Wednesday 2 January 2019

سمنڊ جي تھ کان گهڻو پاڻيءَ زمين ۾ غائب ٿي رهيو آهي.

سمنڊ جي تھ کان گهڻو پاڻيءَ زمين ۾ غائب ٿي رهيو آهي

"دريا خان سنڌ" 

سمنڊ جي تھ ۾ موجود ٽيڪٽانڪ پليٽن Tectonic plates جي ٽڪر سان جيڪو faults عيب پيدا ٿيندا آهن انهن جي ڪارڻ سمنڊ جو گهڻو پاڻيءَ زمين جي اندروني حصن ۾ وڃي رهيو آهي
هي پاڻي گهٽ ۾ گهٽ سمنڊ جي تھ جي اندر وڌيڪ ويھ ميل ويندي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي.
انکان پوءِ هي پاڻيءَ ڪٿي ويندو آهي ۽ ان سان ڇا ٿيندو آهي. انجي باري ۾ فلحال سائنسدان گهڻو ڄاڻي ناهين سگھيا پوءِ بہ سائنسدانن کي پهريان ئي اندازو هو تہ انهن فالٽ عيبي لائنن کان سمنڊ جو پاڻيءَ جيڪو گهڻي ڀاڱي پريشر ۾ هوندو آهي، سرڪي ڪري زمين جي مينٽل ۾ وڃي رهيو آهي، پر انکان پھريان ان پاڻي جي مقدار جو اندازو نہ هئو، هاڻي ان پاڻي جي مقدار جو سٺي نموني اندازو لڳايو ويو آهي ۽ هي مقدار سائنسدانن جي توقع کان گهڻي ڀاڱي وڌيڪ آهي، عيبي لائنن جي جنم ۽ ان subduction zones زمين جي هيٺين چڪر مان پاڻي گهڻو ڪري زمين جي ان حصي ۾ ويندو آهي جتي حرارت ۽ پريشر گهڻي ڀاڱي آهي سائنسدانن جو خيال آهي تہ ان علائقي ۾ هي پاڻي ٻاڦ ۾ تبديل ٿي ڪري ميگما Magma تي گھڻو پريشر وجھندو آهي ۽ ميگما جي وهڪري جو سبب بڻجي ٿو


No comments:

Post a Comment