ڇا اسان جو چنڊ ڪڏهن زمين سان ٽڪرائجي سگهي ٿو.!؟
”امتياز علي“
حقيقتن جڏهن کان زمين ٺهي آهي، چنڊ زمين جي طرف ئي ڦري رهيو آهي پر هي زمين سان ڪڏهن ٽڪرايو ان ڪارڻ ناهي، ڇو تہ هي زمين جي سطح جي متوازن هڪ مخصوص رفتار سان گڏ حرڪت ڪري رهيو آهي. زمين جي ڪشش ثقل چنڊ کي پنهنجي طرف ڇڪيندي آهي پر چنڊ پنهنجي هڪجهڙائي متوازي حرڪت (Parallel or Sideways Motion) جي وجھ سان زمين جي ڪشش ثقل جي مزاحمت ڪندو آهي. بس اتي ٻن شين جي جنگ هلي رهي آهي. زمين جي ڪشش ثقل ۽ چنڊ جي زمين جي ويجھو هڪجهڙائي متوازي حرڪت. انهن ٻنهين ۾ ڪنهن هڪ ۾ بہ واڌارو يا گهٽتائي ٿي تہ يا چنڊ زمين سان ٽڪرائجي ويندو يا زمين جي گريويٽيشنل ڪششي فيلڊ مان نيڪال ٿي ويندو ۽ خلا ۾ اڪيلائي ۾ پيو گهمندو. مثال جي طور تي جيڪڏهن اسان فرض ڪيون تہ ڪنهن طرح زمين جي ڪشش ثقل وڌي وڃي جڏهن تہ چنڊ جي مداري گردشي رفتار (Orbital Velocity) ايتري ئي رهي تہ چنڊ زمين تي ڪري پوندو. ان جي ابتڙ جيڪڏهن زمين جي ڪشش ثقل جي سختي گهٽ ٿي وڃي جڏهن تہ چنڊ جي گردشي رفتار مستقل رهي تہ زمين چنڊ کي ان جي مدار ۾ برقرار رکڻ ۾ ناڪام ٿي ويندي ۽ چنڊ زمين جي ڪشش جي دائري ۾ نہ رهندو. اهڙي طرح جيڪڏهن اسان فرض ڪيون تہ ڪهڙي طرح چنڊ جي گردشي رفتار وڌي وڃي جڏهن تہ زمين جي ڪشش ثقل جي سختي مستقل رهي، تہ ان صورت ۾ بہ چنڊ زمين کي الوداع ڪري ڇڏيندو. ان جي ابتڙ جيڪڏهن چنڊ جي گردشي رفتار گهٽ ٿي وڃي تہ چنڊ زمين سان ٽڪرائجي ويندو ۽ اهو زمين تي سڀهي زندگين جو آخري ڏينهن هوندو....!!!!
اچو هاڻ ڳالھ ڪيون ٿا گردشي رفتار جي. هڪ ميوو جڏهن وڻ جي ٽاري مان ٽُٽِي ڪري زمين تي ڪرندو آهي تہ ان جي حرڪت ۾ ۽ چنڊ جي حرڪت ۾ هڪ هڪجهڙائي ۽ هڪ فرق آهي. هڪجهڙائي هي آهي تہ ٻئي زمين جي طرف ڪِري رهيا آهن ۽ فرق هي آهي تہ چنڊ زمين جي سطح جي متوازي حرڪت بہ ڪري رهيو آهي جڏهن تہ ان ميوي جي زمين جي سطح جي متوازي حرڪت ٻُڙي آهي. اهيا ئي وجھ آهي تہ ميوو زمين سان ٽڪرائجندو آهي جڏهن تہ چنڊ زمين سان ٽڪرائجندو نہ آهي. اوهان جي علم ۾ هوندو تہ جڏهن اوهان هڪ پستول سان فائر ڪندا آهيو تہ گولي هڪ مخصوص فاصلا طئي ڪري زمين تي ڪِري پوندي آهي. گولي جي رفتار جيتري وڌيڪ هوندي اها ايترو ئي وڌيڪ پنڌ ڪندي. فزڪس اسان کي ٻُڌائيندي آهي تہ هڪ اهڙي رفتار آهي جنهن سان گڏ جيڪڏهن اوهان هڪ پستول ۾ موجود گولي جو فائر ڪندئو تہ اهو زمين سان ٽڪرائجندي ئي نہ، ۽ تقريبن 90 منٽ ۾ زمين جو پورو چڪر لڳائي اوهان جي پويان لڳندي. هي رفتار 8 ڪلو ميٽر في سيڪنڊ آهي ۽ ان کي اسان گولي جي گردشي رفتا چونداسين. ياد رکو تہ هتي اسان وضاحت جي خاطر رستي ۾ موجود رڪاوٽن ۽ ايئر فرڪشن کي نظرانداز ڪري رهيا آهيو. جيڪڏهن انهن کي نظرانداز نہ ڪيو وڃي تہ يا تہ گولي ڪنهن شيءِ سان ٽڪرائجي ويندي يا ايئر فرڪشن (Air Friction) جي وجھ سان گهڻي گرم ٿي ڪري پگهرجي ويندي. گردشي رفتار جي مساوات ڪجھ هيئن آهي: sqrt(GM/r)=v. هڪ جسم جي گردشي رفتار ان ڳالھ تي آڌار ڪندي آهي تہ ان جسم جو زمين جي مرڪز کان پنڌ ڪيترو آهي. پنڌ جيترو وڌيڪ ٿيندو، گردشي رفتار ايتري ئي گهٽ هوندي. چنڊ زمين کان 3,84,400 ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي تہ ان جي گردشي رفتار 1 ڪلوميٽر في سيڪنڊ آهي.
