Saturday, 9 November 2019

Everything You Need to Ace Math in One Big Fat Notebook_ The Complete Middle School Study Guide PDF

ايجادن جو بادشاھ

ايجادن جو بادشاھ
”دريا خان“

دنيا جي عظيم ترين ماڻھو جنھن بابت چيو ويندو آهي تہ ان مستقبل ايجادون ڪيون، ٿامس ايلو ايڊيسن 11 جنوري 1847ع جو پيدا ٿيو ايڊيسن وڏي جدوجھد جي زندگي گذاري، انھن جي پھرين نوڪري ريل ۾ اخبار ويڪرو ڪرڻ واري نوڪري هئي، پر ان انهيءَ نوڪري ۾ بہ ايجاد جو ڪم ڪڍي ورتو هئو ۽ هڪ ننڍي پرنٽنگ مشن وٺي ڪري پاڻ ئي هڪ هفتواري اخبار پڌري ڪرڻ لڳو، 1862ع ۾ ان ٽيلي گرافي جو ڪم سکيو ۽ پوءِ اهو اي ڪم ڪرڻ لڳو، 1869ع ۾ ان پنھنجي پھرين ايجاد کي پٽينٽ ڪرايو، هي اليڪٽرڪ ووٽ ريڪارڊ هئو، جيڪو ميڪاني طور تہ ووٽون کي درج ڪري وٺندو هئو، انھي سال اهو نيورياڪ ويو. جتي ان اسٽاڪ بروڪرز جي استعمال لاءِ هڪ اوزار Stock ticker ايجاد ڪيو، هي ايجاد واري اسٽريٽ جي وڏي تجارتي اداري چاليھ هزار ڊالرن ۾ ورتي، ان پئسن ايڊيسن جي زندگي بدلي ڇڏي، پھرين ان نيو جرسي ۾ هڪ تجربہ گاھ ٺاهي، پوءِ اهو مينلو پارڪ شفٽ ٿي ويو، 1877ع ۾ ان گراهم بيل جي ايجاد ڪيل ٽيلي فون کي مرمت ڪري سٺو بڻايو ۽ هي نظام انگلستان جي هڪ اداري کي ٽيھ هزار پوند ۾ ويڪرو ڪيو، انھي سال ايڊيسن پنھنجي مشهور ايجاد فونو گراف پيش ڪئي، سپٽمبر 1878ع ۾ بجلي جي بلب جي ايجاد ڏا ڌيان ڏنو ۽ هڪ سال کانپوءِ 21 آڪٽوبر 1979ع ۾ اهو هڪ بلب ساڍا تيرهن ڪلاڪ روشن رکڻ ۾ ڪامياب ٿيو، 1889ع ۾ ان تصوير جي حرڪت تي ڪم ڪيو.

تصوير جي حرڪت بابت
https://sciencejeduniya.blogspot.com/2019/11/blog-post_3.html?m=1

ملڪي وي کان اڳتي

ملڪي وي کان اڳتي
حصو آخري
ٻاهرين ڪهڪشاني نيبيولا

هبل اينڊروميڊا کي پھريون ٻاهرين ڪهڪشاني نيبيولا ڪوٺيو، ڇوجو هي ملڪي وي جي حدن کان بہ ٻاهر هئو، هاڻي تائين جن ڏُور وارن نيبيولان سان اسان واقف ٿي چڪا آهيون، اهوئي اسان کان اربن نوري سال جي پنڌ تي آهن. يعني اسانجي مشاهدي هيٺ ڪائنات جي گھڻي ڪنڊ تي. ماهرن فلڪيات اڄ بہ ڪائنات ۾ ڪهڪشائن جي صحيح انگ جو پڪو اندازو ناهين لڳائي سگھيا. ڪجھ ماهرن جي خيال ۾ اسانجا سٺا اوزار بہ انھن مان تقريبن هڪ هزار بلين کي ئي دريافت ڪري سگھيا آهن. هر ٻيٽ ڪائنات نيبيولا پنھنجي پاڻ ۾ اربين کربين تارن جو هڪ جهڳٽ آهي. اڄ ڪائنات جنھن عظيم ۽ وڏي حقيقت جي شڪل ۾ اسانجي سامھون آهي، انجي مقابلي ۾ هي شروعاتي تصور تہ سڄي جي سڄي ڪائنات صرف اسانجي ملڪي وي ڪهڪشان تائين محدود آهي، جيڪو ساڌو خيال محسوس ٿئي ٿو، هن ڪائنات جي ماپ انکان گھڻي وڏي آهي، جيترو شروعاتي دور جا ماهر فلڪيات سوچيندا هئا، ۽ ايترو وسيع جو حقيقتن انساني سوچ جي قابو کان بہ ٻاهر آهي.

