Saturday, 5 January 2019

ڳالھائڻ جي سگھ کان محروم ماڻهن تي Patterns ذريعي تحقيق

ڳالھائڻ جي سگھ کان محروم ماڻهن تي Patterns ذريعي تحقيق

"دريا خان سنڌي "

سائنسدانن پاران جيڪي ماڻھو ڳالھائڻ کان معذور هوندا آهن پر اھي زندگي ۾ ڪڏهن ڳالھائڻ واري سگھ رکندا هئا. انهن جي دماغ ۾ اهي سڀ مرحلا موجود رهندا آهن جيڪي ڳالھائڻ جي لاءِ ضروري هوندا آهن پر ڪنھن حادثي يا بيماري جي ڪري اهي ماڻهو ڳالھائڻ جي قابل ناهن رهندا. سائنسدانن جي ٽن مختلف ٽيمن دماغ جي سرجري جي دوران پنهنجي مريضن کي ڪجھ لفظ چوڻ لاءِ ڏنا، ان دوران انهن جي دماغ ۾ نيورونز جي نڪرڻ جي Patterns نمونن کي اليڪٽروڊز جي ڊريعي رڪارڊ ڪيو ويو ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس سان ڪمپويٽر پاران انهن لفظن ۽ دماغ جي Patterns نمونن جي ويجهي correlations سان هڪ ٻئي جو لاڳاپو ڳولا ڪيو، انکان پوءِ ان ڪمپويٽر ۾ انهن مريضن جي دماغ جا نوان نمونا فيڊ ڪيا ويا ۽ ڪمپويٽر پاران انهن Patterns نمونن سان انهن لفظن جو اندازو لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي جن جي ادائگي جي دوران هي Pattern نمونا رڪارڊ ڪيا ويا هيا، ڪمپيوٽر پاران 75 سيڪڙو تائين لفظ صحيح سڃاڻپ ڪيا ويا.
 جيتوڻيڪ هي ٽيڪنالوجي اڃان پنهنجي شروعاتي مرحلي ۾ آهي پر اصولن هي ڳالھ ثابت ٿي وئي آهي تہ ڪنهن ماڻهو جو دماغ ڇا ٿو چوڻ چاهي، ڪمپيوٽر انهن لفظن جي سڃاڻپ ڪري مصنوعي آواز ۾ هي لفظ چئي سگهي ٿو.
ائين ئي هي ممڪن ٿي ويو آهي تہ ايندڙ ڪجھ سالن ۾ اهڙي ٽيڪنالوجي منظر تي اچي ويندي جنھن جي مدد سان ڳالھائڻ لاء معذور ماڻھو پنهنجي لفظن کي بيان ڪرڻ تي قادر ٿي ويندا.

