ڇا ويل وقت واپس ناهي ايندو
”دريا خان“
وقت هڪ وهندڙ شاخ جي مثل آهي، اسان پنھنجي وڏرن کان ٻڌندا آهيون تہ”ويل وقت واپس ايندو“ تہ ڇا واقعي هڪ ڀيرو گذرڻ کانپوءِ وقت موٽي ناهي ايندو.! ڇا اسان وقت جي ان سمنڊ ۾ هڪ مخصوص رفتار سان مستقبل ڏا ئي وڌي سگھون ٿا.! يا وري اهو هڪ ڪمري جيان آهي جنھن جو در ماضي ۽ مستقبل ٻنهي ۾ کلندا آهن.! ستين صدي عيسوي کان اڳ انسان کي وقت جي اهميت تہ ڇا وقت بابت بہ ڪجھ نہ ڄاڻيندو هو، پوءِ ستين صدي جي ويجھو انسان”اس واري گهڙي“ ٺاهي ۽ وقت جي ماپ پيمائش جي شروعات ڪئي، آهستي آهستي گھڙين ۾ نواڻ ايندي وئي، مشھور فرانسيسي سائنسدان نيوٽن جو چوڻ هو تہ”پوري ڪائنات جو هڪ ئي وقت آهي، ان لاءِ اوهان ڪيڏانهن بہ هليا وڃو، وقت ۾ فرق نہ پوندو“ پر ويھن صدي ۾ هڪ ٻيو سائنسدان آئنسٽائن آيو ۽ ان”نظريو اضافيت“ ڏنو، 1915ع ۾ آئنسٽائن جو نظريو اضافيت پڌرو ٿيو، جنھن موجب” پوري ڪائنات جو وقت هڪ ئي ناهي بلڪ ڪجھ عملن جي وجھ سان وقت روڪجي بہ ويندو آهي، دنيا کي اها ڳالھ غير حقيقي لڳي ڇوجو دنيا جي نظر ۾ تہ وقت اهڙي شيءِ هئي جيڪا هڪ ڀيرو نڪريو وڃي تہ واپس ناهي ايندو. ايئن هڪ مخصوص طبقي آئنسٽائين جي مخالف ڪرڻ شروع ڪري ڏني، اهوئي مخالفتون سائنسدانن کي هر زماني ۾ ڏسڻيون پيون آهن ڇو جو سائنس تجربي جي بنياد تي هٿ ٺوڪين نظرين کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي، آئنسٽائين جو چوڻ هو تہ وقت تي جيڪي عمل اثرانداز ٿيندا آهن ان ۾ رفتار ۽ ڪشش ثقل شامل آهي نظري اضافيت موجب جيڪر ڪنھن گاڏي جي رفتار، روشني جي رفتار، جيڪا ٽي لک ڪلوميٽر في سيڪنڊ آهي جي مساوي ٿي وڃي تہ ڏسڻ واري جي لاءِ، جيڪو ان گاڏي ۾ ناهي ويٺل. ان گاڏي ۾ ويٺل ماڻهون جو وقت روڪجي ويندو، يعني انھن ماڻھن جون گهڙيون روڪجي وينديون ۽ اهوئي ماڻهون دير سان پوڙها ٿيندا، هتي هڪ ڳالھ غور ڪرڻ لائق آهي تہ گهڙيون روڪجڻ مان مراد صرف وقت ناپڻ واريون نہ آهن بلڪي حياتياتي ۽ ڪيميائي گهڙيون بہ آهن، گھڻو ڪري گاڏي ۾ ويٺل ماڻھن کي محسوس ناهي ٿيندو تہ انجو وقت روڪجي ويو آهي بلڪ گاڏي مان ٻاهر واري ماڻهون کي ائين محسوس ٿيندو آهي، گھڙين جي رفتار گھٽ ٿيڻ جي اصل وجھ ڪوانٽم فزڪس جي مدد سان بيان ڪري سگھجي ٿي، جنھن جو ذڪر هن