Wednesday, 2 October 2019

متحدھ عرب امارات پاران اماڻيل خلا باز انٽرنيشنل خلائي اسٽيشن تي پھچي ويو

متحدھ عرب امارات پاران اماڻيل خلا باز انٽرنيشنل خلائي اسٽيشن تي پھچي ويو
دريا خان: 
متحدھ عرب امارات جو خلا باز هزاع المنصوري انٽرنيشنل خلائي اسٽيشن تي پهچڻ وارو عرب دنيا جو پھريون ماڻھو بڻجي ويو
انکان اڳ سعودي عرب ۽ شام جا خلا باز زمين جي مداري تائين پهتا هئا پر ڪنھن عرب ملڪ سان واسطو رکندڙ ڪو بہ خلا باز انٽرنيشنل خلائي اسٽيشن تائين نہ ويو هئو 
ياد رهي تہ متحدھ عرب امارات جي خلاباز هزاع المنصوري هن اڱاري تي روسي اسپيس ڪرافٽ وسيلي قازقستان مان خلا جي لاءِ روانو ٿيو ۽ ڇھ ڪلاڪ جي سفر کانپوءِ وڃي انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن تي ساٿين سان گڏ پھتو 
پنجٽيهه سال جي المنصوري سان گڏ روسي خلا باز اوليگ اسڪرپچڪوا ۽ آمريڪي خلائي اداري ناسا جي عورت خلا باز جيسيڪا مير بہ گڏ هئا 
دبئي جي محمد بن راشد اسپيس سينٽر ۾ ماڻھن جي وڏي ميڙ ان مشن کي ڏسڻ لاءِ گڏ پڻ ٿيا 

ان موقع تي دبئي ۾ موجود دنيا جي وڏي ماڙ برج الخليفا تي بہ روشني وسيلي المنصوري جي تصوير ٺاهي وئي
المنصوري انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن تي اٺ ڏينھن رهندو
جنھن کانپوءِ ناسا جي نڪ هيگ ۽ روسي خلا نورد ڪوسمونوٽ اليگزي سان گڏ واپس زمين تي پهچندا
ناسا پاران ٽنھي خلا بازن جي وڊيو جاري ڪئي وئي
جنھن ۾ ڏسي سگهجي ٿو خلا باز انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن تي پهچڻ تي خوشي جو اظھار ڪندي هڪٻئي کي ڀاڪر پائي رهيا آهن
انکان اڳ زمين جي مداري ۾ وڃڻ وارو پهريون خلا باز سعودي عرب جو سلطان بن سلمان السعود هئو جيڪو 1985ع ۾ آمريڪي شٽل وسيلي زمين جي مدار ۾ ويو هئو.

وڊيو هن لنڪ تان...
NASA: https://t.co/YqjHuhFtPX pic.twitter.com/VBm3g8LRlL

Group #ScienceJeDuniya Page #ScienceJeDunya

No comments:

Post a Comment