هاڻ آخر ۾ اهو ڏسنداسين تہ جيڪڏهن چنڊ زمين سان ٽڪرائجڻ لڳي تہ ڇا ٿيندو. چنڊ تي ٻن قسمن جون فورسز اثرانداز ٿي رهيون آهن. هڪ قوت، فورس چنڊ جي مرڪز جي ڪشش ثقل آهي جڏهن تہ ان کي اندر جي طرف ڇڪي رهي آهي ۽ ان سان جڙيل آهي. ۽ هڪ زمين جي ڪشش ثقل آهي جيڪا چنڊ کي ان جي قطر جي آر پار ڇڪيندي آهي. چنڊ هڪ گول جسم آهي، بس چنڊ جو جيڪو حصو زمين جي گهڻو ويجهو آهي ان تي وڌيڪ فورس لڳندي آهي ۽ جيڪو حصو زمين کان پري آهي ان تي نسبتن گهٽ فورس لڳندي آهي. ان فورس کي ٽائيڊل فورس (Tidal Force) چوندا آهن. ٽائڊل فورس هڪ جسم ۾ دباءُ پيدا ڪندي آهي. اهڙي طرح جيڪڏهن اوهان هڪ ربڙ بينڊ (Rubber Band) کي ڇڪي تہ ان ۾ دٻاءُ پيدا ٿيندو آهي ۽ ان جي ڊگهائي ۾ اضافو ٿي ويندو آهي. اهو ربڙ بينڊ جنهن شيءِ سان ٺهيو آهي هي شيءِ ان مضبوطي دٻاءُ جي مزاحمت ڪندي. هڪ وقت ايندو جڏهن دباءُ وڌي تہ رٻڙ بينڊ ٽُٽِي ويندو. اهڙي طرح زمين جي ٽائيڊل فورسز چنڊ جي پکيڙ (Stretch) ڪندي آهي. جيئن جيئن چنڊ زمين جي ويجهو ايندو، زمين جي ٽائيڊل فورسز جي سختي وڌندي ويندي. جڏهن چنڊ زمين کان 18,500 ڪلوميٽر جي فاصلي تي هوندو تہ ان ٽائيڊل فورسز جي سختي چنڊ جي مرڪز جي ڪشش ثقل کان وڌي ويندي ۽ چنڊ جا ٽُڪڙا ٽُڪڙا ٿي ويندا هي هڪ ليمٽ آهي جنهن ”روش ليمٽ“ (Roche Limit) چوندا آهن. جيڪڏهن چنڊ ان ليمٽ کان پار ڪندو تہ زمين جي ڪشش ثقل ان کي تباھ ڪري ڇڏيندي. چنڊ جا ٽُڪڙا زمين جي ويجھو هڪ اڱونٺي جي شڪل ماڻي ويندا، جهڙي طرح سيٽرن جا رِنگ آهن. هي ٽُڪڙا آهستي آهستي زمين تي ڪرندا رهندا ۽ سڀ ڪجھ تباھ ڪري ڇڏيندا. پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي ڇو تہ چنڊ حقيقتن زمين کان پري وڃي رهيو آهي، ان جي پري وڃڻ جي وجهن تي وري ڪڏهن ڳالھ ڪبي....!!!!
No comments:
Post a Comment