديد ماڻهو (Modern Man)
زمانو: 40 هزار سال اڳ کان اڄ تائين.

جديد ماڻهو جسماني طرح ڪروميگنان کان ڪجهه مختلف آهي. ٻنهي کي جدا ڪندڙ شئي ڪلچر آهي. هن ماڻهوءَ جانور پالڻ ۽ ان پائڻ جا طريقا سکي خانه بدوش زندگي ڇڏي مستقل رهائش سکي ورتي. هي ميسوليٿڪ ۽ نيوليٿڪ دور جو ماڻهو آهي. ماڻهن ۽ بن مانسن جي ابن ڏاڏن جي هن ڊگهي ڪهاڻيءَ ۾ صاف طرح ڏسجي ٿو ته راما پٿيڪس نالي مخلوق کان وٺي هڪ سلسلو شروع ٿيو آهي، جنهن جي وچ جون ڪڙيون گم ٿيل آهن. ان جي باوجود اهو سلسلو نيندر ٿال ۽ ڪرومينگنان کان ٿيندو جديد ماڻهوءَ سان اچي ڳنڍجي ٿو



...انسان جو ڪٽنب...
اسان ماڻهوءَ جي ارتقائي ڏاڪن تي پڻ نظر وجهي چڪا آهيون. سوال آهي ته هن وقت ڌرتيءَ تي پکڙيل انساني نسلن جي ورڇ ڪيئن آهي؟ ڪجهه ماهر هن وقت انساني ڪٽنب کي گهٽ ۾ گهٽ 12 نسلن ۾ ورهايل سمجهن ٿا. ان ورڇ کي هو جينياتي گروهه بندي (Genetic Grouping) سڏين ٿا. جن کي ٿلهي ليکي جاگرافيائي حوالي سان نالا ڏنا ويا آهن. هيڏن نسلن جي باوجود انهن سڀني کي هڪ ئي جديد انساني (Homo Sapiens) درجي بنديءَ ۾ آندو ويو آهي.

بانتو (Bantu) گروهه آفريڪا جي هيٺئين اڌ ۾ رهي ٿو. سان (San) نسل آفريڪا جي بنهه ڏکڻ واري حصي ۾ اولهندي ڪنڊ ۾ آهي. ايفروايشيائي نسل اتر آفريڪا ۽ عربستان اپٻيٽ تي رهي ٿو. ڪوهه ڪاف (Caucasion) وارو نسل سڄي اپکنڊ ۽ يورپ جي ڳچ حصي تي پکڙيل آهي. ٻين لفظن ۾ هي اُهي علائقا آهن، جن تي جيئن چيو وڃي ٿو ته آرين ڪاهون ڪيون. آمريڪي نسل سڄي آمريڪي کنڊ ۽ ايشيا جي بنهه اتر واري ان ٽڪري تي رهي ٿو، جنهن کي جديد دنيا الاسڪا ۽ ايشيا کي ڳنڍيندڙ بيرنگ پل سڏي ٿويآرڪٽڪ نسل اتر قطب ۽ ان کي ويجهن يورپي علائقن ۾ رهي ٿو. اتر اوڀر وارو ايشيائي نسل منگوليا ۽ آرڪٽڪ نسل جي وچ ۾ آهي. چيني ۽ منگول نسل کي هڪ خاني ۾ رکيو وڃي ٿو. اهي هندستان جي اتر ۽ اوڀر پاسي واريون قومون آهن. ڏکڻ ايشيائي نسل ۾ ويٽنامي، ڪمپوچيائي ۽ ٿائي وغيره آهن، توڻي جو اهي لڳ ڀڳ چيني نسل لڳن ٿا .پئسفڪ ٻيٽن جا رهاڪو نسل آفريڪا جي وڏي ٻيٽ مڊاگاسڪر کان وٺي هندي وڏي سمنڊ جي سمورن ٻيٽن کان پئسفڪ سمنڊ جي الهندي ٻيٽن تي رهن ٿا، سواءِ ان جي ته آسٽريليا جي اتر ۾ واقع نيوگني ٻيٽ تي رهندڙ نسل جدا بيهڪ ۽ قد ڪاٺ رکن ٿا. آسٽريليائي نسل فقط آسٽريليا کنڊ تي ئي آهن. نيوگنين نسل جيڪو آسٽريليا جي اتر ۾ جديد زماني کان ڪٽيل حالتن ۾ رهي ٿو.