وائرس کي بيڪٽيريا جو قاتل بنائڻ جون تياريون

وائرس کي بيڪٽيريا جو قاتل بنائڻ جون تياريون 

تحقيق ڪندڙ : بوني باسلر ۽ جسٽن سلپي 
ترجمو: پروفيسر بشير احمد سومرو  

پرسٽن يونيورسٽيء جي ماليڪيولر بائلاجيء جي ماھرن بوني باسلر ۽ ھڪ گريجوئيٽ شاگرد جسٽن  سپلي ھڪ وائرس جي شناخت ڪئي آهي  جنهن کي وي پي 882 جي طور سڃاتو وڃي ٿو جيڪو بيڪٽيريا جي گفتگو ٻڌي ٿو ۽ پوء ھڪ ئي جھٽڪي ۾ جيئن ھڪ ناول ۾ جاسوس وانگر وائرس رستو ڳولين ٿا جنهن کي استعمال ڪري بيڪٽيريا تي حملو  ڪري قتل ڪن ٿا خاص طور تي اي ـ ڪولي ۽ ڪالرا وارن بيماري پيدا ڪندڙ بيڪٽيريا  تي ـ
 باسلر پنهنجي تحقيق جي باري ۾ ٻڌايو ته خيال آهي ته وائرس بيڪٽيريا جي اندر ھڪ ماليڪيول جو پتو لڳائي ٿو جيڪو بيڪٽيريا  پنهنجي رابطي جي لاء استعمال ڪندو آهي -جيڪو بلڪل ــ نئون آهي جنهن کي جسٽن  ڳولي لڌو آهي جيڪو فطري طور تي ٿيندڙ پھريون ڪيس آهي ۽ پوء ھن وائرس کي وري انجنيئرنگ ڪيو ته جيئن ھي مھيا ڪري سگهي ڪا به حسيت داخل ڪري سگهي جيڪا ھو چاهي پر ڪميونيڪيشن ماليڪيول جي بدران ۽ پوء وائرس گهرج مطابق قتل ڪري ـ
باسلر ٻڌايو ته ھڪ وائرس فقط ھڪ ئي فيصلو ڪري سگهي ٿو يا ته ميزبان جي اندر ترسي پوي (لائسوجينڪ سائيڪل)  يا وري ميزبان  کي ختم  (لائٽڪ سائيڪل # بيڪٽيريا ۽ وائرس جي وچ ۾ مالڪ ۽ غلام وارو تعلق # ) ڪري ڇڏي ـ اھو وائرس تي آهي ته يا راڊار جي ھيٺان رهي پنهنجي ميزبان جي اندر يا وري سرگرم ٿي وڃي ڊي اين اي سيڪئنس کي ٽوڙيندڙ جنهن سان سوين نوان وائرس وجود ۾ اچي ويندا ۽ آخر ۾ وائرس موجوده ميزبان جي سيل ميمبرين يا وري سيل ميمبرين  ۽ سيل وال کي ٽوڙي نون ميزبانن تي حملي ڪرڻ کان لاء سرگرم  ٿي وينداـ
جسٽن ٻڌايو ته ختم ڪرڻ جي لاء چوننڊ ڪرڻ ۾ ھڪ موروثي خطري وارو آپاشن موجود آهي ـ جيڪڏهن وائرس جي لاء ويجهو ڪي ٻيا ميزبان موجود نه آهن ته پوء وائرس ۽ انهيء جو ٻيو نسل مري وينداـ وي پي 882 وائرس ھڪ رستو ڳولي لڌو آهي ته انهيء خطري مان ٻاهر نڪرڻ جي لاءفيصلو ڪري ـ اھو ٻڌي ٿو بيڪٽيريا جي اعلان  ڪرڻ کي ته اھي ھاڻي ڊڄڻا آهن , تڪليف وڌندي وڌي رهي آهي تڏهن وائرس بيڪٽيريا  تي حملو ڪري ماري ٿو ـ انهيء نتيجي  ۾ پيدا ٿيندڙ وائرس وري ٻين ميزبانن تي حملو ڪن ٿاـ باسلر ٻڌايو ته اھو  اندروني طور تي ٿئي ٿو جيڪو تمام  بھترين  عمل آهي ـ
پيٽرسبرگ يونيورسٽيء جي بايوٽيڪنالاجيء جي پروفيسر گراھام ھيٽفل جيڪو ھن تحقيق  ۾ شامل نه ھيو  تنهن ھن نئين ريسرچ پيپر جي پسمنظر ۾ ٻڌايو ته ھيء تحقيق بلڪل نئون طريقو مھيا ڪري رهي آهي ـ ھي اڀياس پھريون  دفعو اھڙي ڳالهه ڪري رهيو آهي ـ جڏهن وائرس فيج (ختم ٿيندڙ بيڪٽيريا) لائسوجينڪ (بيڪٽيريا ۽ وائرس جي وچ ۾ ميزبان ۽ مھمان وارو تعلق) حالت ۾ ھوندو آهي اھو گهري ننڊ ۾ نه ھوندو آهي پر ان جي بدران خيرو ٿي پوندو آهي ۽ انهيء ئي حالت ۾ ھڪ اک ۽ ھڪ ڪن کولي ڇڏيندو آهي ۽ سندس ڌيان سگنل ٻڌڻ جي تاڙ ۾ ھوندو آهي ته جيو گهرڙو پنهنجي ماحول ۾ تبديليء جي لاء تيار ٿئي ٿو يا نه ـ
  باسلر گهڻا سال اڳ ھي دريافت  ڪري ورتو ھيو  ته بيڪٽيريا ڪميونيڪيٽ ڪري ٿو ۽ ٻئي جي موجودگي پنهنجي حسي نظام سان پرکي ٿو وٺي ۽ پوء اھي انتظار ٿا ڪن حملي ڪرڻ کان اڳ ھڪ جٿي ٺھڻ جو پر جسٽن ان طرف ڪڏهن تصور به نه ڪيو ھيو  ته وائرس انهيء جٿي جو ڀڻڪو وڌي وٺي ٿو جيڪو جٿو ھڪ ٻئي کي ڪميونيڪيٽ ڪري ٿوـ
 جسٽن چيو ته 
"The bugs are getting bugged," she said with a laugh. "
قاتل پاڻ قتل ٿي رھيو آهي يعني بيماري پيدا ڪندڙ پاڻ تباهه ٿي رھيو آهي انهيء کان سواء ڪورم - سينسنگ ماليڪيول اطلاع  موڪلي رھيا آهن ڪنگڊم  جي حدن کان پار ـ وائرس جو بيڪٽيريا واري ڪنگڊم  سان واسطو نه آهي پر وائرس ڪنهن به ڪنگڊم  ۾ آهي ئي نه ڇاڪاڻ ته اھي ٽيڪنڪلي طور زنده رھن ٿا ـ 
جسٽن وڌيڪ ٻڌايو ته وائرس بنيادي طور تي ھڪ مختلف جاندار آهي جيڪو پنهنجي قابليت جي ذريعي ٻئي جاندار  يعني بيڪٽيريا ۾ سگنلس جو پتو لڳائڻ ۽ ان جو ترجمو ڪري ٿو جيڪو ڪم ذھن کي جھٽڪو ڏيندڙ آهي ـ صرف اھو ئي نه پر وائرس ائين ڪم ڪندو جيئن انسان ڪتي سان رابطو رکندو آهي نه ڪي دشمن قوم جي جاسوس  وانگر ـ

ڇا ماضيءَ جي مقابلي ۾ هاڻ ماڻھن جي عمر ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي؟

ڇا ماضيءَ جي مقابلي ۾ هاڻ ماڻھن جي عمر ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي؟


ماهرن موجب ماضي جي مقابلي ۾ اڄ انسان جي عمر ۾ گهڻو اضافو ٿي رهيو آهي، هيٺ ڏنل البرٽ آئنسٽائين ڪالج آف ميڊيسن جي سائنسدانن جي ريسرچ موجب اڄ انساني عمر جي حد هڪ سئو پنجويهہ سالن تائين آهي
انهن چار ملڪن جن ۾ آمريڪا، جاپان، فرانس، ۽ انگلينڊ ۾ موجود 1968ع کان وٺي 2006 جي دوران موجود سئو سال کان گهڻي عمر رکڻ وارن تي تحقيق ڪئي، ان تحقيق موجب سئو کان وڌيڪ ماڻھن تي پنهنجي تحقيق ڪئي وئي، ان تحقيق موجب سئو سال کان گهڻي عرصي دير تائين انهن ماڻهن ۾ زندھ رهڻ جي امڪانن ۾ اضافو 1970ع ۾ شرو ٿيو جيڪو 1990ع تائين جاري رهيو، 1990ع کانپوءِ انن ۾ اضافي جي رفتار ۾ گهٽتائي اچي وئي، ۽ 1997ع تائين پنهنجي آخري حد تائين پهچي وئي. انھن کانپوءِ سئو سالن جي سئو ماڻھن جي عمر ۾ اضافو ريڪارڊ نٿي سگھيو
سڀ کان گهڻي عمر رکڻ واري عورت جو واسطو فرانس سان هو جيڪا 122 سالن تائين زندھ رهي. 
  

