Saturday 9 November 2019

ملڪي وي کان اڳتي

ملڪي وي کان اڳتي
حصو آخري
ٻاهرين ڪهڪشاني نيبيولا

هبل اينڊروميڊا کي پھريون ٻاهرين ڪهڪشاني نيبيولا ڪوٺيو، ڇوجو هي ملڪي وي جي حدن کان بہ ٻاهر هئو، هاڻي تائين جن ڏُور وارن نيبيولان سان اسان واقف ٿي چڪا آهيون، اهوئي اسان کان اربن نوري سال جي پنڌ تي آهن. يعني اسانجي مشاهدي هيٺ ڪائنات جي گھڻي ڪنڊ تي. ماهرن فلڪيات اڄ بہ ڪائنات ۾ ڪهڪشائن جي صحيح انگ جو پڪو اندازو ناهين لڳائي سگھيا. ڪجھ ماهرن جي خيال ۾ اسانجا سٺا اوزار بہ انھن مان تقريبن هڪ هزار بلين کي ئي دريافت ڪري سگھيا آهن. هر ٻيٽ ڪائنات نيبيولا پنھنجي پاڻ ۾ اربين کربين تارن جو هڪ جهڳٽ آهي. اڄ ڪائنات جنھن عظيم ۽ وڏي حقيقت جي شڪل ۾ اسانجي سامھون آهي، انجي مقابلي ۾ هي شروعاتي تصور تہ سڄي جي سڄي ڪائنات صرف اسانجي ملڪي وي ڪهڪشان تائين محدود آهي، جيڪو ساڌو خيال محسوس ٿئي ٿو، هن ڪائنات جي ماپ انکان گھڻي وڏي آهي، جيترو شروعاتي دور جا ماهر فلڪيات سوچيندا هئا، ۽ ايترو وسيع جو حقيقتن انساني سوچ جي قابو کان بہ ٻاهر آهي.

:- ڪهڪشاني نيبيولا
ايترو تہ اوهانکي سمجھ ۾ اچي ويو هوندو تہ گهڻا نيبيولا حقيقتن ڏورانهن ڪهڪشائون ئي آهن، پر ڪجھ نيبيولا اهڙا بہ دريافت ٿيا آهن، جن جو مادو ائين ئي هو جيئن پراڻين فلڪيات دانن سوچيو هئو، يعني روشن ۽ گيس جا عظيم ڪڪر، جيڪي گھڻي پنڌ تي موجود هئا، پر ملڪي وي جي حدن جي اندر ئي هئا، انھن کي”ڪهڪشان نيبيولا“ چيو ويو.
جھڙو پلاس پنھنجي نيبيولا نظري ۾ بلڪل غلط نہ هئو. ڇوجو انھن مان ڪجھ نيبيولا اهڙا آهن جيڪي تاري کي جنم ڏيندا آهن، پر صرف هڪ نہ بلڪ ڪروڙين، ڪهڪشاني نيبيولا گھڻو ڪري تارن جي جهڳٽ ۾ وڙهندڙ نظاري ۽ رنگن ۾ موجود آهن. مثال نيبيولا” لگون“ جيڪو برج ۾ روشن ڪڪرن جو هڪ سندر چڪر ٺاهيل آهي. جڏهن تہ نيبيولا ”ويل“ برج Cygnus ۾ چمڪندڙ تارن جي ڇانوَ سان گڏ، پکي جي هڪ کنڀ جيان پکڙيل آهي. ڪهڪشاني نيبيولا جي هڪ الڳ گروپ اهڙا بہ آهن جيڪي چمڪندا ناهين پر ان جي موجودگي جو احساس ان وقت ٿيندو آهي جڏهن اهو پنھنجي پويان موجود تارن جي روشني ۾ خلل وجھندو آهي، انھن ڪارن نيبيولا مان هڪ”هارس بيڊ“ نيبيولا آهي، جيڪو برج جوزا ۾ آهي، جڏھن تہ ٻيو” ڪول سڪ Coalsuck“  آهي جيڪو ڏکڻ ڪراس جو گھڻو ڪارو علائقو آهي.