جيئن ته انسان اوائلي وقتن کان دنيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين لڏ پلاڻ ڪئي آهي ۽ نسلي ميلاپ ٿيا آهن، ان ڪري اڄ اهو چوڻ تمام مشڪل آهي ته دنيا ۾ ڪو هڪ اهڙو نسل بچيو هوندو، جيڪو مڪمل طرح ”خالص“ هجي! اهڙي دعويٰ ته شايد نيوگنيءَ جا پاپون لوڪ ۽ ڏکڻ ايشيائي به ڪري نه سگهن، پر ان هوندي به جرمن لوڪ پاڻ کي ”خالص آريا“ سمجهن ٿا. بهرحال، هاڻ بحث جو هڪ رخ اهو آهي ته هاڻوڪي ماڻهوءَ، جنهن جو جنم آفريڪا ۾ ٿيو، هوريان هوريان سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويو ۽ اڳوڻي ماڻهوءَ جي جاءِ وٺي ڇڏيائين. بحث جو ٻيو رخ اهو آهي ته هر هنڌ مقامي انسان پنهنجي ليکي جدا جدا ارتقا ڪئي آهي ۽ پوءِ هڪٻئي سان ميل ميلاپ سبب ويجهو ٿيو آهي. انهن ٻنهي بحثن کي ڪجهه هن ريت به ملايو ٿو وڃي ته جديد ماڻهوءَ جي نسلي ارتقا ته آفريڪا ۾ ٿي، پر جڏهن اهو نسل سڄي دنيا ۾ پکڙيو ته ان مقامي ماڻهن سان نسلي ميلاپ ڪيو، جنهن سان هاڻوڪا نسل پڌرا ٿيا آهن.

سائنسي بنيادن تي جڏهن ”نسل“ جي وصف بيان ڪبي ته ائين چئبو ته هڪ اهڙي آبادي جنهن جي جينياتي خاصيت ساڳي هجي، ۽ ٻين کان مختلف هجي، پر هاڻي ايئن ڪونه رهيو آهي. ان بنياد تي ڪجهه سائنسدان ته ايئن به چون ٿا ته دنيا ۾ سڀ انسان هڪ ٻئي کان مختلف آهن. ان ڪري اهو چوڻ ته سڀ انسان برابر آهن، درست نه آهي. اها تشريح سائنسي طور تي ڀلي ته وزن رکندي هجي پر ثقافتي ۽ سچي انساني جذبي جي وڏي توهين آهي ۽ اها ورڇ ڪوڙي نسل پرستي آهي، جنهن کي گوري چمڙيءَ وارن پنهنجي نسلي برتريءَ لاءِ دليل طور استعمال ڪيو آهي.

حياتيات جي اصولن جي گهرائيءَ ۾ وڃبو ته خود انهن دليلن جي نفي ٿيندي نظر اچي ٿي. انسان جي رنگ جي تبديلي جسم جي جيوگهرڙن تي اُس جو اثر آهي، جنهن سبب جسم ۾ ڪي خاص مادا متحرڪ ٿي ماحول موجب چمڙيءَ جي رنگت يا يا ڪم بدلائين ٿا. اهڙيءَ طرح قد ڪاٺ جو فرق به آهي، جنهن جا سڀ تفصيل چڱيءَ طرح سامهون نه آيا آهن.

ڌرتيءَ جو سڀني کان بزرگ يا سينيئر ساهوارو انسان ناهي، ٻيا آهن. پٿر جي دؤر جو انسان 10 لک سال اڳ ڌرتيءَ تي موجود هو، پر هو ڄڻ نو وارد هو، ڇو ته کير ڏيندڙ جانور کانئس ڏيڍ ڪروڙ سال اڳ ۽ مڇيون کانئس 20 ڪروڙ سال اڳ ڌرتيءَ تي موجود هيون.

دنيا لازمي طرح ۽ اٽل نموني ترقي ڪري رهي آهي. “ڪين” مان “ڪجهه” بلڪه تمام گهڻو “ڪجهه” پيو ٿئي. اسان ڏسون ٿا ته اربين سال سج جو اٿاهه پاڙو زندگيءَ کان خالي ۽ ويران هو. پوءِ ڌرتي پيدا ٿي. اتي به سوين ڪروڙ سال زندگيءَ جو ڪوبه آثار ڪونه هو. پوءِ نيٺ زندگي پيدا ٿي، پر وڻن ٽڻن جي صورت ۾. جڏهن جانور پيدا ٿيا، تڏهن به ڪروڙين سال ڌرتيءَ جون مالڪ اهڙيون اجگر بلائون هيون، جن کي پنهنجن ٻچن جي سنڀال ۽ پرگهور جي به ساڃاهه ڪانه هئي. ماڻهو پيدا ٿيو ته اهو به پهرين وحشي آدمخور قسم جو هو. انهن ڀيانڪ ۽ وحشي جانورن جهڙن ماڻهن مان ترقي ڪري ماڻهو ماڻهو ٿيو. 

..انسان جي آفريڪا،ايشيا کان ٿيندو يورپ ۽ اڳيان آمريڪا جي کنڊ تائين سفر جي تاريخ..