Thursday, 3 January 2019

چينگ 4 مشن چيني جھاز چنڊ جي ڪاري حصي تي ڪاميابي سان لينڊ ڪري ورتو. جيڪو خلائي تاريخ جو نيو باب رقم ڪندو

چينگ 4 مشن چيني جھاز چنڊ جي ڪاري حصي تي ڪاميابي سان لينڊ ڪري ورتو. جيڪو خلائي تاريخ جو نيو باب رقم ڪندو 


چين اعلان ڪيو آهي تہ انهن جو خلائي ايجنسي پاران اماڻيل روبوٽڪ خلائي جهاز ”چينگ فور“ چنڊ جي ڪاري حصي تي ڪاميابي سان لينڊ ڪري ورتو آهي جيڪو ڪاميابي سان لينڊ ڪرڻ وارو پهريون جهاز پڻ چيو وڃي ٿو. 
عالمي معياري وقت موجب رات جي 2:30 بجي جي ويجهو چين جو چينگ فور جهاز چنڊ جي ڪاري حصي تي ڪاميابي سان لينڊ ڪري ورتو.

 واضح رهي تہ ماضيءَ ۾ چنڊ تي اماڻيل مشن چنڊ جي ان حصي ۾ ويو هو جيڪو زمين جي رخ ڏا هو
پر هي پهريون موقعو آهي جڏهن ڪو جھاز چنڊ جي منطقي حصي ۾ ويو هجي. هي خلائي گاڏيون مختلف قسم جي آوزارن سان لاڳاپيل آهن جيڪي مختلف علائقي جي حصن کي جانچ ڪرڻ کان علاوه حياتياتي تجربو بہ ڪنديون. 

گذريل ڏينهن چين جي سرڪاري ذرائع ”ابلاغ“ٻڌايو هو تہ خلائي جهاز چنڊ جي ڀرسان بيضوي مداري ۾ داخل ٿي ويو آهي ۽ خلائي گاڏيون چنڊ جي سطح کان 15 ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهن 
ماهرن موجب ڪنهن بہ سنھن اوڀن پهاڙن تي لينڊنگ جو مطلب آهي مشن جي ناڪامي جيڪا خلائي مشن لاءِ وڏو نقصان خطرو ۽ چيلينج پڻ هوندي آهي
چيني ماهرن: موجب چينگ 4 مشن کي چنڊ جي ان ڪاري حصي ۾ لاهڻ جو مقصد اتي ان مشن لاءِ خطرو گھٽ هو ٻين حصن جي ڀيٽ ۾

Wednesday, 2 January 2019

سائنسدانن شروعاتي ڪائنات ۾ موجود ڪاري مادي جو پتو لڳائي ڇڏيو

سائنسدانن شروعاتي ڪائنات ۾ موجود ڪاري مادي جو پتو لڳائي ڇڏيو 
"دريا خان سنڌي"

هڪ عرصي کان سائنسدانن جو اھو خيال رهيو آهي تہ ڪائنات جي شروعاتي ڪجھ ارب سالن ۾ ڪھڪشائن جي ويجهو ڪارو مادو گھٽ مقدار ۾ موجود هو پر انهن کي ان سبب جو علم نہ هو، هاڻي کان پھرين پري وارين ڪهڪشائن جا جيترا سروي ڪيا ويا انهن ۾ ڪاري مادي جي مقدار نسبتن گھٽ معلوم ٿي جڏهن تہ ويجھڙائيءَ ۾ ڪهڪشائون جيڪي گهٽ پراڻيون آهن انهن ۾ ڪاري مادي جي مقدار گهڻي معلوم ٿئي ٿي.
ڪارو مادو ڇوجو عام مادي سان ڪو معاملو نٿو رکي سواءِ ڪشش ثقل جي معاملي جي ان ڪري مادي جي سڌو سنئون سڃاڻپ ڪرڻ ممڪن ناهي پر عام مادي تي ڪاري مادي جي ڪشش جي اثر جي اڻ سڌي طرح سڃاڻپ ڪري سگھجي ٿي پر ائين ڪرڻ آسان ناهي ان لاءِ انتھائي حساس اوزارن سان ستارن جي حرڪت جي پيمائش گھربل هوندي آهي، پري وارين ڪهڪشان جي ستارن ۾ اهڙي حرڪت جي پيمائش ڪرڻ گهڻي ڀاڱي مشڪل ھوندي آهي.
هاڻي هڪ نئين اسٽڊي ۾ سائنسدانن 10 ارب نوري سال پري ڪهڪشائن ۾ ستارن جي گردش جي رفتار جو جديد ترين ۽ حساس ترين اوزارن جي مدد سان تجزيو ڪيو آهي ۽ ان نتيجي تي پھچي ويا آهن تہ گهٽ ۾ گهٽ 10 ارب سال پھريان بہ ڪائنات ۾ گهڻو ڪري ايترو ئي ڪارو مادو موجود هو جيترو هاڻي آهي.
هي نتيجو فزڪس جي ماهرن جي توقع جي عين مطابق آهي جڏهن تہ ان کان اڳ جي نتيجن جن ۾ ڪائنات جي آغاز ۾ ڪاري مادي جي مقدار کي گهٽ ٻڌايو ويو هو اھو ماهرن جي توقع جي خلاف هو، ماهرن کي ھميشہ اها اميد هئي تہ وڌيڪ حساس اوزارن سان ڪي ويندڙ مشاهدا ان ڳالھ کي ثابت ڪري ڇڏيندا تہ ڪائنات جي آغاز ۾ بہ ڪاري مادي جي مقدار ايتري ئي هئي جيتري هاڻي آهي.
ان نئين سروي سان ان پرک جي تصديق ٿي وئي آهي تہ ڪائنات ۾ ڪاري مادي جي مقدار ھميشہ عام مادي کان تقريبن پنجوڻ رهي آهي

سائنسدانن ڪاري مادي Dark matter جي ڳولا لاءِ نئون طريقو دريافت ڪري ورتو.