:- جهڳٽن جا جهڳٽ Cluster
ڪهڪشاني جهڳٽ 
نيبيولا جي باري ۾ هاڻي تائين اسان گھڻو ڪجھ ڄاڻي ورتو، هاڻي هتي ڪهڪشائن بابت ڪجھ حيرت ۾ وجھندڙ حقيقتون بيان ڪنداسين، هاڻي تائين تہ اوهان اهو ڄاڻي چڪا آهيو تہ ڪهڪشائن، جن ۾ ملڪي وي بہ شامل آهي. حقيقتن تارن ۽ سيارن جا عظيم ذخيرا هونديون آهن. پر هي ڪهڪشائون بہ پنھنجي باهمي ڪشش ثقل ڪارڻ الڳ الڳ گروپن ۾ هونديون آهن، انکي ائين بہ سمجھي سگھجي ٿو تہ جنهن ريت سيارا، هڪ تاري جي ويجھو گھمي رهيا آهن ۽ تارا ڪهڪشاني مرڪز جي وچ، بلڪل انھي ريت هي ڪهڪشائون بہ ثقل جي ڪائناتي طاقت ڪارڻ ئي الڳ الڳ گروپ ٺاهي ڪري حرڪت ڪري رهيون آهن، اسانجي ملڪي وي بہ اهڙي ئي هڪ گروپ جو حصو آهي جنھن کي”لوڪل گروپ“ چيو ويندو آهي، هي گروپ 19 ننڍين وڏين ڪهڪشائن تي مشتمل آهي، هن گروپ جي سڀ کان وڏي ڪهڪشان andromeda، يعني M31 آهي جنھن جو ذڪر اسان ڪري چڪا آهيون. ٻئي نمبر تي اسانجي پنهنجي ملڪي وي جو آهي، جڏهن تہ ان گروپ جون باقي ڪهڪشائون گھڻو ننڍيون آهن. ملڪي وي کان ڪجھ ننڍيون ٻہ ننڍيون ڪهڪشائون آهن جن کي”ننڍو جهڳٽ ڪڪر“ ۽ ”وڏو جهڳٽ ڪڪر“ چيو ويندو آهي. لوڪل گروپ تہ خالي ڪجھ ڪهڪشائن تي شامل آهي، پر ڪائنات ۾ ڪهڪشائن جا ڪجھ اهڙا گروپ بہ دريافت ٿيا آهن جيڪي هزارن ڪهڪشائن تي شامل آهن، انهن مان هڪ جهڳٽ Virgo ۽ ٻيو Coma Beremices آهي. هي جهڳٽ ترتيب سان هڪ هزار ۽ ڏھ ھزار ڪهڪشائن تي شامل آهي ۽ اسان کان چاليھ ڪروڙ نوري سال جي پنڌ تي آهن. پر هاڻي ڪهڪشائن جا جهڳٽ بہ ڪائنات ۾ مادي جا عظيم ترين ذخيرا ناهين رهيا، اڄ اهو ثابت ٿي ويو آهي تہ لوڪل گروپ بہ پنھنجن سڀني ڪهڪشائن ساڻ، حقيقيتن گھڻا وڏا آني جيان ”ڪهڪشاني جهڳٽ“ گيلڪٽڪ سپر ڪلسٽر جو هڪ حصو آهن. هي گھٽ ۾ گھٽ پنجاھ ڪهڪشاني جهڳٽن تي شامل آهن، هي ڪهڪشاني جهڳٽ، ڏھ ڪروڙ نوري سال جيترو وڏو آهي، ۽ انجو مرڪز ٽي ڪروڙ نوري سال جيترو ٿلو آهي. اهو سوال اڃان بہ باقي آهي تہ ڇا ڪهڪشاني جهڳٽ هن ڪائنات ۾ ڪهڪشائن جو آخري عظيم ترين قدرتي ترتيب آهي يا نہ؟ يا پوءِ ڪهڪشاني جهڳٽ بہ پاڻ مرادو ڪنھن گھڻي وڏي وسي گروپ جو حصو آهن؟ هي ڪائنات واقعي ان کان بہ گهڻي پراسرار آهي جيترو اسان سوچي سگھون ٿا.

No comments:

Post a Comment