هاڻوڪو انسان اٽڪل ڏيڍ لک سال اڳ آفريڪا مان نڪري هاڻوڪي يمن پھتو، اهو عربستان جو ڏاکڻو علائقو وٺندي، ايران ان کان پوءِ سنڌ پھتا. اتان کان ٽن حصن ۾ ورهائجي، ھڪ اوڀر طرف نڪري ھندستان، کان انڊونيشيا ۽ اٽڪل 40 ھزار سال اڳ آسٽريليا پھتا. ٻيو حصو، پنجاب سرحد کان ٿيندي چين، سائيبيريا، الاسڪا ۽ اٽڪل 25 ھزار سال اڳ هاڻوڪي نارٿ آمريڪا پھتا. ٽيون حصو بلوچستان ايران ترڪي کان ٿيندي يورپ پھتو. ياد رھي ھي انساني سفر ھزارين سالن تائين ھزارين نسلن ڪيو آهي


زمين جي اونداهي تھن مان سائنو بيڪٽيريا (بلو گرين الجي) جي دريافت

زمين جي اونداهي تھن مان سائنو بيڪٽيريا (بلو گرين الجي) جي دريافت  
تحقيق  ڪندڙ : فرنينڊو پيونيٽي سانچيز ۽ ساٿي 
ترجمو: پروفيسر بشير  احمد سومرو  