سائنسدانن ڪاري مادي Dark matter جي ڳولا لاءِ نئون طريقو دريافت ڪري ورتو.

"دريا خان سنڌي"

سائنسدانن جي اندازي موجب ڪائنات ۾ ڪاري مادي جي مقدار عام مادي کان تقريبن پنجوڻ تي آهي ڇوجو ڪارو مادو عام مادي يا برقي مقناطيسيت سان ڪو ڳانڍاپو نٿو ڪري، انڪري ان جي سڃاڻپ ڪرڻ گهڻي مشڪل آهي. ڪارو مادو عام مادي سان گڏ صرف ڪشش ثقل سان ئي معاملو رکي ٿو يا وري پري وارين ڪهڪشائن جي روشني کي دوربين بلور Lenses جيان مڙڻو ڦرڻو ڪندو آهي ۽ انهن ٻنهي مظھرن سان ڪاري مادي جي اڻ سڌي طرح سڃاڻپ ڪري سگهجي ٿي. 
ھاڻ سائنسدانن ڪاري مادي جي سڃاڻپ ڪرڻ جو هڪ نيو طريقو واضع ڪيو آهي. جڏهن ٻہ ڪهڪشائون هڪ ٻئي جي ستارن ويجهو گذرنديون آهن تہ هڪ ٻئي جي ستارن  ۾ خلل وجهنديون آهن، ائين ڪرڻ سان گهڻا تارا ڪهڪشائن کان خارج ٿي ڪري خلا ۾ رلڻ لڳندا آهن. انهن ستارن جي روشني بہ ڪاري مادي جي موجودگي ۾ مڙندي ڦرندي آهي جنهن جي سڃاڻپ ڪري ڪاري مادي جي بيھڪ ۽ گهاٽائي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ڊارڪ ميٽر انهن ستارن کي پاڻ طرف ڇڪندو آھي ان ڪري ڪارو مادو جيترو گهڻو هوندو هي تارا اوتري گهڻي تعداد ۾ موجود هوندا.

ڪيميائي بانڊڪاري Chemical bonding ڪيميڪل بانڊنگ Chemical bonding

ڪيميائي بانڊڪاري       Chemical bonding 
ڪيميڪل بانڊنگ          Chemical bonding
"اصغر ساگر"

ڪائنات جي شروعات ھڪ ڌم ڌماڪي Big bang سان ٿي. ڌماڪي جي ڪجھ لمحن بعد قئار Quark جڙيا تہ ٻن زير قئارن Down quarks ۽ ھڪ مٿ قئار Up quark جي ملڻ سان نيوٽران جي پيدائش ٿي. نيوٽران جي فنا ٿيڻ سان پروٽان ۽ اليڪٽران جو جنم ٿيو. اھڙي طرح برقي چقمقي زمين Electromagnetic field جي ڪري اليڪٽران پروٽان جي چوڌاري ڦرڻ لڳو. اھڙي طرح ھڪ نئون عنصر بنيو جنھن کي اسان ھائڊروجن چئون ٿا. اھڙي طرح ائٽ Fusion جي عمل مان گذرڻ ڪري ھائيڊروجن مان ٻيا آئسوٽوپ ٺھيا. وري وڌيڪ ائٽ Fusion جي ردعمل جي ڪري ھيليم جڙي ۽ اھڙي طرح وڌيڪ عنصر جڙندا ويا پيراڊڪ ٽيبل Periodic table ۾ جيترا عنصر آھن اھي ڪجھ کان سوا سڀ عنصر ستارن جي ائٽ Fusion جي ڏيتي آھن. عنصرن جڙڻ سان ڪائنات ۾ مادو ميسر ٿي ويو پر عنصر مختلف خواصن جي باوجود بہ ڪا اھميت نہ رکندا ھئا. ھر عنصر جو الڳ ايٽم موجود ھيو. انهن عنصرن جو پنھنجو ميلاپ بانڊ جي صورت ۾ ٿيو. جيڪو اسان وٽ پاڻي موجود آھي ان ۾ 2 ھائيڊروجن ۽ 1 آڪسيجن ملي پاڻي جو ماليڪيول ٺاھن ٿا. اھڙي طرح زندگي جا اھم مرڪب عنصرن جي ميلاپ سان بنيا ۽ اسان وٽ روز معمول واريون شيون مرڪبن جي صورت ۾ موجود ٿيون.
انهن سڀني عنصرن کي ميلاپ جي ضرورت ڇو آئي ان جي اھم وجھ ھڪ ھئي ڇوجو سڀ عنصر قدرتي طور تي ھي چاھيندا ھئا تہ انهن جي ٻاھرئين شيل ۾ اليڪٽرانن جي تعداد پوري ٿئي تہ جيئن عنصر مستحڪم ٿي سگهن. جن عنصرن ۾ جيترا اليڪٽران گهٽ ھوندا آھن اھي ايترا ئي ردعملي Reactive ھوندا آھن. جيئن سوڊيم جي ٻاھرئين شيل ۾ ھڪ اليڪٽران ٿئي ٿو ان ڪري سوڊيم وڌيڪ ريئيڪٽو ڌات آھي. انهن عنصرن پنھنجي اليڪٽرانن جي پوراء لاء ھڪ ٻئي کان اليڪٽران شيئر ڪري سالميت stability حاصل ڪرڻ شروع ڪئي اھڙي طرح مختلف آميزا ۽ مرڪب بنيا. ھاڻي ھيئن ٿيو جو پاڻي جو ماليڪيول بڻيو ڇوجو ھائڊروجن جي بيروني شيل ۾ ھڪ اليڪٽران ھو ۽ آڪسيجن جي ٻاھرئين شيل ۾ 6 اليڪٽران ھئا. اھڙي طرح ھائڊروجن پنھنجي ٻاھرئين شيل ۾ اليڪٽران جي شيلن جي تعداد 2 مڪمل ڪئي ۽ آڪسيجن ھائيڊروجن جي 2 ايٽمن سان ملي اليڪٽران جي تعداد پوري ڪئي.