:- ڪهڪشاني نيبيولا
ايترو تہ اوهانکي سمجھ ۾ اچي ويو هوندو تہ گهڻا نيبيولا حقيقتن ڏورانهن ڪهڪشائون ئي آهن، پر ڪجھ نيبيولا اهڙا بہ دريافت ٿيا آهن، جن جو مادو ائين ئي هو جيئن پراڻين فلڪيات دانن سوچيو هئو، يعني روشن ۽ گيس جا عظيم ڪڪر، جيڪي گھڻي پنڌ تي موجود هئا، پر ملڪي وي جي حدن جي اندر ئي هئا، انھن کي”ڪهڪشان نيبيولا“ چيو ويو.
جھڙو پلاس پنھنجي نيبيولا نظري ۾ بلڪل غلط نہ هئو. ڇوجو انھن مان ڪجھ نيبيولا اهڙا آهن جيڪي تاري کي جنم ڏيندا آهن، پر صرف هڪ نہ بلڪ ڪروڙين، ڪهڪشاني نيبيولا گھڻو ڪري تارن جي جهڳٽ ۾ وڙهندڙ نظاري ۽ رنگن ۾ موجود آهن. مثال نيبيولا” لگون“ جيڪو برج ۾ روشن ڪڪرن جو هڪ سندر چڪر ٺاهيل آهي. جڏهن تہ نيبيولا ”ويل“ برج Cygnus ۾ چمڪندڙ تارن جي ڇانوَ سان گڏ، پکي جي هڪ کنڀ جيان پکڙيل آهي. ڪهڪشاني نيبيولا جي هڪ الڳ گروپ اهڙا بہ آهن جيڪي چمڪندا ناهين پر ان جي موجودگي جو احساس ان وقت ٿيندو آهي جڏهن اهو پنھنجي پويان موجود تارن جي روشني ۾ خلل وجھندو آهي، انھن ڪارن نيبيولا مان هڪ”هارس بيڊ“ نيبيولا آهي، جيڪو برج جوزا ۾ آهي، جڏھن تہ ٻيو” ڪول سڪ Coalsuck“  آهي جيڪو ڏکڻ ڪراس جو گھڻو ڪارو علائقو آهي.

:- جهڳٽن جا جهڳٽ Cluster
ڪهڪشاني جهڳٽ 
نيبيولا جي باري ۾ هاڻي تائين اسان گھڻو ڪجھ ڄاڻي ورتو، هاڻي هتي ڪهڪشائن بابت ڪجھ حيرت ۾ وجھندڙ حقيقتون بيان ڪنداسين، هاڻي تائين تہ اوهان اهو ڄاڻي چڪا آهيو تہ ڪهڪشائن، جن ۾ ملڪي وي بہ شامل آهي. حقيقتن تارن ۽ سيارن جا عظيم ذخيرا هونديون آهن. پر هي ڪهڪشائون بہ پنھنجي باهمي ڪشش ثقل ڪارڻ الڳ الڳ گروپن ۾ هونديون آهن، انکي ائين بہ سمجھي سگھجي ٿو تہ جنهن ريت سيارا، هڪ تاري جي ويجھو گھمي رهيا آهن ۽ تارا ڪهڪشاني مرڪز جي وچ، بلڪل انھي ريت هي ڪهڪشائون بہ ثقل جي ڪائناتي طاقت ڪارڻ ئي الڳ الڳ گروپ ٺاهي ڪري حرڪت ڪري رهيون آهن، اسانجي ملڪي وي بہ اهڙي ئي هڪ گروپ جو حصو آهي جنھن کي”لوڪل گروپ“ چيو ويندو آهي، هي گروپ 19 ننڍين وڏين ڪهڪشائن تي مشتمل آهي، هن گروپ جي سڀ کان وڏي ڪهڪشان andromeda، يعني M31 آهي جنھن جو ذڪر اسان ڪري چڪا آهيون. ٻئي نمبر تي اسانجي پنهنجي ملڪي وي جو آهي، جڏهن تہ ان گروپ جون باقي ڪهڪشائون گھڻو ننڍيون آهن. ملڪي وي کان ڪجھ ننڍيون ٻہ ننڍيون ڪهڪشائون آهن جن کي”ننڍو جهڳٽ ڪڪر“ ۽ ”وڏو جهڳٽ ڪڪر“ چيو ويندو آهي. لوڪل گروپ تہ خالي ڪجھ ڪهڪشائن تي شامل آهي، پر ڪائنات ۾ ڪهڪشائن جا ڪجھ اهڙا گروپ بہ دريافت ٿيا آهن جيڪي هزارن ڪهڪشائن تي شامل آهن، انهن مان هڪ جهڳٽ Virgo ۽ ٻيو Coma Beremices آهي. هي جهڳٽ ترتيب سان هڪ هزار ۽ ڏھ ھزار ڪهڪشائن تي شامل آهي ۽ اسان کان چاليھ ڪروڙ نوري سال جي پنڌ تي آهن. پر هاڻي ڪهڪشائن جا جهڳٽ بہ ڪائنات ۾ مادي جا عظيم ترين ذخيرا ناهين رهيا، اڄ اهو ثابت ٿي ويو آهي تہ لوڪل گروپ بہ پنھنجن سڀني ڪهڪشائن ساڻ، حقيقيتن گھڻا وڏا آني جيان ”ڪهڪشاني جهڳٽ“ گيلڪٽڪ سپر ڪلسٽر جو هڪ حصو آهن. هي گھٽ ۾ گھٽ پنجاھ ڪهڪشاني جهڳٽن تي شامل آهن، هي ڪهڪشاني جهڳٽ، ڏھ ڪروڙ نوري سال جيترو وڏو آهي، ۽ انجو مرڪز ٽي ڪروڙ نوري سال جيترو ٿلو آهي. اهو سوال اڃان بہ باقي آهي تہ ڇا ڪهڪشاني جهڳٽ هن ڪائنات ۾ ڪهڪشائن جو آخري عظيم ترين قدرتي ترتيب آهي يا نہ؟ يا پوءِ ڪهڪشاني جهڳٽ بہ پاڻ مرادو ڪنھن گھڻي وڏي وسي گروپ جو حصو آهن؟ هي ڪائنات واقعي ان کان بہ گهڻي پراسرار آهي جيترو اسان سوچي سگھون ٿا.