سائنسدانن جي ھڪ بين الاقوامي ٽيم عام بيڪٽيريا جو شاھديون ڳولي لڌيون آهن ته ڪيئن اھي زمين جي ايتري ھيٺ گهرائيء وارن تهن ۾ رهن ٿا جتي سج روشنيء پھچڻ ناممڪن آهي ته جيئن اسان کي وري اندازو لڳائڻو پوندو انهن جي رھائش جو ايتر گھرائيء واري ايڪو سسٽم ۾ -- انھن ايلين (ٻئي سياري جي مخلوق) وارين دنيائن سوڌو زمين جي گهرائيء ۾ ھڪ ماحول آهي -- جنهن کي ڊارڪ بايو اسفيئر (ڪارو زندگيء وارو تھ) سڏجي ٿو-- جيڪو ڦھليل آهي سوين ميٽر زمين جي مٿاڇري کان ھيٺ ڦھلجي وڃي ٿو جتي اڻ ٻڌايل وڏي تعداد ۾ لڪل مائڪرو آرگنزمس اھڙن طريقن سان واڌ ويجهه ڪري رهيا آهن جو سائنسدان انهن کي اڃان تائين مڪمل طور تي سمجهي نه سگهيا آهن ـ
ھاڻي پھريون ڀيرو اسان کي شاھدي ملي آهي ته سائنو بيڪٽيريا جيڪو ڦوٽو سينٿيٽڪ بيڪٽيريا جو ھڪ فائلم آهي جنهن جي لاء تصور ڪيو ويو ته انهيء جي واڌ ويجهه جي لاء روشنيء جو ھجڻ ضروري آهي پر اھي جاندار اونداهيء واري بايو اسفيئر پڻ زنده رهي سگهن ٿا پر حقيقت ھيء آهي ته زندگيء جون ھي صورتون اھي نه ھيون جنهن جي لاء تحقيق ڪندڙ جاچ ڪري رهيا ھياـ
اسپين جي نيشنل سينٽر فار بايوٽيڪنالاجيء ۾ تحقيق ڪندڙ ھڪ مائڪرو بائلاجسٽ فرنينڊو پيونيٽي سانچيز ٻڌايو ته حقيقت ۾ اسان ھڪ ٻئي قسم جي بيڪٽيريا جي ڳولا ۾ ھياسين جڏهن ھن پٿرن جي نمونن جو مشاهدو ڪيو ـ ھن پٿرن جا نمونا اسپين جي ابيرين پائرائيٽ بيلٽ جي ڇھ سو تيرهن ميٽر يا ٻه ھزار فوٽ زمين جي گهرائي ۾ ڊرلنگ ڪري ڪڍي ورتا آهن ـ
پر جيئن ڀاڳن ۾ ٿيندو آ تنهنڪري سانچيز کي بيڪٽيريا جي بدران سائنو بيڪٽيريا (بلو گرين الجي) کي ڳولي لڌو جيڪي ھن جي لاء وڏي پريشانيء جو سبب بڻيا ڇاڪاڻ ته سائنو بيڪٽيريا جو زمين گهرائيء مان لڀڻ سانچيز جي تحقيق جي ابتڙ ھيو جيڪا ھن جي وڏي غلطيء جو سبب بڻي ـ جنهن تي سانچيز دانهن ڪندي چيو ته منهنجو پي ايڇ ڊي ايڊوائيزر منهنجي ھن غلطيء تي مونکي قتل ڪري ڇڏيندو پر اھا ھڪ وڏي خوشيء جي ڳالهه آهي ته ٽيم وڏي دلچسپ شيِء يعني سائنو بيڪٽيريا (بلو گرين الجي) دريافت ڪئي آهي جيڪا دنيا ۾ تقريبن ھر ھنڌ موجود آهي جنهن جي لاء ٿوري گهڻي روشنيء جي ضرورت آهي ـ
پرـــــ حيرت جي ڳالهه ھيء آهي جو 2000 فوٽ ھيٺ زمين جي تھن ۾ جتي ڪنهن به طرح سان روشنيء جو پھچڻ ممڪن نه آهي ـ حقيقت ۾ ايڏي گهرائيء ۽ اونداهيء ۾ سائنو بيڪٽيريا جو موجود ھجڻ حيرت انگيز آهي ـ
سانچيز سوال ڪيو ته ھي سائنو بيڪٽيريا ھتي ڇا ڪري رھيا آهن ۽ ھي ھيڏي گهرائيء ۽ اونداهيء ۾ ڇا ڪري رهيا آهن ـ
ھن سوال جو جواب اسان کي ھائڊروجن ڏانهن لاڙي ٿو ڌرتيء جي گھرائي مان دريافت ٿيل سائنو بيڪٽيريا جي جينياتي مان پتو پيو ته اھا ڪيلوٿرڪس, ڪروڪوڪسيڊياپسس ۽ مائيڪروڪوليس جينرا سان تعلق رکن ٿا ۽ ڌرتيء جي تھن ۾ موجود ھنڌ جتان زندگيء جا قسم مليا هيا اھو مقامي طور تي ھائڊروجن جي گهٽ گھاٽائپ سان لاڳاپيل ھئي ـ
ٽيم سوچي ٿي ته ھي سائنو بيڪٽيريا جيڪي ڌرتيء جي اھڙن اونداهن تھن ۾ رهن ٿا جتي سج جي روشني ۽ آڪسيجن جي غير موجودگيء ۾ توانائي ھائڊروجن جا اليڪٽران مھيا ھائڊروجن جا اليڪٽران توانائي مھيا ڪرڻ جي لاء جيو گهرڙن جي اندر ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ تائين مختلف اليڪٽران قبول ڪندڙ ماليڪيولن تائين پھچائين ٿا سو به زمين جي ھيٺين ماحول ۾ ۽ پوء سائنو بيڪٽيريا ھن عمل جي ذريعي ٿوري تعداد ۾ توانائيء حاصل ڪري وٺن ٿا ـ
زمين جي گهرائيء ۾ رھندڙ سائنو بيڪٽيريا جا جيو گهرڙا پٿرن جي ٽڪرن سان چنبڙيل آهي ( پي اين اي ايس) (ڳاڙهي روشني ء وارا سگنل )ـ
اليڪٽران ٽراسپورٽ سسٽمن جو ملوث ھجڻ سائنو بيڪٽيريا جي ٻين قسمن ۾ اڳ ۾ به دريافت ٿيو آهي, پر ھتي تحقيق ڪندڙن راء ڏني ته ھائڊروجن مان توانائي وٺڻ وارو طريقو حقيقت ۾ ھن جي زنده رھڻ سبب آهي , ڦوٽو سينٿيسز واري عمل ۾ آڻڻ جي بدران ـ
جڏهن ته ھن وقت تائين اھو ھڪ انديشو آهي , تحقيق ڪندڙ چون ٿا ته سائنو بيڪٽيريا کي سخت ماحول ۾ زنده رھڻ جون صلاحيتون آهن جيئن سامونڊي ۽ رڻ پٽ وارن ٻوٽن ۾ زندھ رهڻ جو سسٽم ھوندو آهي ـ
ڪجهه سائنو بيڪٽيريا جيڪي اونداهين غارن ۾ موجود ھونديون آهن اھي پڻ سج جي روشنيء کانسواء جتي ڦوٽو سينٿيسز ممڪن ئي نه آهي انھيء ھنڌن تي پاڻ کي زنده رکنديون آهن ـ ھي چونڊ وارو مڪينزم سائنو بيڪٽيريا جي صلاحيتن تي ڀاڙي ٿو ۽ شايد ڦوٽو سينٿيسز نه ڪرڻ وارن سائنو بيڪٽيريا جي ابن ڏاڏن جي زندگيء جو عڪس ھوندوـ
جيڪڏهن تحقيق ڪندڙ صحيح آهن ته پوء ھي اسان کي سمجهڻ جو نئون موقعو ملندو ته مائيڪروبس زمين جي ايڏي وڏي گهرائيء ۾ ڪيئن زنده ٿا رهن جنهن تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي ـ

Tuesday, 20 November 2018

اڇها گهرڙا White blood cells حصو پنجون

اڇا گهرڙا                                     White blood cells
اصغر ساگر"

حصو پنجون

⏩Types of Leukemia
◀لنواڻ جا قسم :-

▶There are 4 main types of Leukemia.
لنواڻ جا 4 قسم آھن.