ايٽم جي ھر شيل ۾ ڪيترا اليڪٽران ھجن تہ ان جو شيل مڪمل ٿئي ٿو.

شيل ۽ آربٽ 2 الڳ مظھر Phenomenon آھن. شيل مان مراد نيوڪليس جي خاص دوري تي  ھڪ خاص توانائي جي سطح ٿئي ٿي جنھن تي واسطيدار توانائي جا 2 اليڪٽران ٿين ٿا. جيڪڏھن اليڪٽرانن جي توانائي وڌي وڃي تہ نيوڪليس جا دور وارا شيل مٿي ھجرت ڪن ٿا. جيڪڏھن اليڪٽران پنھنجي توانائي کي خارج ڪري ٿو تہ واسطيدار مدار مان نيوڪليس جي طرف واري مدار ۾ ھليو وڃي ٿو جڏھن تہ آربٽ مان مراد ھر شيل ۾ اليڪٽران پنھنجي پنھنجي الڳ مدار ۾ حرڪت ڪن ٿا.
شيل جي ھر شيل ۾ اليڪٽرانن جي مخصوص تعداد رھي سگهي ٿي ڇوجو ھر شيل ھڪ مخصوص توانائي تي مبني ٿئي ٿو ان کان گهٽ يا وڌ توانائي انهن کي Stable بنائي ٿي. شيل ۾ اليڪٽرانن جي تعداد ڄاڻڻ لاء ھڪ آسان فارمولو آھي.
2 (n²) 
ھتي n مان مراد شيل جو نمبر آھي جيئن شيل جو تعداد وڌي ٿو تيئن اليڪٽرانن جي تعداد بہ وڌي وڃي ٿو. جھڙي طرح پھرئين شيل ۾ 2، ٻئي شيل ۾ اٺ، ٽئين شيل ۾ ارڙھن ۽ شيلن کي عام طور تي K,L,M....سان نوٽ ڪيو وڃي ٿو.
ڪنھن ايٽم کان اليڪٽران حاصل ڪرڻ ۽ ڏيڻ جي خاصيت کي ويلنسي چئبو آھي. جيئن آڪسيجن جي ويلنسي ٻہ آھي ھي ٻہ اليڪٽران وٺي پنھنجو شيل مڪمل ڪري سگهي ٿي ڇوجو اليڪٽرانن جي ترتيب ائين ٿئي ٿي 2,6 ھن کي صرف اليڪٽران درڪار ٿين ٿا پنھنجي شيل جي تعداد پوري ڪرڻ لاء۔ ويلنسي ۾ واڌو نمبر مان مراد آھي اليڪٽران کي ڊونيٽ ڪرڻ ۽ ڪاٽو نمبر مان مراد آھي اليڪٽران حاصل ڪري پنھنجو شيل پورو ڪرڻ.

اھڙي طرح سوڊيم کي ڏٺو وڃي تہ ان جي ويلنسي 1+ آھي جنھن مان مراد آھي ھي پنھنجو اليڪٽران ٻئي ڪنھن کي ڊونيٽ ڪري سگهي ٿو. ھي ڊونيٽ ڇو ڪندو؟. ان جو سبب اليڪٽرانن جو تعداد آھي ڇوجو ان جي تعداد 2,8,1 ان ٽئين شيل مان اليڪٽرانن جي تعداد پوري ڪرڻ لاء 17 اليڪٽران درڪار ٿين ٿا. ان ڪري ھي ھڪ اليڪٽران ڊونيٽ ڪري ھي ٻئي عنصر سان منسلڪ ٿي وڃي ٿو. انهن عنصرن جي پنھنجي شيل ۾ تعداد پوري ڪرڻ لاء ھڪ ٻئي کان اليڪٽرانن جي بانڊ جي ونڊڪاري Sharing bond جو سبب بنجي ٿي ۽ مختلف ونڊ Sharing جي ڪري جڙندڙ بانڊن جون خصوصيتون مختلف ٿين ٿيون جنھن جي بنياد تي ان کي تقسيم ڪيو وڃي ٿو.
آئيونڪ بانڊ        Ionic bond
ڪوويلنٽ بانڊ     Covalent bond
ھائيڊروجن بانڊ   Hydrogen bond
پولر بانڊ              Polar bond

آئيونڪ بانڊ        Ionic bond :-
جڏھن ڪو عنصر ٻئي عنصر کي اليڪٽران ڏئي يا وٺي ٿو ان جي ڪري ھڪ عنصر تي اليڪٽان ڏيڻ جي ڪري واڌو چارج اچي ٿي ۽ ٻئي عنصر تي اليڪٽران حاصل ڪرڻ جي ڪري ڪاٽو چارج پيدا ٿئي ٿي جنھن جي ڪري ٻنهي عنصرن ۾ ڪشش پيدا ٿئي ٿي جيئن سوڊيم ۽ ڪلورين جا آئيونڪ باڊ منسلڪ ٿين ٿا ڇوجو سوڊيم پنھنجو اليڪٽران ڪلورين کي ڏئي ٿي اھڙي طرح ٻنهي تي مختلف چارج ھئڻ ڪري ھڪ ٻئي سان جڙي وڃن ٿا.

