Saturday 21 March 2020

تارو ڇا آهي

تارو ڇا آھي What is a star

”رياض احمد بروهي“

تارو  جمع تارا(star) رات جو زميني مٿاڇري تي چمڪندڙن ٽٻڪن کي چيو ويندو آھي، اهوئي تارا ڌرتيءَ کان گھڻي وڏي مفاصلي، پنڌ تي آھن، سج ڌرتيءَ کي سڀ کان ويجھو تارو آھي. تارا هائيڊروجن (Hydrogen) ۽ هيليم (Helium) گيس جا ٺهيل هوندا آهن، انهن جي مرڪز وچ ۾ گرمي پد ڪجھ ڪروڙ ڊگري سينٽي گريڊ هوندو آهي،ايتري گرمي هجڻ جي ڪري هائيڊروجن جو فيوزن ري ايڪشن جوهري ردعمل ٿيندو آهي، يعني هائيڊروجن جا نيوڪليس پاڻ ۾ ضم ٿي هيليم جا نيوڪليس ٺاهيندا آهن، جنهن سان تمام گھڻي توانائي خارج ٿيندي آهي، اها توانائي ئي پوءِ روشنيءَ جي صورت ۾ تاري مان ٻاهر نڪرندي آهي. تارن جي سطح تي گرمي پد مرڪز جي ڀيٽ ۾ گھڻو گھٽ هوندو آهي ۽ اڪثر ڪري ڪجھ هزار ڊگري سينٽي گريڊ ئي هوندو آهي.

ڪائنات جي بگ بينگ سان شروعات ٿيڻ کانپوءِ ستت ئي تمام وڏي مقدار ۾ هائيڊروجن ۽ هيليم جا عنصر ٺهيا، جڏهن ڪائنات ڦهلجي وڏي ٿي ۽ نتيجي ۾ ٿڌي بہ ٿي تڏهن انهن عنصرن ڪشش ثقل جي زير اثر پهريان تارا (First Generation Stars) ٺاهيا، تارا جڏهن هائيڊروجن استعمال ڪري ڇڏيندا آهن تہ پوءِ وري هيليم فيوزن ڪري بيريليم (Beryllium) ۽ ڪاربان (Carbon) وغيره ٺاهيندا آهن. هيليم جي خاتمي کانپوءِ ڪاربان ۽ ٻيا عنصر جيڪي تارن ۾ ئي ٺهيا انهن کي فيوز ڪندا آهن ۽ آڪسيجن (Oxygen) ۽ ٻيا عنصر ٺاهيندا آهن. اهو چڪر ائين هلندو رهندو آهي ۽ لوھ (Iron) جي ٺهڻ تي ختم ٿيندو آهي. هن اسٽيج تي تاري جي مرڪز ۾ لوھ ۽ ٻاهرين تهن (Layers) ۾ مٿي بيان ڪيل عنصر هوندا آهن، ڇو تہ مٿين تهن ۾ گرمي پد گھٽ هجڻ ڪري فيوزن ري ايڪشن نہ ٿيندو آهي. لوھ تمام اسٽيبل (stable) هجڻ جي ڪري مرڪز ۾ بہ فيوز نہ ٿيندو آهي. نتيجي ۾ تارو ٿڌو ٿيندو آهي. ٿڌي ٿيڻ جي ڪري ڪشش ثقل غالب اچي ويندي آهي ۽ تارو تمام جلدي سڪڙجي ڪري تباھ ٿي ويندو آهي، ان عمل کي سپر نووا ڌماڪو (Supernova Explosion) چئبو آهي. سڪڙجندي تاري جي مرڪز ۾ گرمي پد يڪدم وڌي ويندو آهي ۽ تمام تيزي سان لوھ جي فيوزن بہ شروع ٿي ويندي آهي. لوھ جي فيوزن سان ئي وڏا عنصر جھڙوڪ چاندي، سون، جست، پارو وغيرھ ٺهندا آهن. هي عمل ايترو تيزي سان ٿيندو آهي جو ٻاهريان تھ گرمي پد جي شديد واڌ جي ڪري تيزي سان پري اڇلاجي ويندا آهن ۽ تارو پنهنجي عمر ۾ جيڪي عنصر ٺاهيا هوندا آهن اهي بہ خلاءِ ۾ پکڙجي ويندا آهن. تاري جا صفا اندريان تھ نيوٽران تاري (Neutron Star) يا بليڪ هول (Blackhole) ۾ تبديل ٿي ويندا آهن ۽ تارو گم ٿي ويندو آهي،
#Star

No comments:

Post a Comment