تصوير جي حرڪت
”دريا خان“
”دريا خان“
ٿامس ايلو ايڊيسن 20 مئي 1891ع ۾ هڪ نئي ايجاد”ڪائنيٽو اسڪوپ“ جي عملي نموني ”پروٽوٽائپ“ جي ڏيکاءُ کي ظاهر ڪيو، انکان پوءِ 9 مئي 1893ع ۾ ان اوزار جو باقاعدو ڏيکاءُ بہ ظاھر ڪيو ويو. هي ايجاد، آمريڪا ۽ يورپ ۾ فلمي ڪلچر جي هٿي جي شروعات ثابت ٿي، اڄ دنيا ۾ ان اوزار کي سينما پروجيڪٽر جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي. ايڊيسن جي خواهش هئي تہ تصويرن سان گڏوگڏ آواز بہ ٻڌڻ لاءِ ملي، ائين چاليھ سال ٻڌجڻ وارين فلمن جو تصور ڪري ورتو هئو، ٻن سال کانپوءِ ان پنھنجو ٺھيل ڪيمري کي رجسٽر ڪرايو ۽ پوءِ 1895ع ۾ ايڊيسن ڪائنيٽو فون بہ منظر تي آندو، جنھن کي ڪائنيٽو اسڪوپ سان گڏ هڪ سلنڊر فونو گراف سان جوڙيو ويو. پوءِ ڪائنيٽو اسڪوپ جي نالي سان ئي مختلف طرح جا پروجيڪشن سسٽم تيار ڪيا ويا. اهو اصل ۾ صوتي ۽ بصري اوزارن جي مدد سان تيار ڪئي وئي پھرين حرڪتي فلمون هيون، جن ۾ تصويرن سان گڏوگڏ آواز بہ ٻڌڻ لاءِ ملندي هئي، 1895ع ۾ نيويارڪ شهر کي پھريون ڀيرو حرڪتي تصويرون ڏسڻ جو موقعو مليو، حرڪتي تصويرون تيار ڪرڻ واري ڪيمري لاءِ ايڊيسن سيلولائيڊ جي هڪ ڦٽي تي اهڙا مصالا لڳايا جيڪي روشني جو اثر صحيح صحيح قبول ڪري سگھن پيا ۽ ائين انجو نالو ”فلم“ رکيو. تصویرن جي حرڪت ۽ هلندي ڦرندي نظر اچڻ جو راز اهو هو تہ هر تصوير سيڪنڊ جي هڪ حصي جي دوران اک جي پڙدي تي ڄمي رهندي آهي، پوءِ ڪجھ ئي واقفي تائين ڪا تصوير سامهون نہ هوندي هئي. انکان پوءِ ٻئي تصوير سامھون ايندي هئي، انھي طرح پھرين کان ٻئي تصوير جو نقشو ملندڙ هوندو آهي ائين هلندڙ ڦرندڙ سلسلو اکين جي سامھون قائم ٿي ويندو آهي، اڄڪلھ جي حرڪتي فلم هڪ چرخي تي وڪوڙيل هونديون آھن، هر تصوير جي وچ ۾ هڪ وقفو هوندو آهي جيڪو هڪ سيڪنڊ جي 1/60 يا 1/100 حصي جي برابر سمجھو ويندو آهي
#Kinetoscope #Film
#ScienceJeDunya
❤❤زبردست
ReplyDelete