ڪوويلنٽ بانڊ    Covalent bond :-
بانڊ جي ھي قسم سڀ کان عام آھي. ھي تقريبن تمام آرگينڪ ڪموائونڊن ۾ پاتو وڃي ٿو. جڏھن ٻن عنصرن جي وچ ۾ اليڪٽرانن جي منتقلي ٿئي ٿي تہ شيئر ڪيل اليڪٽران ھڪ نئون آربٽ ٺاھن ٿا جو ٻنهي جي نيوڪليس جي چوڌاري ٿئي ٿو جيڪو ھڪ نئين ماليڪيول ٺاھڻ جو سبب ٿئي ٿو.
پاڻي جو ماليڪيول بہ ڪوويلنٽ بانڊ جي ڪري ٺھي ٿو جتي ھيڊروجن ۽ آڪسيجن جي اليڪٽرانن جو تبادلو ٿئي ٿو

ھائيڊروجن بانڊ   Hydrogen bond :
ڏٺو ويو آھي تہ پاڻي جي ماليڪولن جي جڙڻ جي ڪري شيئرنگ دوران ھيڊروجن جو پنھنجو ھڪ اليڪٽران شيئر ٿي وڃي ٿو پر ھيڊروجن کي اڃان بہ ٻہ اليڪٽران درڪار ٿين ٿا پنھنجو شيل مڪمل ڪرڻ لاء جنھن جي ڪري ان تي ھلڪي واڌو چارج ٿئي ٿي جنھن جي ڪري ھي ڪنھن بہ ڪاٽو چارج سان ڪشش ڪري ٿو ۽ ان ڪري بانڊ ٺھي ٿو جنھن کي ھيڊروجن بانڊ چيو وڃي ٿو. پاڻي جي ماليڪيولن جي پاڻ ۾ ڪشش ھيڊروجن بانڊ جو سبب بنجي ٿي. ھي صرف پولر بانڊ ۾ ئي ممڪن ٿئي ٿو. ھيڊروجن بانڊ آئيونڪ بانڊ ۽ ڪوويلنٽ بانڊ کان گهڻا ڪمزور ٿين ٿا. ھي بانڊنگ پاڻي جي ماليڪيولن جي درميان ۔ ڊي اين اي جي پاڻ سان ۔ اوڄن ۾ ۔ پولي مرز ۾ ۔ خامرن جي درميان ۽ پروٽين جي درميان پاتي وڃي ٿي.


پولر بانڊ            Polar bond:-
جڏھن ٻہ عنصر پاڻ ۾ بانڊنگ جي ڪري جڙن ٿا تہ انهن ۾ اليڪٽرانن جي ونڊ جي ڪري ھڪ عنصر تي ڪاٽو چارج زيادھ يا گهٽ ٿي وڃي ٿي جنھن جي ڪري جڙڻ وارا ماليڪيول يا منفي ٿين ٿا يا واڌو ٿين ٿا. ھي آئيونڪ ۽ ڪوويلنٽ بانڊ جي درمياني صورتحال  حيرتي طور تي ان جي مثال بہ پاڻي جي مدد سان ڏيئي سگهجي ٿي. ھيڊروجن جو ونڊ ڪيل اليڪٽران آڪسيجن جي گهڻي ڪشش جي ڪري ھيڊروجن جي نسبت آڪسيجن جي چوڌاري وڌيڪ وقت گذاري ٿو جنھن جي ڪري ھيڊروجن ٿورڙو واڌو ۽ ٿورڙو ڪاٽو چارج تي رھي ٿو ۽ اھائي خاصيت پاڻي کي ڪائناتي solvent بنائي ٿي. بانڊنگ جي خصوصيتن جي حوالي سان ان کان بہ وڌيڪ قسم ٿين ٿا پر بنيادي طور تي صرف ٻہ ئي ٿين ٿا ڪوويلنٽ ۽ آئيونڪ بانڊ. تمام عنصرن جي ويلنسي ھي ڏسي سگهجي ٿي.

سر گريگوري پيرلمين عظيم روسي رياضيدان

Sir Gregory perlman a great mathematician 
سر گريگوري پيرلمين عظيم روسي رياضيدان
"اصغر ساگر"

رياضي ۾ گريگوري پيرلمين جو نالو معتبر حيثيت رکي ٿو. ھن عظمت کي برقرار رکندي ڏوڪڙن کي ڪابہ حيثيت نہ ڏني ۽ اخلاقي قدرن کي ھٿي ڏني. عظيم رياضيدان 2006ع ۾ مليل فيلڊ ميڊلن کي ٺڪرائيندي چيو
”مون کي نہ شھرت نڪي دولت ۾ دلچسپي آھي. مون کي چڙيا گهر جي جانورن وانگر پنھنجي نمائش ناھي ڪرائڻي. نہ مان ڪامياب آھيان نڪي مان ھيرو آھيان منھنجي ڪم کي ڏسو ۔ جيڪڏھن منھنجا ڏنل ثبوت درست آھن تہ مون کي ڪنھن بہ اعزاز جي ضرورت ناھي.“
وري 2010ع ۾ ھن ڏھ لک ڊالر انعام وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو
”انعام ڏيڻ جو فيصلو منصفاڻو ناھي ڇوجو جنھن مسئلي جي حل لاء مون کي انعام ڏنو پيو وڃي ان جي حل ۾ ايترو ٻئي رياضيدان جو ھٿ آھي جيترو منھنجو.“
ان کان پھرين 1996ع ۾ يورپين ميٿميٽڪس سوسائٽي جو انعام انهي بنياد تي ٺڪرايائين تہ ھن جو ڪم اڻپورو آھي.
گريگوري پيرلمن دنيا جي ڏيک ويک ڏيکاء ۽ نمائش کان اخلاقي طرح بيزار ٿي گوشہ نشيني اختيار ڪئي.
ھڪ لمحي لاء رڪي روز فيس بوڪ تي تصويرن تي فخر ڪندڙن لاء پيغام آھي تہ عظمت شھرت جي بک نٿي رکي پر اڀ جيڏو قد رکي ٿي. اڄ ڪلھ وڏي تعليمي قابليت روز فيس بوڪ تي فوٽو رکڻ آھي ۔ پنھنجي نمائش ڪرڻ آھي ۽ سڄو ڏينھن ويھي لائيڪ وٺڻي آھي جڏھن تہ پويان ڪوبہ تعليمي ڪارنامو نہ ھوندو آھي نڪي ڪي تعليمي تخليقون ھونديون آھن. تون مون کي قاضي چئو مان توکي حاجي چوان وارو سلسلو ھلي ٿو پيو. جتي سرٽيفڪيٽن ۽ عھدن جي ڊوڙ ھجي ۽ پنھنجي مشھوري جي تسڪين ھجي اتي روز دم گهٽجي ٿو پر سر گريگوري جي بيباڪ شخصيت کي ڏسي جان ۾ ساھ پئجي وڃي ٿو. شخصي ڄامڙن جي انبوھ کان پري اڪيلي سر گريگوري جي شخصيت ديوقامت لڳي ٿي. سر گريگوري پيرلمين جي شخصيت کي دلي سلام.

