Tuesday 7 January 2020

جيڪڏهن اڄ ڊائنوسارز زندھ هجن ها تہ ڇا ٿي ها

جيڪڏهن اڄ ڊائنوسارز زندھ هجن ها تہ ڇا ٿي ها
”دريا خان“

هڪ اصلي ٽيريڪس کي ڏسڻ جو خيال ڪيئن رهندو؟ جيڪڏهن اهو خطرناڪ ايسٽرائڊ Asteriod پٿر ڌرتي ساڻ نہ ٽڪرائجي ها تہ، تہ پوءِ ڇا ڊائنوسارز اڄ زندھ هجن ها، ڇا اهوئي اڃان واڌويجھ ڪري سگھن ها، ۽ ڇا انسان ايترو زندھ رهي سگھي ها، ۽ ڇا اسان ڪڏهن بہ گڏ رهڻ سکي وٺون ها، هتي اسان اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين تہ، ڇا ٿي ها جيڪڏهن ڊائنوسارز ڪڏهن ختم ئي نہ ٿين ها، 66 ملين سال اڳ تائين هر قد بت جا ڊائنوسارز ڌرتي تي گھمندا هيا، اهوئي سمجھدار ۽ سولائي سان ماحول موجب رهي وڃڻ وارا ۽ انھن مان تہ ڪي وري وڏي هوائي جھاز جيترو وزن رکندڙ جانور پڻ هئا. يقين ڪرڻ مشڪل آهي تہ ان ڇپ سندن کي ختم ڪري ڇڏيو، پر اها ڪا سادي ڇپ نہ پر ايسٽرائڊ Asteriod جنھن ڊائنوسارز کي ختم ڪيو 9 ميل وڏي ڌرتي تي موجود 10 هيروشيما بمن جي طاقت سان ٽڪرائيو هو، ان ريڊيو ايڪٽو شوڪس هر پاسي هزارين ملين تائين سڀ ڪجھ غائب ڪري ڇڏيو، گھڻين وڏين طوفاني لھرن ڌرتي تي موجود سڀني قسمن جي اسپيشيز جنسن جو 75 سيڪڙو ختم ڪري ڇڏيو. پر جيڪڏھن اهو پٿر اڳ ۾ يا پوءِ يا وري ڪجھ ميل پري ٽڪرائجي ها تہ، اڄ اسان هڪ الڳ دنيا ۾ رهي رهيا هجون ها، اها چادر جنھن ڊائنوسارز کي ماري وڌو، ميڪسيڪو يوڪٽان پينسلا جي گھٽ پاڻي ۾ ڦاسي پئي هئي، جيڪڏهن اها ڇپ ڪناري کان ٿورو پري سمنڊ جي گهري حصي ۾ ڪري ها تہ، پاڻي انجو ڌماڪو گھٽ ڪري ڇڏي ها. پر جيڪڏهن اهو ايسٽرائڊ Asteriod پٿر ڌرتي سان نہ ٽڪرائجي ها تہ، تہ بہ ڊائنوسارز کي زندھ رهڻ لاءِ گلوبل تبديلين کي منھن ڏيڻو پئجي ها. 55 ملين سال اڳ پد وڌيو هيو، تڏهن جو موسم اڄ کان 8 ڊگري سيلس گھڻو هو، ساوڪ وارا وڻ گھٽ ٿيڻ لڳا ۽ زميني ساوڪ گاھ وڌڻ لڳو. ننڍا جانور تہ ان حساب سان جوڙي وڃن ها پر اهوئي ٿورا الڳ ڏسڻ ۾ اچن ها، ان وقت جا وڻ ۽ ٻوٽا گھٽ پروٽين ۽ پچي وڃڻ ۾ سولا هئا، مطلب ڊائنوسار قد بت ۾ ننڍا ٿي وڃن ها، ڇوجو سندن جي نئي خوراڪ گھڻي طاقت ور نہ هجي ها، ايئن انجي 20 ملين سال کانپوءِ ڏکڻ آمريڪا ۽ انٽارڪٽيڪا الڳ ٿي ويا. جنھن سان ڌرتي جو ماحول ٿڌو ۽ خشڪ ٿي ويو، ان وقت وڏي پيرن ۽ جلدي تڪڙيون هلندڙ قسمون ارتقائي تبديلين مان گذرن ها جيڪي دنيا ۾ پکيڙيل ساوڪ ۾ گھمي پئي سگھيا، ان وقت کير پياڪ مماليا جانورن وٽ ڪيترائي اي فائدا هجن ها، وڏا ڏند سٺي نظر ۽ ائين چئجي تہ ڊائنوسارز طاقتور هجن ها، ماهر سوچين ٿا جيڪڏهن اهوئي ختم نہ ٿين ها تہ، ڇا ٻيا مماليا جانور رهي سگھن ها.! اڄ اسان جن وڏن جانورن کي سڃاڻون ٿا ممڪن آهي، اهوئي ڊائنوسارز جو شڪار ٿين ها، پر ياد رکيو انسان گھڻن وڏن جانور جيڪي ماضي جي وڏن هاٿين ۽ تيز ڏندن وارن ٻلين سان رهي چڪا آهن. جيتوڻيڪ اهوئي قسمون 2.6 ملين سال اڳ واري ماحول ۾ جيوت نہ رهي سگھيون، پر ڊائنوسارن جون ارتقائي قسمن کي ڏسندي ممڪن آهي، انھن ڪوشش ڪئي هوندي پر اسانجو؟ ڇا اسان گھڻي ٿڌ جيڪا رت ڄمائيندڙ هجي اهڙن وڏن جانورن کان بچي سگھون ها، چوندا آهن ڀڄڻ سان جسم گرم رهندو آهي پر ائين ڪرڻ سان ڇايد اوهان انھن جانورن جو پسند وارو کاڌو بڻجو ها، اهڙي طرح اسان جراسڪ پارڪ ۾ ٽيريڪس T rex کي ڏسي سگھون ها. انساني وڌندڙ آبادي ڊائنوسارن جو هاڻي جيان کلن، ڏندن جي لالچ عيوض شڪار ڪري سندن کي ختم ڪري ڇڏين ها، انھي طرح اهوئي اڄ اڄوڪن جانورن جيان اڻلڀ جنسن منجھان هڪ ٿي وڃن ها، پر جيڪي ارتقائي تبديلن سبب ننڍا ٿي ويا آهن اهوئي اڄ بہ اسان جي ماحول ۾ رهن ٿا، اوهان کي ڇا ٿو لڳي ڪبوتر ڪٿان آيا، ۽ پکي ڪڏهن اڄ جي هيلي ڪاپٽر جيترا بہ هيا، انھي ريت اسان چئي سگهون ٿا، تہ يا ڊائنوسارز جو اسان کاڌو بڻجون ها، يا اهوئي اسان جو.

No comments:

Post a Comment