Friday, 8 November 2019

ملڪي وي کان اڳتي

ملڪي وي کان اڳتي
حصو ٻيو
”دريا خان“


نيبيولا 

گيليليو پھريون ڀيرو دوربيني مان زميني مٿاڇري جو مشاهدو ڪرڻ کانپوءِ، فلڪيات دان ان حقيقيت کان واقف ٿي چڪا هئا. تہ ڪائنات ۾ صرف تارا ئي اهوئي جسم ناهين جيڪي چمڪندا آهن بلڪ اتي ڪمزور، ڌنڌلا ۽ گھڻا آلودا روشني جا ڪڪر بہ موجود آهن، انھن مان سڀ کان مشھور، (اينڊروميڊا Andromeda( ۾ موجود نيبيولا” اينڊروميڊا“ آهي، صديون اڳ عربن انکي پنھنجي تارن جي نقشن ۾ شامل ڪيو هئو. دور جديد ۾ انجو مشاهدو ڪرڻ وارو ماڻھون”سائمن موريئس“ هئو، جنھن دوربين جي تازي ايجاد مان فائدو وٺندي، 12 سپٽمبر 1612ع ۾ ”اينڊروميڊا“  جي وضاحت مھيا ڪئي، ۽ انکي ميڻ بتي جي ميڻ سان سروڪار ڏني، آسمان جي مشاهدو لاءِ جيئن جيئن دوربينن جو استعمال وڌندو ويو. انھن عجيب جسمن جو بہ وڏو انگ دريافت ٿيندو ويو، انھن مان ڪجھ تہ ايترا ڪارا هئا جو انھن کي گهٽ طاقت واري دوربينن جي مدد سان نہ پئي ڏسجي سگھيو، جڏهن تہ ڪجھ وڏا ۽ گھڻا چمڪندڙ پڻ هيا. ماهرن انھن کي نيبيولا جو نالو ڏنو.

:- ميسئي Messier
1781ع ۾ فرانسيسي ماهر فلڪيات، چارلس ميسئي انھن جسمن جي لسٽ ٺاهڻ شروع ڪئي، انھن جي ائين ڪرڻ جو ڪارڻ، انھن جي نيبيولان ۾ دلچسپي نہ هئي بلڪ انھن جو ڌيان پڇ، پڇاڙي وارن تارن ڏا هئو، هاڻ ڇوجو نيبيولا ۽ پڇ وارا شھابين پاڻ ۾ هڪجهڙائي رکندا آهن. انڪري ميسئي پنھنجي سولائي لاءِ فيصلو ڪيو تہ ڇونہ شھابين جي بہ هڪ الڳ لسٽ ٺاهجي، ۽ انھن جا مقام بہ بيان ڪيا ويا تہ جيئن اهوئي ۽ پڇ وارن تارن جا ٻيا شڪاري ڌوڪو نہ کائي سگھن، انھن جي شروعاتي لسٽ چاليھ شھابين تي جوڙيل هئي، پر ڪجھ سالن ۾ هي تعداد سئو کان بہ مٿي هلي وئي، اهو عظيم نيبيولا جيڪو  اينڊروميڊا ۾ آهي، انکي M31 جو نالو ڏنو ويو، ڇوجو هي ميسئي جي بڻايل لسٽ ۾ ايڪٽيهن نمبر تہ هئو. ميسئي جي لسٽ اڄ بہ استعمال ڪئي وڃي ٿي، پر جن نيبيولا جي انھن سڃاڻپ ڪئي، اهوئي پڇ واري تارن جي نسبت ماهرن فلڪيات لاءِ گھڻو اهم ثابت ٿيا.