موضوع کان هٽي ڪري آهي، وقت جي روڪجڻ جي مثال ڪجھ هن طرح آهي تہ جيڪڏهن اوهان زمين تي آھيو ۽ اوهانجو ٻيو جاڙو ڀاءُ کي هڪ اهڙي خلائي گاڏي ۾ جيڪا اندازن روشني جي رفتار سان سفر ڪري، ويهاري ڪري روانو ڪجي تہ اوهان جي ويجهو اوهانجي ڀاءُ جي گهڙي جو وقت روڪجي ويل هوندو ۽ اوهان کي ايئن محسوس ٿيندو جو اوهانجي جي عمر وڌي رهي آهي، ۽ اوهان جو ڀاءُ اوترو ئي آهي، اوهان سمجھي رهيا هوندا تہ اوهان جي ڀاءُ جي هٿ واري گهڙي بہ روڪجي ويندي، پر ائين نہ آهي بلڪ اوهانجي جي ڀاءُ جي لاءِ وقت اڳ جيان ئي هلي رهيو هوندو پر جڏهن اهو واپس زمين تي ايندو تہ تڏهن انکي احساس ٿيندو تہ انجو وقت روڪجي ويو هو.
ان سان هڪٻئي ڳالھ سامھون ايندي آهي تہ 25 سالن کانپوءِ اوهانجو ڀاءُ واپس ايندو تہ اندازن روشني جي رفتار سان هلڻ جي وجھ سان انجي عمر پنجويھ سال کانپوءِ بہ پنجويھ ئي هوندي جڏهن تہ اوهانجي ڀاءُ جي عمر پنجاھ تائين پھچي ويندي، انھي طرح اوهان ٻنھي جاڙن ڀائرن جي عمرن ۾ پنجويھ سال جو فرق اچي چڪو هوندو، اوهانجو ڀاءُ مستقبل ۾ پنجويھ سال گذاري ڪري بہ پوڙهو نہ ٿيو، يعني نظري اضافيت موجب اسان مستقبل ۾ سفر ڪري سگھون ٿا. اڄ اسان ڄاڻون ٿا تہ دنيا جي سڀ کان تيز ترين گاڏي جي رفتار بہ روشني جي رفتار جو ڏھ سيڪڙو بہ ناهي ڇوجو ان ڀاڱي تيز رفتاري پيدا ڪرڻ جي لاءِ اسانکي گھڻي قوت گهربل هوندي جيڪا فلحال اسان وٽ ناهي. ٻئي شيءِ جيڪا وقت تي اثر وجهندي آهي اها ”ڪشش ثقل“ آهي، جيڪڏهن ڪنھن شيءِ تي لڳندڙ ڪشش ثقل کي تقريبن زيرو ڪيو وڃي تہ ان شيءِ جو وقت روڪجي ويندو، ان ڳالھ جي تصديق زمين کان چار سو ڪلوميٽر جي پنڌ تي مٿي ڦيرا ڏيندڙ عالمي اسپيس خلائي اسٽيشن ۾ خلابازن ڪئي آهي، ڇالا جو ان تي زمين جي ڪشش ثقل گھٽ لڳندي آهي، ۽ رفتار بہ وڌيڪ آهي، اهو ڏيڍ ڪلاڪ ۾ زمين جو هڪ چڪر پورو ڪندو آهي، تہ نظري اضافيت جي حساب سان ان اسٽيشن ۾ رهڻ وارن خلابازن جو وقت زمين جي نسبت”هڪ ملي سيڪنڊ“ هلڪو ٿي ويندو آهي، يعني اهو خلاباز مستقبل جو هڪ ملي سيڪنڊ گذاري ڪري واپس زمين تي ايندو آهي، ڀلي اهو وقت گھڻو گهٽ آهي پر مستقبل ۾ سفر ڪرڻ ممڪن آهي، مستقبل ۾ وڃڻ ناممڪن ناهي، اها ڳالھ تہ اسانکي خبر پئجي وئي پر ڇا ان طرح اسان ماضي ۾ وڃي ڪري پنھنجي