Wednesday 2 January 2019

وارن جي رنگ شاگردياڻي جو مٿو ۽ منھن سڄائي ڇڏيو.

وارن جي رنگ شاگردياڻي جو مٿو ۽ منھن سڄائي ڇڏيو.

"دريا خان سنڌي"

ايسٽيلا نالي شاگردياڻي کي وارن جي رنگ ۾ پاتو ويندڙ فينيليڻ Paraphenylenediamine ڪيمڪيل سان الرجي وگهي اسپتال ۾ داخل ٿيڻو پيو.

ايسٽيلا هڪ سپر مارڪيٽ جي مشھور برانڊ جو هيئر ڪلر ورتو جنھن کي وارن تي استعمال ڪيو. ايسٽيلا موجب رنگ لڳائڻ کان ڪجھ ڪلاڪن بعد مٿي تي خارش شروع ٿي وئي جنھن جي ھن گهڻي پرواھ نہ ڪئي
۽ ان لاءِ ڪجھ ڪريمون پڻ وٺي آئي. ٻن ڏينھن کان پوءِ جڏهن پنھنجو منھن آئيني ۾ ڏٺائين تہ سندس مٿو ۽ منھن فٽبال جھڙو نظر پئي آيو. ھن اسپتال جو رخ ڪيو. ڏاڪٽرن موجب ايسٽيلا جو منھن فينيليڻ Paraphenylenediamine جي ايلرڄي جي ري ايڪشن ڪري ائين ٿيو آهي اھو جزو 90 سيڪڙو وارن واري رنگن ۾ پاتو ويندو آهي ۽ الرجي جي وڌي وڃڻ جو سبب ٿيندو آهي.
ان ايلرڄي ڪارڻ ايسٽيلا نالي شاگردياڻي جي مٿي جو دائرو 22 کان 24 انچ سڄي ويو. 
ڏاڪٽرن ايسٽيلا کي اسپتال ۾ داخل ڪيو. ايسٽيلا موجب ان وقت ان جو ساھ منجھي رهيو هو ۽ ائين محسوس ٿي رهيو هو تہ مان ڄڻ مرڻ واري آهيان.

شاگردياڻي پنھنجي سڳل منھن جون تصويرون پنھنجي فيس بوڪ آئڊي تي رکي ماڻھن کي ھدايتون پڻ ڪيون!
”هاڻي مان ٺيڪ آهيان ۽ پنھنجي منھن کي ڏسي ڪري کلندي آهي“
ھن ماڻھن سان مخاطب ٿيندي چيو
”اهڙين شين جي استعمال کان گهڻو احتياط ڪيو ۔ اهڙيون شيون توھان کي موت جي منهن ۾ وجهي سگھن ٿيون“.
ھن جي چوڻ مطابق ڪمپنيون اهڙي قسم جي ڪيميڪلن جون احتياطي وارننگ وضع ڪري ڄاڻائن.

No comments:

Post a Comment