:- نيبيولا جو مادو 
جيئن تہ اسان مٿي نيبيولا جي دريافت جو ذڪر ڪيو، پر انھن جو مادو ، انھن جي سندرتا کان بہ وڌيڪ موهيندڙ ثابت ٿيو، اهو ڪيئن؟ ڪجھ فلڪيات دانن جو خيال آهي تہ نيبيولا، گيسن ۽  ڌوڙ، لٽ جا ڪڪر آهن جيڪي گڏ ٿي ڪري تارن سميت نظام هائي شمسي جوڙي ڇڏيندا آهن. فرانسيسي رياضي دان ۽ ماهر فلڪيات، پيري ڊي لاپلاس جن اهو تصور اڳتي وڌايو ۽ هڪ مفروضو پيش ڪيو تہ اينڊروميڊا نيبيولا، مستقبل ۾ هڪ شمسي نظام کي جنم ڏيندو، هاڻي جيڪڏهن اهو خيال نظر هيٺ رکجي تہ اينڊروميڊا نيبيولا ۾ موجود گيسون، گڏ ٿي ڪري سڪڙجي وينديون ۽ ڪجھ عرصي کانپوءِ انجي حيثيت، اسانجي سج جي ويجھو واقع هڪ ننڍي جسم جيان رهجي ويندي. پر ان وقت هي عظيم جرمن فلسفي، امانوئيل ڪانٽ، جن لاپلاس جا خيال رد ڪندي اهو مفروضو پيش ڪيو تہ نيبيولا، حقيقتن تارن جا اهوئي عظيم ساٿي آهن جيڪي اسانکي ڌنڌلن ڪڪرن جيان نظر ايندا آهن، ڇوجو اسانجي سج کان بہ گهڻي فاصلي تي موجود آهن. پنھنجي ڳالھ کي وڌيڪ اڳتي وڌائيندي، ڪانٽ اهو خيال بہ ظاهر ڪيو تہ اهوئي نيبيولاجن کي اسان ڄاڻون ٿا. انھن مان گھڻا جن ۾ اينڊروميڊا بہ شامل آهي حقيقتن اهوئي آزاد ڪهڪشائون آهن جيڪي خلا جي سمنڊ ۾ هڪٻئي کان وڏي پنڌ تي وهندڙ آهن، انھن آزاد ڪهڪشائن لاءِ ڪانٽ”ٻيٽ ڪائنات" جو لفظ استعمال ڪيو. ڇوجو لاپلاس جي غلط خيالي مشاهدن تي جوڙيل هئا، جڏهن ڪانٽ وٽ پنھنجي خيالن بابت ڪئي ثبوت يا مشاهدا دليل موجود نہ هئا، ان لاءِ ڪانٽ جو مفروضو، بيڪار چئي رد ڪيو ويو. انجي ابتڙ لاپلاس جو پيش ڪيل تصور قبول ڪيو ويو. ۽ انکي”نيبيولا مفروضو“ چيو ويو، ڪانٽ جي ٻيٽ ڪائناتن Island Universes جي تصور جي تائيد لاءِ 20 صدي جي شروعات جو انتظار ڪرڻو پيو، ان ضمري ۾ حقيقي پيش رفت مائونٽ ولسن جي مقام تي ٿي، جيڪو اتر اوڀري پيساڊيناڪ، ڪيليفورنيا ۾ آهي، اتي ڪجھ سال اڳ ئي مائونٽ ولسن جي رهائش گاھ تي عڪاسي دوربين تيار ڪرڻ لاءِ وڏي رقم امداد ڏني وئي هئي، ان دوربين جي غير معمولي صلاحيتن کي سڀ کان پھريان آمريڪي فلڪيات دان”ايڊون هبل“ استعمال ڪيو، دوربين جي اڻ حد طاقت انھن کي” اينڊروميڊا نيبيولا“ جي گهڻي تفصيلي جانچڻ ڪرڻ ۾ مدد ڏني، تاريخي مشاهدن کانپوءِ، آخرڪار هبل لاپلاس جو”نيبيولا مفروضو“ هڪ طرف رکي ڇڏيو ۽ انسان کي ڪائنات جي هڪ نئي، انقلابي ۽ حقيقتي منظر سان روشن ڪرايو، مائونٽ ولسن دوربين مان اينڊروميڊا نيبيولا جو ڏور موجود روشن ڪڪر، اڻ کٽندڙن تارن ۾ تبديل ٿي ويو. ظاهري هڪ معمولي ڪڪر، حقيقتن اربن کربن تارن جي آرام گاھ آهي. جنھن ريت ڪانٽ سوچيندو هئو، ان نيبيولا ۾ خاص قسم جي تارن جي مدد سان هبل دوربين پهريون ڀيرو سج مان ان فاصلي جو پتو لڳايو ، ان جي نتيجي ۾ ظاهر ٿيو تہ ڪانٽ جو ٻيٽ ڪائناتن وارو تصور صحيح هو
.
#AndromedaNebulaM31
#ScienceJeDunya