ابن ڏاڏن سان ملڻ جي خواهش کي پورو ڪري سگهون ٿا.! انجو جواب ڪنھن فارمولي سان ثابت ناهي ڪيو ويو پر سائنسدانن هڪ نظريو پيش ڪيو آهي جنھن موجب زمان ۽ مڪان جي چادر جيڪا آئنسٽائين جي نظري اضافيت مان ثابت آهي، تي اسان مستقبل جي طرف سفر ڪري رهيا آهيو. ماضي ۾ اسان ان چادر تي جنھن مقام تي هئاسين اڄ اتي ناهيون ۽ ان مقام تائين واپس وڃڻ يعني ماضي ۾ وڃڻ جي لاءِ اسانکي ان چادر ۾ اربين سال جو سفر ڪرڻو پوندو، ان سفر جي لاءِ اسانکي روشني جي رفتار کان بہ تيز خلائي گاڏي بناڻي پوندي ڇو جو روشني جي رفتار سان سفر ڪرڻ واري گاڏي هڪ سال کانپوءِ بہ هڪ نوري سال جو فاصلو ئي طئي ڪندي جيڪو ڪائنات جي وسعت جي سامھون گھڻو ٿورو فاصلو آهي. جنھن ريت اسان روزاني جي زندگي ۾ هڪ علائقي کان ٻئي علائقي تائين وڃڻ جي لاءِ گھڻو ڪري شارٽ ڪٽ رستو وٺي ڪري پنهنجي منزل تائين پهچندا آهيون، ان طرح جو ئي جيڪڏهن اسان زمان ۽ مڪان جي چادر ۾ ڪيو وڃي تہ سائنسدانن جو خيال آهي تہ اسان گهٽ قوت لڳائي ڪري بہ ارب نوري سالن جو سفر طئي ڪري سگھون ٿا ۽ ماضي ۾ وڃي ڪري پنھنجي ابن ڏاڏن سان ملاقات ڪري سگھون ٿا، هن تصوير ۾ ڏسي سگهجي ٿو تہ خلا ۽ وقت جي ان چادر ۾ ٻن زمانن جي وچ ۾ هڪ شارٽ ڪٽ بڻايو وڃي تہ ان طرح ماضي ۾ وڃي سگھجي ٿو، ڇوجو اهو رستو ڪنھن”ٻل“ جيان لڳي رهيو آهي انڪري سائنسدانن انکي ورم هول جو نالو ڏنو آهي، واضح رهي تہ ورم هول جو بليڪ هول سان ڪو واسطو ناهي، بلڪي انکي انجي شڪل جي وجھ سان اهو نالو ڏنو ويو آهي، ورم هول اڃان تائين خالي هڪ خيال ئي آهي پر سائنسدانن جي ان تي تحقيق جاري آهي، انهي ورم هول جي تصوير تي مشھور ڪارٽون سيريز” ڊوريمون“ بڻائي وئي آهي، جنهن کي گهرن ۾ ٻار وڏي شوق سان ڏسندا آهن، ان ۾ هر دفعي ڊوريمون پنھنجي دوست نوبيتا جي لاءِ”ٽائيم مشين اوزار“ ڪڍندو آهي، جيڪو هڪ دروازي جيان هوندو آهي، ان ۾ وڃڻ کانپوءِ ماضي يا مستقبل ۾ پهچي سگھجي ٿو، ورم هول بہ زمان ۽ مڪان جي چادر ۾ ماضي جي طرف هڪ دروازو ئي آهي، ائين انسان ڪوششن ۾ مصروف آهي ۽ چاهي ٿو تہ ڪنھن طرح ڪائنات ۽ وقت جي انھن رڪاوٽن کان اڳتي نڪري وڃي ۽ اميد آهي تہ ائين ئي ڪوشش جاري رهي تہ هڪ ڏينهن انسان پنھنجي منزل تي پهچي ويندو.
No comments:
Post a Comment