Sheep-Human Hybrids

. . .    Sheep-Human Hybrids 
تحقيق  ڪندڙ: ھيرو نڪائوچي ۽ ساٿي 
ترجمو: پروفيسر بشير  احمد سومرو 

تحقيق ڪندڙن 2018 ۾  ھڪ قسم جو عجيب خلقت طريقو حاصل ڪيو جنهن جي ذريعي پھريون دفعو انسان ۽ رڍ جي ايمبريو جو ھائبرڊ پيدا ڪيو آهي جيڪو مستقبل ۾  ھڪ ڏينهن انسان کي عضوا عطيو ڏيڻ ۾ نمائندگي ڪندو-- ھن طريقي سان انسان غير فطري ۽ انجنيئرڊ ٿيل جانورن ۾ جسم جا حصا پيدا ڪندوـ 
ھن سائنسدانن فيبروريء ۾ پھريون دفعو ٻن قسمن جي جاندارن انسان - رڍ واري ھائبرڊ مان عجيب خلقت واري جاندار کي پيدا ڪيو, جنهن ۾ انسان جي جسم جا اسٽيم سيلن (جيو گهرڙا جيڪي ڪنهن به عضون ۾ تبديل نه ٿيندڙ ھجن) کي رڍ جي ايمبريو ۾ وڌو جنهن جي نتيجي ۾ ھائرڊ جاندار پيدا ٿيو جيڪو 99 سيڪڙو کان به گهڻو رڍ آهي -- پر پڻ ھڪ تمام  ننڍڙو, ٿورڙو توهان ۽ مون جھڙو  پڻ آهي ـ
قبول ڪندي, تجربي ۾ انساني ايمبريوز وارو حصو پيدا ڪيو-- 28 ڏينهن کان پوء تباھ ٿيڻ کان اڳ ۾ -- حد کان وڌيڪ ننڍو آهي , پر حقيقت ۾ اھي زنده رهيا سڀئي جيڪو ڪجهه پيدا ٿيو اھو تحقيق  جي ميدان ۾ تڪراري ٿي ويندو ـ
اسٽينفورڊ يونيورسٽيء ۾ تحقيق ڪندڙ اسٽم سيل بائلاجسٽ ھيرو نڪائوچي پنهنجي تحقيق جي باري ۾ ٻڌايو ته ھائبرڊ ۾ انساني جيو گهرڙن جو حصو تمام  گهٽ آهي ـ اھو انساني چھري ۽ دماغ سان سوئر جو ھائبرڊ بلڪل به  نه آهي ـ ھن وڏيڪ وضاحت ڪندي چيو ته رڍ جي ايمبريو  ۾ ڏھ ھزار  جيو گهرڙن تي ھڪ جيو گهرڙو انسان جو آهي ـ
ھيء تحقيق اڳ ۾ موجود تجربن جي روشنيء ۾ ساڳي ٽيم ڪئي جنهن جي ڪجهه ميمبرن انساني جيو گهرڙن ڍي ڪاميابيء سان سوئر جي ايمبريو  جي شروعاتي اسٽيج ۾ واڌ ويجهه ڪرائي ھئي  جنهن جي نتيجي ۾ انسان-- سوئر جو ھائبرڊ پيدا ڪيو جنهن کي تحقيق  ڪندڙن  انٽر اسپشيز (ٻن قسمن جي نسلن ) جھڙي عجيب خلقت بيان ڪيو ـ
 تحقيق  ڪندڙ پنهنجي ھن نئين تحقيق جي باري ۾ وضاحت ڪندي چيو ته جيتوڻيڪ ته 'چريا سائنسدان' روايتي طور تي پيش ڪن ٿا ۽  انهن کي ھن قسم جي تحقيق  ۾ ڳڻيو ٿو وڃيخ , ھي ورھائجڻ وارا تجربا ھڪ ڏينهن اسان کي لاجواب حل ڏيندو انهن ھزارين ماڻهن جو جيڪي زندگي بچائڻ وارن عضون جي عطيي جي انتظار ۾ ويٺا آهن -- انهن مان گهڻا عطيي وارن عضون حاصل ڪرڻ کان سواِء مري ٿا وڃن ـ
تحقيق  ڪندڙ ٽيم جي ميمبر  بائلاجسٽ پئبلو راس جو چيو ته ايتريقدر جو اڄ بھترين ميچ ڪندڙ عضوا سواء انهن جي جيڪي جاڙن ماڻهن کان ملن ٿا باقي ٻيا گهڻو وقت جسم ۾ جٽاء نه ٿا ڪري سگهن ڇاڪاڻ ته وقت سان گڏ جسم جو اميون سسٽم (مدافعتي نظام) لڳاتار ڌارين عضون تي حملو ڪندو رهي ٿو ـ 
جيتوڻيڪ ٻن جنسن واري عجيب خلقت مان انساني عضوا وٺڻ گهڻو پري آهي پر ھن تحقيق  مان اھو فائدو ٿي سگهندو جو عضون جي عطيي لاء ويٺل ھزارين  ماڻھن جي گهرج پوري ٿي ويندي خاص طور تي اھي جيڪي موت جي ويجهو آهن ـ جيتوڻيڪ رڍ -- انسان وارو ھائبرڊ شروعاتي ڏاڪي تي آهي پر ايندڙ عجيب خلقت ۾ انساني ايمبريو  جي نسبت گهڻي ھوندي پر انهيء تي اخلاقي شڪ ضرور پوندا ـ اھڙي اخلاقي قدر کي ڌيان ۾ رکندي تحقيق  ڪندڙ پئبلو راس چيو ته مون کي به ساڳيو شڪ آهي ـ مونکي چوڻ ڏيو جيڪڏهن اسان جو نتيجو اشارو ڪري ته انساني جيو گهرڙا سڀئي جانور جي دماغ ڏانهن ٿا وڃن ته پوء اسان انهيء عجيب  خلقت جانور جي وڌيڪ واڌ ويجهه نه ٿا ڪري سگهون ـ