▶(1)Acute myeloid (or myelogenous) leukemia (AML)
◀مھلڪ مغزي لنواڻ

▶(2)Chronic myeloid (or myelogenous) leukemia (CML)
◀ڪھني مغزي لنواڻ

▶(3)Acute lymphocytic (or lymphoblastic) leukemia (ALL)
◀مھلڪ لعابي لنواڻ

▶(4)Chronic lymphocytic leukemia (CLL)
◀ڪھني لعابي لنواڻ

⏩(1)Acute myeloid (or myelogenous) leukemia (AML)
مھلڪ مغزي لنواڻ يا مھلڪ دماغي لنواڻ :-

Acute myeloid leukemia (AML) or
Acute myelogenous leukemia (AML) is a type of blood cancer. It usually begins in cells that turn into white blood cells. Sometimes, though, AML can start in other types of blood-forming cells.
Acute myelogenous leukemia (AML) is a cancer of the blood and bone marrow — the spongy tissue inside bones where blood cells are made.
The word "acute" in acute myelogenous leukemia denotes the disease's rapid progression it affects a group of white blood cells called the myeloid cells, which normally develop into the various types of mature blood cells, such as red blood cells, white blood cells and platelets.
Acute myelogenous leukemia is also known as acute myeloid leukemia, acute myeloblastic leukemia, acute granulocytic leukemia and acute nonlymphocytic leukemia.
Although there’s no cure, there are treatments that can make a big difference.
مھلڪ مغزي لنواڻ  يا مھلڪ دماغي لنواڻ AML رت جي ڪينسر جو نمونو آھي. اھو اڪثر ڪري گهرڙن ۾ شروع ٿئي ٿو جيڪي اڇن گهرڙن ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا. ڪڏھن ڪڏھن ايميل ٻين نمونن جي رت ٺاھيندڙ گهرڙن ۾ شروع ٿين ٿا. 
مھلڪ دماغي لنواڻ (ايميل) مک ۽ رت جو ڪينسر آھي ۔ ھڏي اندر فنجي تاندورا رت جا گهرڙا ٺھن ٿا.
مھلڪ دماغي لنواڻ ۾ مھلڪ لفظ بيماري جي تڪڙي اوسر ڏئي ٿو. اھا اڇن گهرڙن کي متاثر ڪري ٿي جن کي مغزي گهرڙا سڏيو وڃي ٿو جيڪا اڇن گهرڙن جي بالغ گروپ کي متاثر ڪري ٿي،  جيڪا مختلف بالغ رت جي گهرڙن ۾ اوسر وٺي ٿي جيئن ڳاڙھا گهرڙا ۔ اڇا گهرڙا ۽ پرت.
مھلڪ دماغي لنواڻ کي مھلڪ مغزي لنواڻ ۔ مھلڪ ميڄالي لنواڻ ۔ يقيني بافتي لنواڻ ۽ مھلڪ بي لعابي لنواڻ سڏيو وڃي ٿو.
جيتوڻيڪ ھن جو ڪوبہ علاج ناھي تہ بہ ھتي علاج آھن جن سان وڏو فرق آڻي سگهجي ٿو.

▶Signs and symptoms of Acute myelogenous leukemia:
◀مھلڪ مغزي لنواڻ جا ڏيک ۽ نشانيون :-

Fever, Bone pain, Lethargy and fatigue Shortness of breath, Pale skin, Frequent infections, Easy bruising Unusual bleeding, such as frequent nosebleeds and bleeding from the gums.
بخار ۔ ھڏن جو سور ۔ سستي ۽ ٿڪ ۔ اڀساھي ۔ پيلي چمڙي ۔ بار بار ڇوت ۔ آسان رڳڙي غيرمعمولي رت اچڻ جيئن بار بار نڪ مان رت اچڻ ۽ مھارن مان رت اچڻ.

Make an appointment with a doctor if you develop any signs or symptoms that seem unusual or that worry you.
ڊاڪٽر سان ملو جيڪڏھن توھان ۾ اھڙا ڏيک يا نشانيون اچن ٿيون جيڪي ڪڏھن ڪڏھن ڏسڻ ۾ اچن ٿيون يا توھان کي ڳڻ ڳوت ڏين ٿيون.

▶Causes :-
◀سبب :-
Acute myelogenous leukemia is caused by damage to the DNA of developing cells in bone marrow. When this happens, blood cell production goes wrong. The bone marrow produces immature cells that develop into leukemic white blood cells called myeloblasts. These abnormal cells are unable to function properly, and they can build up and crowd out healthy cells.
مھلڪ دماغي لنواڻ ھڏي جي مک ۾ اسرندڙ گهرڙن جي ڊي اين اي جي ٽٽڻ ڦٽڻ جي ڪري ٿئي ٿي. جڏھن اھا لاحق ٿئي ٿي رت جي گهرڙن جي اپت غلط ٿي وڃي ٿي. مک نابالغ گهرڙا پيدا ڪري ٿي جيڪي ڪينسري اڇن گهرڙن ۾ اوسر وٺن ٿا جن کي ميلوب گهرڙا Myeloblasts  سڏيو وڃي ٿو. اھي اڻپورا گهرڙا خاص طور تي ڪم ڪري نٿا سگهن ۽ اھي جوڙجڪ وٺن ٿا ۽ ميڙ جي صورت ۾ صحتمند گهرڙن کي نيڪالي ڏين ٿا.