Thursday, 7 November 2019

ملڪي وي کان اڳتي

ملڪي وي کان اڳتي
”دريا خان“

جڏهن آئون ٻار هوس تہ، بروڪلن نيويارڪ ۾ رهندو هوس، تڏهن آئون سمجھندو هوس تہ ڪائنات منھنجي ڀر واري پاڙي جيتري جڳھ کان ڪجھ گھڻي وڏي هوندي، پر جڏهن آئون وڏو ٿيس، ۽ فلڪيات دان ٿيس تہ موکي احساس ٿيو تہ هي ڪائنات پنھنجي حقيقت ۾ منھنجي ننڍپڻ جي تصور کان وڏي ئي نہ هئي، پر اڻ حد تائين وڏي هئي. (ڪارن ساگان، ڪوسموس ماهر فلڪيات) 1610ع ۾ اطالوي سائنسدان گيليلو پنھنجي ايجاد ڪيل دوربين سان روشني جي ان پکڙيل پٽي جو مشاهدو ڪيو هئو، جنھن کي هزارين سالن کان وٺي ماڻھون آسمان ۾ وهندڙ، کير جي شاخ، يعني”ملڪي وي“ چوندا پيا اچن. دوريبن استعمال ڪرڻ تي روشني جي هي پٽي، اڻ کٽندڙ چمڪندڙ تارن ۾ تبديل ٿي وئي، هي تارا ويجهڙائي ۾ ايترا ويجھو ھئا، جو انساني اک بہ انھن کي سولائي سان ڏسي پئي سگھي. گليليو جي اها دريافت ڏيڍ سئو سال تائين فلڪيات دانن لاءِ مٿي جو سور بڻي رهي، ڇوجو ان زماني ۾ گمان نظريات جو خيال هئو تہ ڪائنات ۾ تارا برابر ۽ باترتيب انداز ۾ پکڙيل آهن، وقت انھي طرح گذرندو ويو ۽ آخر مشھور انگريز فلڪيات دان، وليم هرشل ان ميدان ۾ لٿو، انھن زميني مٿاڇري تي پکڙيل 683 حصن جون تفصيلون لکيون ۽ ان حصن ۾ موجود روشن تارن جي انگن جو بہ پتو لڳايو، اهو ان نتيجي تي پهتو آسمان تي موجود تارن جو ميڙ هر هنڌ تي نظام شمسي جي ويجهو هڪ عڪسي شيشي جيان شڪل ۾  ويڙهيل آهي، ان ۾ سج جو پتو، ان جي مرڪز کان ويجھو آهي. هرشل جيڪو حساب لڳايو، ان موجب لمابي جي پاسي تي ان عڪسي شيشي جو قطر عراضي 1,500 نوري سال جڏهن تہ موٽائي جو پاسو 800 سئو نوري سال هئو موسمي دائري جي ويجھو عڪسي شيشي جھڙوڪر تارن ۽ ٻين فلڪي جسمن جي ان ميڙ کي”ملڪي وي“ جو نالو ڏنو. ملڪي وي جي صورت بابت هرشل جو تصورتو حيران ڪندڙ طور تي صحيح هئو، پر انکان پوءِ جسامت بابت انجو اندازو گھڻو گهٽ ثابت ٿيو. 1920ع جي شروعاتي مھينن تائين فلڪيات دان اهو معلوم ڪري چڪا هئا، تہ(ملڪي وي) تقريبن هڪ لک نوري سال جي پنڌ جي ويجھو پکيڙيل آهي، جڏهن تہ سج انجي مرڪز کان 27 هزار نوري سال پري آهي. ملڪي وي جو مرڪز پاڻ 16 هزار نوري سال جيترو ٿلو آهي، ۽ اها سج جي مقام تي اها موٽائي گهٽ ٿي ڪري 3 هزار نوري سال جيتري رهجي ويندي آهي

:- اسانجي ملڪي وي ۾ ڪيترا تارا آهن

مٿي اهو مسئلو تہ حل ٿيو تہ ملڪي وي حقيقتن عڪسي شيشي جيان آهي، ۽ ٻيا جسم فلڪي جو ميڙ آهن، پر هاڻ اهو سوال ذهن ۾ اچي ٿو، آخر اسانجي ملڪي وي ۾ تار ڪيترا آهن؟ 1920ع ۾ مشھور ماهر فلڪيات، اورٽ ان سوال جو جواب معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اهوئي ان نتيجي تي پهتا تہ اهوئي تارا جيڪي ملڪي وي جي مرڪز جي ويجھو آهن، اهوئي انھن تارن جي نسبتن گھڻي تيزي سان چڪر لڳائي رهيا آهن، جيڪي انجي مرڪز کان پري آهن، انھن موسمي دائري کان تارن جي اضافي حرڪت جو مشاهدو ڪيو ۽ ٻڌايو تہ اسانجو سج بہ ملڪي وي جي مرڪز جي ويجھو 140 ميل في سيڪنڊ جي رفتار سان تقريبن دائري مدار ۾ چڪر لڳائي رهيو آهي، ان رفتار سان اسانجو سج 230,000,000 يعني ٻہ ڪروڙ ٽيھ لک سالن کانپوءِ ملڪي وي جي مرڪز جي ويجھو پنھنجو هڪ چڪر پورو ڪري وٺندو آهي. پوءِ اورٽ جن ملڪي وي جي مرڪز ۽ سج جي وچ ڪشش ثقل جو حساب لڳايو، انھن اها ڳالھ دريافت ڪئي تہ ملڪي وي جي مرڪز جي ڪميت کي سج جي ڪميت سان 90 هزار ملين (90 ارب) جيترو وڌيڪ هجڻ گھرجي. ائين، جيڪڏهن اهو فرض ڪجي تہ ملڪي وي جي ڪميت جو 90 سيڪڙو انجي مرڪز ۾ موجود آهي، تہ ان ڪهڪشان جي ڪل ڪميت، سج جي ڪميت کان هڪ لک ملين (100 ارب) سيڪڙو وڌيڪ هوندي، وڌيڪ جيڪڏهن سج کي هڪ سراري تارو مڃيو وڃي تہ، اسانجي ڪهڪشان ملڪي وي ۾ سئو ارب تارا موجود ٿيندا. 

