وائرس کي بيڪٽيريا جو قاتل بنائڻ جون تياريون
تحقيق ڪندڙ : بوني باسلر ۽ جسٽن سلپي
ترجمو: پروفيسر بشير احمد سومرو
پرسٽن يونيورسٽيء جي ماليڪيولر بائلاجيء جي ماھرن بوني باسلر ۽ ھڪ گريجوئيٽ شاگرد جسٽن سپلي ھڪ وائرس جي شناخت ڪئي آهي جنهن کي وي پي 882 جي طور سڃاتو وڃي ٿو جيڪو بيڪٽيريا جي گفتگو ٻڌي ٿو ۽ پوء ھڪ ئي جھٽڪي ۾ جيئن ھڪ ناول ۾ جاسوس وانگر وائرس رستو ڳولين ٿا جنهن کي استعمال ڪري بيڪٽيريا تي حملو ڪري قتل ڪن ٿا خاص طور تي اي ـ ڪولي ۽ ڪالرا وارن بيماري پيدا ڪندڙ بيڪٽيريا تي ـ
باسلر پنهنجي تحقيق جي باري ۾ ٻڌايو ته خيال آهي ته وائرس بيڪٽيريا جي اندر ھڪ ماليڪيول جو پتو لڳائي ٿو جيڪو بيڪٽيريا پنهنجي رابطي جي لاء استعمال ڪندو آهي -جيڪو بلڪل ــ نئون آهي جنهن کي جسٽن ڳولي لڌو آهي جيڪو فطري طور تي ٿيندڙ پھريون ڪيس آهي ۽ پوء ھن وائرس کي وري انجنيئرنگ ڪيو ته جيئن ھي مھيا ڪري سگهي ڪا به حسيت داخل ڪري سگهي جيڪا ھو چاهي پر ڪميونيڪيشن ماليڪيول جي بدران ۽ پوء وائرس گهرج مطابق قتل ڪري ـ
باسلر ٻڌايو ته ھڪ وائرس فقط ھڪ ئي فيصلو ڪري سگهي ٿو يا ته ميزبان جي اندر ترسي پوي (لائسوجينڪ سائيڪل) يا وري ميزبان کي ختم (لائٽڪ سائيڪل # بيڪٽيريا ۽ وائرس جي وچ ۾ مالڪ ۽ غلام وارو تعلق # ) ڪري ڇڏي ـ اھو وائرس تي آهي ته يا راڊار جي ھيٺان رهي پنهنجي ميزبان جي اندر يا وري سرگرم ٿي وڃي ڊي اين اي سيڪئنس کي ٽوڙيندڙ جنهن سان سوين نوان وائرس وجود ۾ اچي ويندا ۽ آخر ۾ وائرس موجوده ميزبان جي سيل ميمبرين يا وري سيل ميمبرين ۽ سيل وال کي ٽوڙي نون ميزبانن تي حملي ڪرڻ کان لاء سرگرم ٿي وينداـ
جسٽن ٻڌايو ته ختم ڪرڻ جي لاء چوننڊ ڪرڻ ۾ ھڪ موروثي خطري وارو آپاشن موجود آهي ـ جيڪڏهن وائرس جي لاء ويجهو ڪي ٻيا ميزبان موجود نه آهن ته پوء وائرس ۽ انهيء جو ٻيو نسل مري وينداـ وي پي 882 وائرس ھڪ رستو ڳولي لڌو آهي ته انهيء خطري مان ٻاهر نڪرڻ جي لاءفيصلو ڪري ـ اھو ٻڌي ٿو بيڪٽيريا جي اعلان ڪرڻ کي ته اھي ھاڻي ڊڄڻا آهن , تڪليف وڌندي وڌي رهي آهي تڏهن وائرس بيڪٽيريا تي حملو ڪري ماري ٿو ـ انهيء نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ وائرس وري ٻين ميزبانن تي حملو ڪن ٿاـ باسلر ٻڌايو ته اھو اندروني طور تي ٿئي ٿو جيڪو تمام بھترين عمل آهي ـ
پيٽرسبرگ يونيورسٽيء جي بايوٽيڪنالاجيء جي پروفيسر گراھام ھيٽفل جيڪو ھن تحقيق ۾ شامل نه ھيو تنهن ھن نئين ريسرچ پيپر جي پسمنظر ۾ ٻڌايو ته ھيء تحقيق بلڪل نئون طريقو مھيا ڪري رهي آهي ـ ھي اڀياس پھريون دفعو اھڙي ڳالهه ڪري رهيو آهي ـ جڏهن وائرس فيج (ختم ٿيندڙ بيڪٽيريا) لائسوجينڪ (بيڪٽيريا ۽ وائرس جي وچ ۾ ميزبان ۽ مھمان وارو تعلق) حالت ۾ ھوندو آهي اھو گهري ننڊ ۾ نه ھوندو آهي پر ان جي بدران خيرو ٿي پوندو آهي ۽ انهيء ئي حالت ۾ ھڪ اک ۽ ھڪ ڪن کولي ڇڏيندو آهي ۽ سندس ڌيان سگنل ٻڌڻ جي تاڙ ۾ ھوندو آهي ته جيو گهرڙو پنهنجي ماحول ۾ تبديليء جي لاء تيار ٿئي ٿو يا نه ـ
باسلر گهڻا سال اڳ ھي دريافت ڪري ورتو ھيو ته بيڪٽيريا ڪميونيڪيٽ ڪري ٿو ۽ ٻئي جي موجودگي پنهنجي حسي نظام سان پرکي ٿو وٺي ۽ پوء اھي انتظار ٿا ڪن حملي ڪرڻ کان اڳ ھڪ جٿي ٺھڻ جو پر جسٽن ان طرف ڪڏهن تصور به نه ڪيو ھيو ته وائرس انهيء جٿي جو ڀڻڪو وڌي وٺي ٿو جيڪو جٿو ھڪ ٻئي کي ڪميونيڪيٽ ڪري ٿوـ
جسٽن چيو ته
"The bugs are getting bugged," she said with a laugh. "
قاتل پاڻ قتل ٿي رھيو آهي يعني بيماري پيدا ڪندڙ پاڻ تباهه ٿي رھيو آهي انهيء کان سواء ڪورم - سينسنگ ماليڪيول اطلاع موڪلي رھيا آهن ڪنگڊم جي حدن کان پار ـ وائرس جو بيڪٽيريا واري ڪنگڊم سان واسطو نه آهي پر وائرس ڪنهن به ڪنگڊم ۾ آهي ئي نه ڇاڪاڻ ته اھي ٽيڪنڪلي طور زنده رھن ٿا ـ
جسٽن وڌيڪ ٻڌايو ته وائرس بنيادي طور تي ھڪ مختلف جاندار آهي جيڪو پنهنجي قابليت جي ذريعي ٻئي جاندار يعني بيڪٽيريا ۾ سگنلس جو پتو لڳائڻ ۽ ان جو ترجمو ڪري ٿو جيڪو ڪم ذھن کي جھٽڪو ڏيندڙ آهي ـ صرف اھو ئي نه پر وائرس ائين ڪم ڪندو جيئن انسان ڪتي سان رابطو رکندو آهي نه ڪي دشمن قوم جي جاسوس وانگر ـ
No comments:
Post a Comment