▶In most cases, it's not clear what causes the DNA mutations that lead to leukemia. Radiation, exposure to certain chemicals and some chemotherapy drugs are known risk factors for acute myelogenous leukemia.
◀گهڻن ڪيسن ۾ اھو چٽو نہ ھوندو آھي تہ ڇا جي ڪري ڊي اين اي جي بالغي لنواڻ ڏي وڃي ٿي. تابڪاري ۔ يقيني ڪيمياڻ نوشي ۽ ۽ ڪجھ ڪيموٿاپي نشاڻ يقيني مغزي لنواڻ لاء جوکي وارا فيڪٽر آھن.

▶Increasing age :-
◀عمر جو وڌڻ :-
The risk of acute myelogenous leukemia increases with age. Acute myelogenous leukemia is most common in adults age 65 and older.
يقيني مغزي لنواڻ جا جوکا عمر سان وڌن ٿا. يقيني مغزي لنواڻ گهڻو ڪري 56 سالن وارن بالغن ۽ پوڙھن ۾ عام ٿئي ٿي.

▶Sex :-
◀جنس :-
Men are more likely to develop acute myelogenous leukemia than are women.
مردن ۾ جھڙوڪر عورتن کان وڌيڪ  يقيني دماغي لنواڻ ٿئي ٿي.

▶Acute myeloid leukemia starts in the bone marrow. This is the soft inner parts of bones.
◀مھلڪ مغزي لنواڻ مک ۾ شروع ٿئي ٿي. ھي ھڏن جا اندريان نرم حصا آھن.

▶With acute types of leukemia such as AML, bone marrow cells don't mature the way they're supposed to. These immature cells, often called blast cells, keep building up.
◀لنواڻ جي مھلڪ قسمن جھڙوڪ ايميل AML جي ڪري مک جا گهرڙا بلوغت نٿا ماڻن جھڙي نموني انهن کي ماڻڻ کپي. اھي نابالغ گهرڙا جن کي ڌماڪيدار گهرڙا سڏيو وڃي ٿو تشڪيل پائيندا رھن ٿا.

▶Without treatment, AML can quickly be life-threatening. Because it's "acute," this type of leukemia can spread quickly to the blood and to other parts of the body, such as the: Lymph nodes, Liver, Spleen, Brain and spinal cord Testicles.
◀علاج کان سوا ايميل AML جيون کي ڌڪاريندڙ ٿي سگهي ٿو. ڇوجو اھو مھلڪ آھي لنواڻ جو ھي قسم رت ۾ ۽ جسم جي ٻين حصن ۾ تيزي سان پکڙجي ٿو جيئن لعابي ڳنڍ ۔ جيري ۔ تري ۔ دماغ ۽ مغزي ڏوري.

▶Each person is different, and how acute myeloid leukemia affects them depends on certain things, including how well the cancer responds to treatment. Your outlook is better if:
◀ھر ماڻھو مختلف آھي ۽ مھلڪ مغزي لنواڻ انهن کي متاثر ڪري ٿو جيڪي ٻين شين تي ڀاڙن ٿا بشمول  ڪينسر ڪھڙي سٺي نموني علاج جي موٽ ڏئي ٿو.

▶Smoking Exposure to certain chemicals such as benzene (a solvent used in oil refineries and other industries and present in cigarette smoke), certain cleaning products, detergents, and paint strippers. Some chemotherapy drugs used to treat other cancers, such as mechlorethamine,
procarbazine, and chlorambucil -- especially when combined with radiation therapy, Exposure to high doses of radiation Certain blood disorders such as myeloproliferative disorders (for example, chronic myelogenous leukemia) Some birth defects and disorders, such as Down syndrome Being male
Causes and Risk Factors
Acute myeloid leukemia risk factors include:
◀ڪيمياڻ جي يقيني تماڪ نوشي جيئن بينزين (  تيل جي رفائنرين ۽ ٻين صنعتن ۽ ھاڻي سگريٽ جي دونھي ۾ استعمال ٿيندڙ)، يقيني صفائي ڪندڙ پراڊڪٽن، ڊٽرجنٽن ۔ پينٽ اسٽرپر.  ڪجھ ڪيموٿاپي نشاڻ جيڪا ٻين ڪينسرن جي علاج لاء ڪم اچي ٿا جيئن
ميڪلوٿيماڻ ۔ پروڪارباڻ ۽ ڪلورمبيوسل خاص طور تي جڏھن انهن ۾ تابڪار ٿاپي ھجي، تابڪار ٿاپي جا وڏا ڊوز وٺڻ،  يقيني رت جون بي ترتيبيون جيئن ليڦي (ڪينسر) بي ترتيبيون مثال طور مھلڪ مغزي لنواڻ، ڪجھ ڄم جا نقص ۽ بي ترتيبيون جيئن مرد ھجڻ ڪري ڳوڙھ.

▶Previous cancer treatment :-
People who've had certain types of chemotherapy and radiation therapy may have a greater risk of developing AML.
◀ماڻهو جن تي ڪيموٿاپي ۽ تابڪار ٿاپي جا يقيني نمونا ٿين ٿا انهن ۾ ايميل AML جي وڌڻ جا وڏا جوکا ٿي سگهن ٿا.