وارن جي رنگ شاگردياڻي جو مٿو ۽ منھن سڄائي ڇڏيو.

وارن جي رنگ شاگردياڻي جو مٿو ۽ منھن سڄائي ڇڏيو.

"دريا خان سنڌي"

ايسٽيلا نالي شاگردياڻي کي وارن جي رنگ ۾ پاتو ويندڙ فينيليڻ Paraphenylenediamine ڪيمڪيل سان الرجي وگهي اسپتال ۾ داخل ٿيڻو پيو.

ايسٽيلا هڪ سپر مارڪيٽ جي مشھور برانڊ جو هيئر ڪلر ورتو جنھن کي وارن تي استعمال ڪيو. ايسٽيلا موجب رنگ لڳائڻ کان ڪجھ ڪلاڪن بعد مٿي تي خارش شروع ٿي وئي جنھن جي ھن گهڻي پرواھ نہ ڪئي
۽ ان لاءِ ڪجھ ڪريمون پڻ وٺي آئي. ٻن ڏينھن کان پوءِ جڏهن پنھنجو منھن آئيني ۾ ڏٺائين تہ سندس مٿو ۽ منھن فٽبال جھڙو نظر پئي آيو. ھن اسپتال جو رخ ڪيو. ڏاڪٽرن موجب ايسٽيلا جو منھن فينيليڻ Paraphenylenediamine جي ايلرڄي جي ري ايڪشن ڪري ائين ٿيو آهي اھو جزو 90 سيڪڙو وارن واري رنگن ۾ پاتو ويندو آهي ۽ الرجي جي وڌي وڃڻ جو سبب ٿيندو آهي.
ان ايلرڄي ڪارڻ ايسٽيلا نالي شاگردياڻي جي مٿي جو دائرو 22 کان 24 انچ سڄي ويو. 
ڏاڪٽرن ايسٽيلا کي اسپتال ۾ داخل ڪيو. ايسٽيلا موجب ان وقت ان جو ساھ منجھي رهيو هو ۽ ائين محسوس ٿي رهيو هو تہ مان ڄڻ مرڻ واري آهيان.

شاگردياڻي پنھنجي سڳل منھن جون تصويرون پنھنجي فيس بوڪ آئڊي تي رکي ماڻھن کي ھدايتون پڻ ڪيون!
”هاڻي مان ٺيڪ آهيان ۽ پنھنجي منھن کي ڏسي ڪري کلندي آهي“
ھن ماڻھن سان مخاطب ٿيندي چيو
”اهڙين شين جي استعمال کان گهڻو احتياط ڪيو ۔ اهڙيون شيون توھان کي موت جي منهن ۾ وجهي سگھن ٿيون“.
ھن جي چوڻ مطابق ڪمپنيون اهڙي قسم جي ڪيميڪلن جون احتياطي وارننگ وضع ڪري ڄاڻائن.

سمنڊ جي تھ کان گهڻو پاڻيءَ زمين ۾ غائب ٿي رهيو آهي.

سمنڊ جي تھ کان گهڻو پاڻيءَ زمين ۾ غائب ٿي رهيو آهي

"دريا خان سنڌ" 

سمنڊ جي تھ ۾ موجود ٽيڪٽانڪ پليٽن Tectonic plates جي ٽڪر سان جيڪو faults عيب پيدا ٿيندا آهن انهن جي ڪارڻ سمنڊ جو گهڻو پاڻيءَ زمين جي اندروني حصن ۾ وڃي رهيو آهي
هي پاڻي گهٽ ۾ گهٽ سمنڊ جي تھ جي اندر وڌيڪ ويھ ميل ويندي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي.
انکان پوءِ هي پاڻيءَ ڪٿي ويندو آهي ۽ ان سان ڇا ٿيندو آهي. انجي باري ۾ فلحال سائنسدان گهڻو ڄاڻي ناهين سگھيا پوءِ بہ سائنسدانن کي پهريان ئي اندازو هو تہ انهن فالٽ عيبي لائنن کان سمنڊ جو پاڻيءَ جيڪو گهڻي ڀاڱي پريشر ۾ هوندو آهي، سرڪي ڪري زمين جي مينٽل ۾ وڃي رهيو آهي، پر انکان پھريان ان پاڻي جي مقدار جو اندازو نہ هئو، هاڻي ان پاڻي جي مقدار جو سٺي نموني اندازو لڳايو ويو آهي ۽ هي مقدار سائنسدانن جي توقع کان گهڻي ڀاڱي وڌيڪ آهي، عيبي لائنن جي جنم ۽ ان subduction zones زمين جي هيٺين چڪر مان پاڻي گهڻو ڪري زمين جي ان حصي ۾ ويندو آهي جتي حرارت ۽ پريشر گهڻي ڀاڱي آهي سائنسدانن جو خيال آهي تہ ان علائقي ۾ هي پاڻي ٻاڦ ۾ تبديل ٿي ڪري ميگما Magma تي گھڻو پريشر وجھندو آهي ۽ ميگما جي وهڪري جو سبب بڻجي ٿو