هلندڙ.....
#Milkyway #ScienceJeDuniya

Monday, 4 November 2019

هڪ نظر ٽيڪٽونڪ پليٽن تي

هڪ نظر ٽيڪٽونڪ پليٽن تي
”دريا خان“

اسان زمين جي جنھن حصي تي رهندا آهيون انکي”ڪرسٽ Crust زميني تھ“ چئبو آهي جيڪا ظاهري طور ساڪين ۽ سڌو نظر اچن وارو زميني ڪرسٽ تھ حقيقتن ننڍن ننڍن حصن ۾ ڀاڳا ٿيل آهي، ۽ ان ۾ هر ان حصي کي هڪ وڏي”ٽيڪٽونڪ پليٽ Tectonic Plate“ چئبو آهي، ڪرسٽ تھ اندازن چوويھن ننڍين وڏين پليٽن ۾ ٽٽل آهي، انھن مان ست وڏيون، ڇھ وچوليون جڏهن تہ ٻارهن کن پليٽون ننڍيون آهن، وڏيون پليٽون ڇا آهن، اهو ڄاڻڻ کان پھريان زمين جي بناوت کي سمجھڻ ضروري آهي. جيڪڏهن اسان زمين کي هڪ وڏو بصر تصور ڪيون تہ. ان بصر جو رداس Radius قطر، يعني نيم قطر 6,411 ڪلوميٽر هوندو. ان بصر جون کلون يعني زمين جي ڪرسٽ تھ جي موٽائي خالي 5 ڪلوميٽر کان 40 ڪلو ميٽر تائين هوندي. کلن جي اندر ڳريل مادو پٿرن تي مشتمل زميني”مينٽل Mantle چادر“ جي موٽائي 2,885 ڪلو ميٽر هوندي. جڏهن تہ بصر جو اندر وارو حصو يعني گھڻو گرم پر ڄميل زميني”ڪور Core اندرين حصي“ جي موٽائي 3,486 ڪلو ميٽر هوندي. پر زميني اندرين حصي جا بہ ٻہ حصا آهن، ٻاهريون حصو 2,270 ڪلو ميٽر جيترو ٿلهو آهي جڏهن تہ اندر وارو حصي جي موٽائي 1,216 ڪلوميٽر آهي.”ڪرسٽ Crust زميني تھ“ ۽ انجي هيٺان موجود مينٽل چادر جو سڀ کان ٻاهر وارو حصو هڪٻئي سان ملي ڪري ڪنھن”پڪي تھ rigid layer“ جيان عمل ڪندا آهن، ۽ انھن کي هر هنڌ تي”ليٿواسفيئر lithosphere“ يعني پٿريلي ڪرھ چيو ويندو آهي. جنھن جي موٽائي 3 ٽي سئو ڪلوميٽر کان 4 چار سئو ڪلوميٽر تائين هوندي آهي. وڏين پليٽون اصل ۾ اهڙي ليٿواسفيئر جا وڏ وڏا ٽڪڙا هوندا آهن، جيڪو ڳريل مادو چادر جي مٿان ترندا ۽ چرپر ڪندا رهندا آهن، پر وڏين پليٽن ۾ حرڪت ڪرڻ يا چرڻ جي رفتار گهڻي سست هوندي آهي. ايتريون سست جو هر پليٽ هڪ سال ۾ تقريبن ڏھ ملي ميٽر کان وٺي ڪري پنجاھ ميٽر تائين ئي پنھنجي جڳھ کان هٽندي آهي. 

Sunday, 3 November 2019

تصوير جي حرڪت

تصوير جي حرڪت
”دريا خان“

ٿامس ايلو ايڊيسن 20 مئي 1891ع ۾ هڪ نئي ايجاد”ڪائنيٽو اسڪوپ“ جي عملي نموني ”پروٽوٽائپ“ جي ڏيکاءُ کي ظاهر ڪيو، انکان پوءِ 9 مئي 1893ع ۾ ان اوزار جو باقاعدو ڏيکاءُ بہ ظاھر ڪيو ويو. هي ايجاد، آمريڪا ۽ يورپ ۾ فلمي ڪلچر جي هٿي جي شروعات ثابت ٿي، اڄ دنيا ۾ ان اوزار کي سينما پروجيڪٽر جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي. ايڊيسن جي خواهش هئي تہ تصويرن سان گڏوگڏ آواز بہ ٻڌڻ لاءِ ملي، ائين چاليھ سال ٻڌجڻ وارين فلمن جو تصور ڪري ورتو هئو، ٻن سال کانپوءِ ان پنھنجو ٺھيل ڪيمري کي رجسٽر ڪرايو ۽ پوءِ 1895ع ۾ ايڊيسن ڪائنيٽو فون بہ منظر تي آندو، جنھن کي ڪائنيٽو اسڪوپ سان گڏ هڪ سلنڊر فونو گراف سان جوڙيو ويو. پوءِ ڪائنيٽو اسڪوپ جي نالي سان ئي مختلف طرح جا پروجيڪشن سسٽم تيار ڪيا ويا. اهو اصل ۾ صوتي ۽ بصري اوزارن جي مدد سان تيار ڪئي وئي پھرين حرڪتي فلمون هيون، جن ۾ تصويرن سان گڏوگڏ آواز بہ ٻڌڻ لاءِ ملندي هئي، 1895ع ۾ نيويارڪ شهر کي پھريون ڀيرو حرڪتي تصويرون ڏسڻ جو موقعو مليو، حرڪتي تصويرون تيار ڪرڻ واري ڪيمري لاءِ ايڊيسن سيلولائيڊ جي هڪ ڦٽي تي اهڙا مصالا لڳايا جيڪي روشني جو اثر صحيح صحيح قبول ڪري سگھن پيا ۽ ائين انجو نالو ”فلم“ رکيو. تصویرن جي حرڪت ۽ هلندي ڦرندي نظر اچڻ جو راز اهو هو تہ هر تصوير سيڪنڊ جي هڪ حصي جي دوران اک جي پڙدي تي ڄمي رهندي آهي، پوءِ ڪجھ ئي واقفي تائين ڪا تصوير سامهون نہ هوندي هئي. انکان پوءِ ٻئي تصوير سامھون ايندي هئي، انھي طرح پھرين کان ٻئي تصوير جو نقشو ملندڙ هوندو آهي ائين هلندڙ ڦرندڙ سلسلو اکين جي سامھون قائم ٿي ويندو آهي، اڄڪلھ جي حرڪتي فلم هڪ چرخي تي وڪوڙيل هونديون آھن، هر تصوير جي وچ ۾ هڪ وقفو هوندو آهي جيڪو هڪ سيڪنڊ جي 1/60 يا 1/100 حصي جي برابر سمجھو ويندو آهي
#Kinetoscope #Film
#ScienceJeDunya

