Friday 20 March 2020

ڇا وائرسن کان بچاءَ لاءِ سينيٽائزر ضروري آهي يا عام صابڻ؟

ڇا وائرسن کان بچاءَ لاءِ سينيٽائزر ضروري آهي يا عام صابڻ؟ 
”دريا خان“

 سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس بابت عوام ۾ بيچيني ۽ خوف واري صورتحال پيدا ٿيل آهي، سينيٽائزر جيڪو عام ملندو هو هاڻي اهو ڳولهيو نٿو لڀي، جي مليو بہ وڃي تہ هٿرادو ريٽن تي 
ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي ويلز يونيورسٽي سڊني ۾ ڪيميا ڪيمسٽري جي پروفيسر”پيلي ٿورڊارسن“ واضح ڪيو آهي تہ جيڪڏهن هٿن کي صاف صابڻ ۽ پاڻي سان سٺي نموني ڌويو وڃي تہ ٻين وائرسن سان گڏوگڏ ڪورونا وائرس بہ بلڪل ختم ٿيو وڃي 
ڪورونا وائرس سميت، ڪنھن بہ وائرس جو تمام جينياتي مواد هڪ سالماتي ڪوڏي ۾ بند هوندو آهي، جنھن ۾ چڪناهٽ لپڊ جي ٻئي چادر lipid bilayer ڪنھن حفاظتي چادر جو ڪم ڪندي آهي 
چڪناهٽ جي اها ٻئي تھ عام صابڻ جي اڳيان بہ گھڻي ڪمزور ٿي ويندي آهي
ڇوجو صابڻ جو هڪ ڪم چڪناهٽ، سڻڀ جو خاتمو ڪرڻ بہ هوندو آهي 
جڏهن اسان آلن هٿن سان سٺي نموني صابڻ هٿن کي هڻندا آهيون تہ ٻين چڪناهٽن سان گڏوگڏ وائرس جي حفاظتي تھ تہ بہ حملو ڪندا آهن ۽ ڪيميائي عمل ڪندي، سيڪنڊن ۾ ان تھ کي تباھ ڪري ڇڏيندا آهن 
وائرس ۾ موجود جينياتي مواد، جنھن کي اهو پنھنجي وبائي ڦهلائڻ دوران استعمال ڪندو آهي، ان قدر نازڪ هوندو آهي جو اهو حفاظتي تھ جي تباھ ٿيندي ئي وکرجي ويندو آهي، ائين وائرس مڪمل ختم ٿي ويندو آهي، ائين اوهانکي هينڊ سينيٽائزر هڻڻ جي ضرورت ناهي ۽ پريشان ٿيڻ جي بہ، ۽ نہ ئي ڪو مھانگو صابڻ وٺڻ جي،
عام صابڻ وائرس جي حفاظتي تھ تي حملو ڪري انکي تباھ ڪري ڇڏيندو آهي جنھن سان وائرس ٽٽي ڪري وکري ويندو آهي.

No comments:

Post a Comment