▶Exposure to radiation :-
People exposed to very high levels of radiation, such as survivors of a nuclear reactor accident, have an increased risk of developing AML.
◀تابڪار جون تمام حدون ورتل ماڻھو جيئن نيوڪليئر ريئيڪٽر جي حادثي کي جهاليندڙ، انهن ۾ ايميل جي اسرڻ جا وڌيل جوکا ٿين ٿا.

 ▶Dangerous chemical exposure :-
Exposure to certain chemicals, such as benzene, is linked to a greater risk of AML.
◀يقيني ڪيمياڻ ۾ وٺجڻ جيئن بينزين، جو ايميل جي جوکي سان ڳانڍاپو ھوندو آھي.

▶Smoking :-
AML is linked to cigarette smoke, which contains benzene and other cancer-causing chemicals
◀ايميل جو سگريٽ نوشي سان ڳانڍاپو ھوندو آھي جنھن ۾ بينزين ۽ ٻيا ڪينسر وارا ڪيمياڻ اچي وڃن ٿا.

▶Other blood disorders :-
People who've had another blood disorder, such as myelodysplasia, myelofibrosis, polycythemia vera or thrombocythemia, are at greater risk of developing AML.
◀ماڻھو جن کي ٻي رت جي بي ترتيبي ھئي جيئن مغزي ڳوڙھ ۔ مغزي تاندوري درد ۔ رتاڻ (رت جو گهڻو وڌڻ) ۽ پرتاڻ ( پرتن جو گهڻو وڌڻ) ايميل جي وڌڻ جا وڏا جوکا آھن.

 ▶Genetic disorders :-
Certain genetic disorders, such as Down syndrome, are associated with an increased risk of AML.
◀جينياتي بي ترتيبيون :-
جينياتي بي ترتيبيون جيئن ڳوڙھ ايميل جي جوکي وڌڻ سان منسلڪ آھن.

▶Many people with AML have no known risk factors, and many people who have risk factors never develop the cancer.
◀ايميل ھجڻ ڪري گهڻن ماڻهن کي ڄاڻايل جوکا نہ ھوندا آھن ۽ ڪيترائي ماڻھو جن کي جوکي جا فيڪٽر ھوندا آھن انهن ۾ ڪڏھن بہ جوکي جي اوسر نٿي ٿئي.

▶Although there is no way to completely prevent AML, you may lower your risk by not smoking and avoiding exposure to chemicals.
◀ايميل کان بچڻ جو ڪوبہ رستو ناھي پر توھان تماڪ نوشي کي گهٽ ڪري ۽ ڪيمياڻ نوشي کان پرھيز ڪري جوکي کي گهٽائي سگهو ٿا.

ھلندڙ

حصو چوٿون اڇها گهرڙا White blood cells

حصو چوٿون
"اصغر ساگر" 

▶White blood cells                   اڇا گهرڙا◀

(2) لنواڻ ۔ وڌيڪ اڇا گهرڙا           Leukaemia

Leukemia is a cancer of the blood or bone marrow. Bone marrow produces blood cells. Leukemia can happen when there is a problem with the production of blood cells. It usually affects the leukocytes, or white blood cells.
It is most likely to affect people over the age of 55 years, but it is also the most common cancer in those aged under 15 years.
Acute leukemia develops quickly and worsens rapidly, but chronic leukemia gets worse over time.
Leukemia is one of the most common childhood cancers, but it most often occurs in older adults.Leukemia can be fatal, but there are ways of treating and controlling the disease and its symptoms.
لنواڻ مک يا رت جي ڪينسر آھي. مک رت پيدا ڪري ٿي. لنواڻ تڏھن ٿئي ٿي جڏھن رت جي گهرڙن جي اپت ۾ مسئلو پيدا ٿئي ٿو. اھا اڪثر ڪري اڇن گهرڙن يا مني کي متاثر ڪري ٿي.
اھا گهڻو تڻو 55 سالن کان مٿي ماڻهن کي متاثر ڪري ٿي پر اھا سالن جي عمر وارن ۾ گهڻو عام آھي.
يقيني لنواڻ جلدي وڌي ٿي ۽ ٺھ پھ بدترين ٿي وڃي ٿي پر مھلڪ لنواڻ وقت سان بدترين ٿئي ٿي.
لنواڻ ٻاروتڻ جي گهڻو ڪري عام ڪينسر آھي پر اھا اڪثر ڪري پوڙھن ۾ ٿئي ٿي. لنواڻ موتمار ٿي سگهي ٿي پر ھتي علاج ڪرڻ ۽ بيماري ۽ ان جي نشانين کي ضابطي ۾ آڻڻ جا طريقا موجود آھن.