Saturday, 2 November 2019

بلوچي ٿيريم Baluchitherium

بلوچي ٿيريم Baluchitherium
ترجمو: دريا خان

هاڻوڪي بلوچستان ۾  اڍائي ڪروڙ سال اڳ هڪ وڏو جانور، بلوچستان جي قديم ٻيلن جھنگلن ۾ رهندو هئو. جنھن کي ماهرن”بلوچي ٿيريم Baluchitherium “جو نالو ڏنو، اوهانکي حيرت ٿيندي تہ جابلو ۽ ويران بلوچستان ۾ ٻيلا؟ اها وري ڪھڙي ڳالھ آھي. پر اها حقيقت آهي تہ لکين سال اڳ بلوچستان هڪ سائو علائقو هئو جتي مينھن وسندا هئا ۽ شاخن ۾ پاڻي پڻ وهندو هئو. بلوچي ٿيريم جو واسطو کير ڏيندڙ جانورن جي خاندان، يعني مماليا سان آهي جيتوڻيڪ زمين جي ٻاويھ ڪروڙ سال اڳ جوڙجڪ ٿي، پر اهو زمانو ڊائنوسارز ۽ انکان اڳ پاتا ويندڙ رهڙيندڙ رپٽائلز جو هئو، جيئن هاڻوڪي نانگ، ماگر مڇ، ڪمي،ڪرڙي وغيرھ آهن. ڊائنوسارز گھڻو ڪري وڏي جسامت وارا جانور هئا، پر مماليا جي ڀيٽ آنا ڏيندا هئا، هي پنھنجي اندروني پد لاءِ ماحول جي گرمي تي ڀاڙيا هئا، هاڻي کان ساڍا ڇھ ڪروڙر سال اڳ زمين تي ارضياتي ۽ ماحولياتي تبديليون ٿيون، جنھن سبب خشڪي تي موجود وڏن نسلن وارا ڊائنوسارز گھڻي ڀاڱي ختم ٿي ويا. ان خطرناڪ تبديلي حياتياتي انقلاب کانپوءِ مماليا کي اڳتي وڌڻ جو موقعو ڏنو ۽ اڄ گھڻي ڀاڱي زمين تي مماليا جو عروج آهي، مماليا خاندان ۾ بلوچي ٿيريم خشڪي تي سڀ کان وڏي قد وارو جانور سمجھو ويندو هيو، ائين انھي ريت سمنڊ ۾ وهيل مڇي، مماليا جي وڏي جسماني قسم آهي. بلوچي ٿيريم جي دريافت ائين ٿي جو 1911ع ۾ هڪ انگريز سائنسدان ضلع بگٽي بلوچستان جي جبلن ۾ ملڻ وارين هڏين جو مطالعو ڪري رهيو هئو، ان هڪ جڳھ گنڊوئي چوڪي مان ڪجھ اهڙيون هڏيون کوٽي ڪري ڪڍيون جيئن ظاهري طور گينڊي جيان لڳي رهيون هيون، پر انجي جسامت هاڻوڪي گينڊي کان وڏي هئي، ڇوجو مڪمل ڍانچو اڃان نہ مليو هئو انڪري صحيح جسامت جو اندازو لڳائڻ اڃان نہ ٿي سگھيو، پر سائنسدان ان جانور جو نالو بلوچي ٿيريم رکيو، انکان ڪجھ عرصو پوءِ آمريڪي سائنسدانن جي هڪ ٽيم منگوليا واري علائقي ۾ انھي قسم جون ٻيون بہ هڏيون لڌيون، جن ۾ هڪ مڪمل مٿو شامل هئو، ضلع بگٽي ۽ منگوليا مان ملڻ واريون هڏيون هڪ ٻئي سان هڪجهڙائي رکندڙ هيون. انھن سڀني کي جوڙي ڪري هڪ نئي جسامت جي جانور جو ڍانچو پورو ٿيو، جنھن مان پتو پيو تہ بلوچي ٿيريم گھٽ ۾ گھٽ سترهن فٽ ڊگھو هئو، جيڪڏهن منڍي مٿي ڪري ها تہ تقريبن پنجويھ فٽ وڏي وڻ جا پتا سولائي سان کائي پئي سگھيو، ايترو وزني هجڻ ڪارڻ بہ بلوچي ٿيريم تيزي سان ڊوڙي پئي سگھيو،  بلوچي ٿيريم جو مٿو ۽ ٻيا ڍانچن جي بناوت، خاص ڪري ڏندن مان صاف ظاهر آهي تہ انجو واسطو گينڊي جي خاندان سان هئو، پر هاڻوڪي گينڊي جي نسبتن انکي سڱ نہ هئا، انھي طرح انکان اڳ ڪيترا ئي جانور هئا جيڪي بنا سڱن واري گينڊي جي خاندان سان واسطو رکندڙ هئا، ۽ انھن سڀني جي نسل ڪيترائي لک سال اڳ ختم ٿي وئي، بلوچي ٿيريم جي موجودگي خالي ايشيا مان ثابت آهي اندازو آهي انجي نسل خالي پنجاھ کان ستر لک سالن تائين جاري رهي ڪري ختم ٿي وئي، ماهرن موجب بلوچي ٿيريم بلوچستان ۾ منگولنا واري علائقي کان لڏپلاڻ ڪري آيو هئو، ڇوجو ان جانور جو پتن ۽ ساوڪ وارن ٻيلن تي هئو، ۽ ممڪن آهي تہ ان زماني ۾ هماليا جبل جو سلسلو ايترو ڊگھو ۽ وڏو نہ هجي ۽ ايشيا کان وٺي اتر پاڪ ۽ ھنڌ تائين جو علائقو سائو ٻيلن سان ڍڪيل هجي.

