Thursday 23 April 2020

دعوت ۾ آيل بليڪ هول

دعوت ۾ آيل بليڪ هول
”دريا خان“
 
فلڪيات ۾ ڪيتريون ئي شيون اهڙيون آهن جيڪي انسان کي پريشاني ۾ وجهي ڇڏينديون آهن پر ڪيترا ماڻهون بليڪ هول بابت ٻڌي ڪري گهڻا حيران ٿيندا آهن، بليڪ هول هر ڪهڪشان جي مرڪز ۾ پاتا ويندا آهن پر انھن بليڪ هولز جو هن ڪائنات ۾ موجود هئڻ جي وجھ سان ڇا اثر ٿيندا آهن؟ آخر بليڪ هول پراسرار سان لاڳاپيل ڇو آهن؟ بليڪ هول جي ويجھو ڪهڪشان ۾ موجود سڀئي تارا ڦيرو کائي رهيا آهن، اسانجي پنھنجي ڪهڪشان جنھن جو نالو ملڪي وي آهي، انجي مرڪز ۾ اسانجي سج کان تقريبن 10 لک سيڪڙو وڏو بليڪ هول موجود آهي، جنھن کي فلڪياتي اصطلاح ۾”سپر ميسيو بليڪ هول“ چيو ويندو آهي، انجي ويجهو تقريبن 23 ڪروڙ تارا ڦيرو کائي رهيا آهن، جن مان هڪ اسانجو سج بہ آهي، پر بليڪ هول وٽ ايتري طاقت ڪٿان کان اچي ويندي آهي؟ ڇا اهو بہ ڪنهن ٻئي شيءَ کان توانائي حاصل ڪندو آهي؟ حقيقتن بليڪ هولز ڪائنات جي ڳجهين شين مان هڪ آهن جن جي ڳولھا ڪرڻ گهڻو مشڪل آهي، اڄ اسان ان بابت ڪجھ ڄاڻيندي پوري معلومات نٿا رکون، بليڪ هول جي مثال ڪجھ ان طرح سان آهي تہ جيڪڏهن اوهان هن نظام شمسي جي سج کي هڪ ٽينس بال ۾ قيد ڪريو تہ ھي سج بليڪ هول بڻجي ويندو، آئنسٽائين جي نظري اضافيت موجب ڪنهن بہ شيءَ جي ڪشش ثقل ان ۾ موجود مادي ۽ انجي ڪثافت تي لاڳاپيل هوندي آهي، ڪنھن بہ شيءَ جي ڪثافت ان ۾ موجود مادي جي مقدار جي جسامت تي الڳ ڪري ڪڍي سگهجي ٿي، ان مثال ۾ سج جنهن جو قطر تقريبن 6 ڪروڙ ڪلوميٽر آهي، کي ٽينس بال جنھن جو قطر تقريبن 10 سينٽي ميٽر هوندو آهي، جي جسامت ۾ قيد ڪرڻ کانپوءِ انجي ڪثافت ۾ وڌارو ٿي ويندو، ان حالت ۾ سج جي ڪشش ان ڀاڳي وڌيڪ ٿي ويندي جو هي روشني کي بہ نڪرڻ نہ ڏيندو ائين هي سج هاڻ روشني جي اڻ موجودگي جي وجھ سان ڪارو نظر ايندو، ۽ انکي بليڪ هول چيو ويندو. ڪنهن بہ تاري جي بليڪ هول بڻجڻ کانپوءِ بہ ان ۾ مادي جي مقدار اها ئي رهندي آهي، ان لاءِ ويجهڙائي جي تارن يا سيارن تي لڳڻ واري ڪشش ثقل بہ اها ئي رهندي، ڇوجو بليڪ هول بڻجڻ کانپوءِ تاري جو جسامت گهڻو گهٽ ٿي ويندو آهي انجي ويجهو هڪ حد تائين ڪشش گهڻي وڌيڪ ٿي ويندي تہ جيڪڏهن ڪا بہ شيءَ ان حد کي پار ڪري وڃي تہ پوءِ انجو واپس اچڻ ناممڪن ٿي ويندو، بليڪ هول جي ويجھو ان حد کي فلڪياتي اصطلاح ۾” ايونٽ هوريزن Event horizon" جو نالو ڏنو ويندو آهي. اڄ تائين سائنسدان اندازن دعوي ڪندا آهن تہ جيڪڏهن ڪو تارو ڪنهن بليڪ هول جي ايونٽ هوريزن جي اندر يا ويجهو اچي وڃي تہ اهو بليڪ هول پهريان ان تاري کي ٻاهرين سطح جا ٽڪڙا تڪڙا ڪري ڇڏيندو، ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي پورو تارو ڳهي ويندو پر مئي 2018ع ۾ سائنسدانن پهريون ڀيرو ان منظر جو خاص دوربينن جي مدد سان نظارو ڪيو، هي نظارو 15 ڪروڙ نوري سال پري ٻن ٽڪرائجڻ واري ڪهڪشائن جي جوڙي ۾ ڪيو ويو جنھن جو نالو”ارپ 299 (ARP 299)" آهي، جڏهن هڪ تارو جيڪو اسانجي سج جي تقريبن 2 ڪروڙ سيڪڙو وڏو آهي، هڪ بليڪ هول جي ويجھو ايندي ئي وکرجي ويو. ان تاري جو گھڻو حصو بليڪ هول ڳهي ورتو پر ڪجھ ذرا ويجھو وکري ويا. ايونٽ هوريزن وٽ ڪشش جي وجھ سان گهڻو دٻاو ۽ رڳڙ پيدا ٿيندي آهي، جنھن سان مادو طاقتور ايڪس ريز ۽ قابل مشاهدو روشني نيڪال ڪندو آهي، جيڪا هاڻ سائنسدانن ڏٺي آهي، انکان سواءِ ان تاري جي مادي جا ڪجھ حصا بليڪ هول جي قطبين جي طرف کان بہ نڪتا جن جي رفتار روشني جي رفتار جي ويجھو هئي، فلڪياتي اصطلاح ۾ بليڪ هول جي قطبين جي طرف کان نيڪال ٿيندڙ ان تيز رفتار مادي کي” جيٽس Jets“ چيو ويندو آهي،  ان جيٽس جو بہ پهريون ڀيرو مشاهدو ڪيو ويو ۽ ڏٺو ويو تہ ھي جيٽس حقيقتن ڪنهن طرح وجود ۾ ايندا آهن. ياد رهي تہ ھي منظر زمين کان 15 ڪروڙ نوري سال پري ٿيندي ڏٺو ويو جنهن جو مطلب آهي تہ هاڻ انهن ڪهڪشائن جو جوڙو جڏهن پاڻ ۾ ٽڪرايو هو تہ ان وقت زمين تي زندگي جي شروعاتي ڏاڪن مان گذري رهي هئي، ۽ انسان جي پيداوار بہ نہ ٿي هئي، انکان ظاهر ٿي ٿو تہ طبعيات ۽ رياضي جي مدد سان جيڪا پيشنگوئي سائنسدان سالن کان ڪندا آيا آهن اها حقيقي آهي، ۽ هاڻوڪي دور ۾ سائنس صحيح ۽ حقيقي رستي تي هلندڙ آهي

No comments:

Post a Comment