▶Causes of Leukaemia 
◀لنواڻ جا سبب :-

▶(1) Leukemia happens when the DNA of immature blood cells, mainly white cells, becomes damaged in some way.
لنواڻ تڏھن رونما ٿئي ٿي جڏھن رت جي گهرڙن جا جينوم، خاص ڪري اڇا گهرڙا ڪنھن نموني ضايع ٿي وڃن ٿا.

▶(2)This causes the blood cells to grow and divide continuously, so that there are too many.
ھي رت کي وڌائي ٿو ۽ ان کي مسلسل تقسيم ڪري ٿو ان ڪري اھي گهڻا ٿي وڃن ٿا.

▶(3) Healthy blood cells die after a while and are replaced by new cells, which are produced in the bone marrow.
رت جا صحتمند گهرڙا کن ۾ مري وڃن ٿا ۽ انهن جي جڳھ تي نوان گهرڙا اچن ٿا جيڪي مک ۾ پيدا ٿين ٿا.

▶(4) The abnormal blood cells do not die when they should. They accumulate, occupying more space.
اڻپورا رت گهرڙا مرن نٿا جڏھن تہ انهن کي مرڻ کپي. اھي ميڙ جي صورت ۾ وڌيڪ جڳھ والارين ٿا.

▶(5) As more cancer cells are produced, they stop the healthy white blood cells from growing and functioning normally, by crowding out space in the blood.
جيئن وڌيڪ ڪينسر گهرڙا پيدا ٿين ٿا اھي رت جي خال ۾ ميڙ ٿي صحتمند گهرڙن جي اپت ۽ صحيح نموني ڪم ڪرڻ کي روڪين ٿا.

▶(5) Essentially, the bad cells crowd out the good cells in the blood.
رت جا خراب گهرڙا رت مان ميڙ جي صورت ۾ سٺن گهرڙن کي ڪڍن ٿا.

▶(6) Genetic predisposition :-
◀جينياتي لاڙو :-

Some people appear to have a higher risk of developing leukemia because of a fault in one or several genes.
ڪجھ ماڻھن ۾ ھڪ يا ڪيترن جينن ۾ نقص جي ڪري  لنواڻ پيدا ڪرڻ جو وڏو جوکو ظاھر ٿئي ٿو.

▶(7) Down syndrome :-
◀کليل ڳوڙھ :-

People with Down syndrome appear to have a higher risk, possibly due to certain chromosomal changes.
کليل ڳوڙھ وارن ڪجھ ماڻھن ۾ يقيني موروثن جي تبديلي جي ڪري وڏو جوکو ھوندو آھي.

▶(8) It has been suggested that exposure to electromagnetic energy might be linked to leukemia, but there is not enough evidence to confirm this.
تجويز ڪيو ويو آھي تہ چقمقي برق توانائي جو لڳڻ لنواڻ سان مناسبت رکي ٿو پر ان کي ثابت ڪرڻ لاء ڪو ڪافي دليل نہ ھوندو آھي.

▶(8) Previous cancer treatment :-
◀پويون ڪينسر جو علاج :-
People who've had certain types of chemotherapy and radiation therapy for other cancers have an increased risk of developing certain types of leukemia
ماڻھن جن ٻين ڪينسرن لاء ڪيموٿاپي  تابڪار ٿاپي جا يقيني نمونا ڪرايا آھن انهن جي لنواڻ جي يقيني نمونن جي وڌڻ جا جوکا وڌي وڃن ٿا.

▶(9) Genetic disorders :-
◀جينياتي بي ترتيبيون :-

Genetic abnormalities seem to play a role in the development of leukemia. Certain genetic disorders, such as Down syndrome, are associated with an increased risk of leukemia
جينياتي اڻپورايون لنواڻ جي اوسر ۾ ڪردار ادا ڪندي نظر اچن ٿيون. يقيني جينياتي بي ترتيبيون جھڙوڪ کليل ڳوڙھ لنواڻ جي وڌڻ سان واسطو رکن ٿيون.

▶(10) Exposure to certain chemicals :-
◀ يقيني ڪيمياڻ لڳڻ :-

Exposure to certain chemicals, such as benzene — which is found in gasoline and is used by the chemical industry — is linked to an increased risk of some kinds of leukemia.Smoking. Smoking cigarettes increases the risk of acute myelogenous leukemia.
يقيني ڪيمياڻ لڳڻ جھڙوڪ بينزين جيڪا گيسولين ۾ پاتي وڃي ٿي ۽ ڪيميائي صنعتن ۾ استعمال ٿئي ٿي اھا لنواڻ جي ڪجھ جوکن سان لاڳاپيل ٿئي ٿي. سگريٽ پيئڻ يقيني مغزي لنواڻ جي جوکي کي وڌائي ٿي.

(11) Family history of Leukemia :-
◀لنواڻ جي خانداني تاريخ :-

If members of your family have been diagnosed with leukemia, your risk of the disease may be increased.
جيڪڏھن توھان جي خانداني ميمبرن جي لنواڻ سان سڃاڻپ ٿئي ٿي توھان جي بيماري جو جوکو وڌي سگهي ٿو

ھلندڙ