سج جي قطبين جو مشاهدو ڪرڻ جي لاءِ خلائي مشن روانو
”دريا خان“
يورپي خلائي ايجنسي ESA ۽ آمريڪي NASA سج جي قطبين جو مطالعو ڪرڻ جي لاءِ پنھنجو گڏيل خلائي مشن”سولر آربٽر“ روانو ڪري ڇڏيو خصوصي انتطامين سبب اهو 600 سو ڊگري سينٽي گريڊ جيترو شديد ۽ پگهلائندڙ پد بہ برداشت ڪري سگھندو 9 فروري 2020ع جو خلا ۾ ڇڏيل اهو مشن اڳيئن ٻن سالن ۾ سج جي گھڻو ويجھو پهچي ويندو ۽ پوءِ سج جي قطبين اتر ۽ ڏکڻ قطب جي مشاهدن جي شروعات ڪندو واضع رهي تہ اهو پھريون خلائي مشن آهي جنھن کي خاص ڪري سج جي قطبين جي ويجھو مشاهدو ڪرڻ جي لاءِ روانو ڪيو ويو آهي
سولر آربٽر جا اوزار خصوصي طور ان طرح ڊيزائن ڪيا ويا آهن جو هي گھڻو پد برداشت ڪري سگهن، پنھنجي سفر جي دوران هي سج کان 26 ملين ميل تقريبن 4 ڪروڙ 20 لک ڪلوميٽر جي گهٽ ۾ گھٽ فاصلي تي رهندو انجي قطبين جي ويجھو لڳاتار چڪر لڳائيندو رهندو
جسامت جي اعتبار سان هي هڪ ننڍي بس جيترو آهي جنھن ۾ شمسي ڦنڊڪن، پلازما تي مشتمل شمسي ڪرھ هوائي سج جي مقناطيسي ميدان ۽ ان طرح ٻين ڪيترن شين جي باري ۾ معلومات جمع ڪرڻ جي لاءِ ڏھ مختلف قسم جا اوزار لڳايا ويا آهن
شديد گرمي برداشت ڪرڻ جي لاءِ ان تي ٽيٽانيم جي وڏي چادر موجود آهي جنھن تي خاص طرح جا مادا” سولر بليڪ“ جي تھ چاڙهي وئي آهي جنھن سبب اهو 600 سو ڊگري سينٽي گريڊ جيترو شديد پد حرارت برداشت ڪري سگھندو
واضح رهي تہ سج جا قطب هر يارهن 11 سال ۾ ڦري ويندا آهن جنھن کانپوءِ شمسي سرگرمي جي هڪ نئي چڪر جي شروعات ٿيندي آهي شمسي چڪر جا اثرات اسانجي زمين تي بہ ٿيندا آهن ان لاءِ شمسي قطبين جي باري ۾ ڄاڻي ڪري اسان نہ صرف سج بلڪي پاڻ پنھنجي سياري زمين جي ٻين ڪيترن رازن کان بہ پڙدو کڻي سگهنداسين
No comments:
Post a Comment