Thursday 9 January 2020

تيزابي مينھن

تيزابي مينھن

ايسڊ رين تيزابي مينھن اهڙو مينھن آهي جيڪو ڪڪرن مان تہ عام پاڻي جيان ئي وسندو آهي پر ماحول ۾ جڏهن اهو مينھن جو پاڻي پهچندو آهي تہ اسانجي هوا ۾ موجود سڀ تيزابي ۽ ڪيميائي عنصرن سان جوڙجڪ ڪري تيزابي مينهن جي صورت وٺي ڇڏيندو آهي جڏهن اهو تيزابي مينهن جو پاڻي زمين هيٺ پهچندو آهي تہ اهو نہ خالي هر جاندار جيوت لاءِ خطرو بڻبو آهي بلڪ ٻين سڀني شين تي بہ پنھنجو اثر ڇڏي ويندو آهي ان تيزابي مينھن جو اثر ننڍن جاندارن جيتن ۽ ٻوٽن تي گھڻو ٿئي ٿو
تيزابي مينھن ٺهڻ جا ڪارڻ اسانجي ويجھو چوويھ ڪلاڪ گاڏين جو دهون، فيڪٽرين ۽ ملن جي هلڻ سان ماحولياتي آلودگي ڦھلجڻ سبب گرين هائوس گيسون ۽ سڀ اهڙا ڪيميڪل جيڪي هر وقت ماحول کي آلودو ڪري رهيا آهن، اهڙن ڪيميڪلن اسانجي وايو منڊل ۾ ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ، سلفر ڊائي آڪسائيڊ ۽ نائٽروجن آڪسائيڊز ڇڏين پيا، ۽ اهوئي اي سڀ گيسون مينھن جي پاڻي سان ميلاپ ڪري سلفيورڪ ايسڊ، نائٽريس ايسڊ ۽ ڪاربونڪ ايسڊ جهڙا خطرناڪ تيزاب پيدا ڪندا آهن جيڪي سڌو سنئون اسانکي واپس تحفي طور ملندا آهن، تيزابي مينھن ۾ وجھڻ سان چمڙي جون بيماريون ۽ ساھ جا عارضا پيدا ٿين ٿا، تيزابي مينھن زمين جو پي ايڇ ليول بدلين ٿيون جنھن ڪارڻ زرخيز زمينون بنجر بڻجي وينديون آهن، تيزابي مينهن وارو پاڻي ڪنھن مڇي واري ننڍي تلاھ ۾ جيڪڏھن وڃي تہ انجي تيزابيت ۽ پي ايڇ بدلجڻ سان مڇيون مري سگھن ٿيون ان کانسواءِ ان تيزابي مينھن جو اثر جاندارن کان سواءِ بي جان شين تي بہ پنھنجو اثر وجھي ٿو.

#Acid #Rain #ScienceJeDunya

No comments:

Post a Comment