#Baluchitherium #ScienceJeDuniya

گليليو اڄ کان پنج سئو سال اڳ چيو هئو تہ مٿاڇري کان ڪرائيا ويندڙ ٻہ جسم هڪ ئي رفتار سان هيٺ ڪرندا آهن جيتوڻيڪ ٻنھي جو وزن ڪيترو ئي مختلف ڇو نہ هجي.


ننڍو بليڪ هول، ڪارونڀار

Scientists discovered a new class of black holes

ننڍو بليڪ هول، ڪارونڀار

ڪائنات جي ڏُورانيهن ديس ۾ هاڻي تائين جو سڀ کان ننڍو بليڪ هول دريافت، جنھن سان پاڻ بليڪ هول جي ٺهڻ جي هاڻوڪي نظرين تي نظر وجھڻ جي ضرورت بہ ٿي سگھجي ٿي
ماهرن ڏھ ھزار نوري سال جي پنڌ تي هاڻي تائين جو سڀ کان ننڍو ڪمزور بليڪ هول دريافت ڪيو آهي هن عڪسي تصوير ۾ ڳاڙهي تاري جي ويجھو هڪ بليڪ هول نظر اچي رهيو آهي 

ان بليڪ هول جي عراضي ويھ ڪلوميٽر آهي ۽ اهو هڪ وڏي تاري جي ويجھو چڪر لڳائي رهيو آهي پر ان کي کائڻ يا انجو مادو چوري ڪرڻ کان مجبور آهي ٽياسي ڏينهن ۾ هي بليڪ هول پنھنجو هڪ چڪر پورو ڪري وٺندو آهي ۽ اهو خيال آهي تہ اهو زمين کان ڏھ هزار نوري سال جي پنڌ تي آهي
ان بليڪ هول کي اوهايو اسٽيٽ يونيورسٽي جي ٽوڊ ٿامپسن ۽ ان جي ٽيم دريافت ڪيو آهي 

ان ننڍي بليڪ هول جي ڪميت اسانجي سج کان ساڍا ٽي سيڪڙو وڌيڪ آهي جيڪڏهن ڪو نيوٽران تارو يا بليڪ هول اسانجي سج کان ٻيڻون يا پنج سيڪڙو  وڌيڪ جسامت جو هجي تہ محقق انکي ماس گيپ چوندا آهن نيوٽران تارو يا بليڪ هول ٻہ اي گھڻي وڏي تاري جي تباھ ٿيڻ سان پيدا ٿيندا آهن ٽوڊ ٿامپسن موجب اسان انھي طرح جا ننڍا بليڪ هول جي هڪ نئي قسم دريافت ڪرڻ وڃي رهيا آهيون ۽ انھن جي صحيح انداز ۾ درجا بندي جي ضرورت آهي ان بنياد تي ننڍا بليڪ هول ۽ نيوٽران تارن تي وڌيڪ تحقيق سامھون آئي آهي

بليڪ هول... 

Friday, 1 November 2019

پليٽيپس Platypus

پليٽيپس Platypus
دريا خان

بدڪ جهڙي چونپ واري پليٽيپس جو سائنيسي نالو  Ornithorhynchus anatinus آهي جيڪو کير پياڪ Mammalia ۾ شمار ٿيندو آهي ۽ اهو پاڻي ۽ زمين تي رهڻ جي صلاحيت رکندڙ پڻ آهي، پر ان جي اصل خاصيت تہ انجي اندر موجود هڪ اهڙي حواس Sense آهي جنھن کي سائنسدان”اليڪٽرولوڪيشن Electro location“ جو نالو ڏنو آهي، ان صلاحيت سبب هي برقي ميدان اليڪٽرڪ فيلڊ جي مدد سان پنھنجي شڪار جي حرڪت کي ٻڌي ۽ محسوس ڪري سگھي ٿو. ان لاءِ پليٽيپس کي شڪار ڪرڻ وقت اکين ۽ نڪ ڪڪن جي بہ ضروري نٿي پئي.
تازو ماهرن کي پليٽيپس جي زهر ۾ هڪ اهڙو هارمون دريافت ڪيو
آهي جيڪو مستقبل ۾”ذيابيطس diabetes“ لاءِ بھتر علاج ثابت ٿي سگھي ٿو
پليٽيپس گھڻو آسٽريليا ۾ پاتو ويندو آهي جيڪو ڏيندو تہ آنا آهي پر گڏوگڏ پنھنجي ٻچن کي کير بہ پياريندو آهي 
انجي بدڪ جھڙي چونڀ ڪارڻ انکي( ڊڪ بل DuckBill) بہ چيو ويندو آهي

وڊيو...