Wednesday, 2 October 2019

ٽرانسپيرنٽ اسڪرين يا ٽرانسپيرنٽ ڊيسپلي

ٽرانسپيرنٽ اسڪرين يا ٽرانسپيرنٽ ڊيسپلي
:- دريا خان

ٽرانسپيرنٽ ڊيسپلي کي ڪجھ ماڻھون هولوگرام ٽيڪنالوجي يا هولو گرافي ئي سمجھندا آهن پر جڏهن تہ اهوئي ٻہ الڳ الڳ ٽيڪنالاجيز آهن جيئن آئرن مين فلم جي مثال وٺجي اتي ٽوني اسٽارڪ انھن ٻنھي ٽيڪنالوجيز جو استعمال ڪندي نظر ايندو آهي جڏهن اهو ڪمري ۾ هوندو آهي تہ هولو گرام جو استعمال ڪندي نظر ايندو آهي ۽ جڏهن اهو فضاء ۾ پنھنجي سوٽ سان گڏ آڏامندو آهي تہ جيڪا ان هيلميٽ ۾ انکي معلومات اسڪرين تي ڏيکاري ويندي آهي اها هولو گرافي ناهي هوندي بلڪ ٽرانسپيرنٽ ڊيسپلي هوندو آهي جيڪو انجي هيلمٽ ۾ لڳل گلاس سان جوڙيل هوندو آهي 

ٽرانسپيرنٽ ڊيسپلي جو ڪم 
هي ڪا نئي شيء ناهي بلڪ سام سنگ ڪمپني ۽ ٻيون گھڻي عرصي کان پنھنجي ٽرانسپيرنٽ ڊيسپلي کي مارڪيٽ ۾ ڏيکاري رهيا آهن ڪجھ وقت اڳ سام سنگ ڪمپني ايل اي ڊي اسڪرين ۽ هڪ ٽرانسپيرنٽ ونڊو يا آر پار ڏسڻ واري واچ لانچ ڪئي هئي جيئن اوهان واچ ۾ شيشي جي جڳھ تہ استعمال ڪري پئي سگھيا پر گڏوگڏ اوهان ان تي ٻيون معلوماتون بہ ڏسي سگھيا ٿي جيئن تاريخ ٽائيم ۽ موسمي صورتحال جي انفارميشن وغيرھ تہ هاڻي جيڪڏهن اوهان اهو سوچي رهيا آهيو تہ هي ڪم ڪيئن ڪندي آهي تہ هي ڪا وڏي ٽيڪنالوجي ناهي بلڪ اسانجي گھرن ۾ پاتي ويندڙ ايل اِي ڊي اسڪرين بنيادي طور تي ٽرانسپيرنٽ هي آهي انجي لاءِ اسانجي گھربل هوندو آهي اليڪٽرونڪ ڪويسٽ ان سان گڏ لڳل پڪسلز ۽ ان سان گڏ انجي اندر لڳل هوندو آهي ڪلر فلٽر ۽ بنيادي طور تي جيڪو بيڪ واپسي واري لائيٽ آهي جيڪڏهن اوهان انکي ڪڍي ڇڏيو ۽ مثال جي طور تي ايل اِي ڊي پينل ڌري ۾ لڳائي ڇڏيو ٿا تہ جيڪا روشني ان بيڪ لائٽ مان گھربل هوندي اها انکي ملي ويندي ٻاهر جنھن سان اوهان نہ صرف ان پينل جي آر پار ڏسي سگهو ٿا بلڪ اوهان کي اسڪرين تي بہ سڀ ڪجھ نظر ايندو جيڪو اوهان ڏسڻ چاهيو ٿا پر رات جي ٽائيم بيڪ لائٽ جي لاءِ ڇا ڪندو.! ڇوجو رات جو تہ پويان کان روشني ناهي ملڻ واري ان جي لاءِ او ليڊ ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪيو ويو آهي 
هاڻي او ليڊ ٽيڪنالوجي ۾ ٿيندو ڪجھ ائين آهي جو ان ۾ جيڪي پڪسلز استعمال ڪيل هوندا آهن اهو پاڻ ئي روشن ٿي ويندا آهن ۽ پاڻ ئي بند ٿي ويندا آهن جڏهن انکي بند ڪيو ويندو آهي پر ان سان مسئلو اهو آهي جو اتي ٽرانسپيرنسي گھڻي گھٽ ٿي ويندي آهي ۽ او ليڊ کان جيڪا اڄ تائين ٽرانسپيرنسي ورتي وئي آهي انجو معيار تقريبن ستر سيڪڙو جي ويجھو آهي، انکان پوءِ او ليڊ ٽيڪنالوجي جي فائدن جي ڳالھ ڪئي وڃي تہ فليڪسيبل هوندي آهي ۽ ائين اوهان پرنٽ بہ ڪري سگهو ٿا انکان سواءِ مختلف هنڌن تي آساني سان استعمال ۾ وٺي سگهو ٿا مثال طور گاڏي جو شيشو هجي يا وري گھر جي ڌري انکان سواءِ وڏن وڏن شاپنگ مالز ۾ انجو استعمال گھربل شيء جي خصوصيتون ڏيکارڻ لاءِ بہ ڪري سگھجي ٿو  
هاڻي ڳالھ رهي ٽرانسپيرنٽ موبائل فونن جي تہ اهو بہ ممڪن آهي پر فلحال انھي ۾ ٽرانسپيرنٽ موبائل سان مسئلو هي آهي جو ان اندر بيٽري ۽ ٻيون ڪمپوننٽ ڪٿي لڳايون وڃن ۽ گڏوگڏ ٽرانسپيرنسي ليول ستر سيڪڙو تائين ورتو ويو آهي جنھن تي ڪم جاري آهي ايندڙ وقت ۾ اسانجي ٽرانسپيرنٽ گلاسز جون ڀتون نظر ايندو

#Transparent_screen Page #ScienceJeDunya Group #ScienceJeDuniya

No comments:

Post a Comment