Wednesday 2 October 2019

ڪاري مادي کان بہ ڪارو مادو تيار

ڪاري مادي کان بہ ڪارو مادو تيار 
دريا خان:
ميري لينڊ آمريڪا ميسا چيوسٽس انسٽي ٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي ايم آئي ٽي جي ڪيميڪل انجنيئرن پاران هاڻي تائين جو ڪارو مادو تيار ڪري ورتو جيڪو (وينٽابليڪ) نالي ريڪارڊ هولڊر مادي کان بہ گھڻو ڪارو آهي 

جيئن تہ ڪا بہ شي اسان کي انڪري ڪاري ڏيکاربي آهي ڇوجو اها پاڻ تي پوندڙ مختلف روشنيون جذب ڪري وٺندي آهي يعني جيڪا شي جيتري گهڻي روشني جذب ڪندي اها اوتري گهڻي ڪاري ڏيکاربي ماضي ۾ سڀ کان وڌيڪ روشني جذب ڪندڙ جو ريڪارڊ (وينٽابليڪ) نالي مادي وٽ آهي جنھن پنھنجي مٿان پوندڙ روشني جو نوانوي پوائنٽ ڇهانوي سيڪڙو حصو جذب ڪري ورتو هئو ان کي برطانوي اداري نينو سسٽمز ڪاربن ايٽمون تي مشتمل نينو ميٽر جسامت واري نليڪن ڪاربن نينو ٽيوبر کي هڪ ڄار جي شڪل ۾ ترتيب ڏئي ڪري تيار ڪيو ويو هيو 
ايم آئي ٽي جي ڪيميڪل انجنيئرن پاران تيار ڪيل هي مادو ڪاري مادي کان بہ وڌيڪ ڪارو مادو آهي ڇوجو اهو پاڻ تي پوندڙ روشني جو نوانوي پوائنٽ نو سو پنجانوي سيڪڙو حصو جذب ڪري وٺندو آهي ان کي بہ ڪاربن نينو ٽيوبز جي مدد سان تيار ڪيو ويو آهي پر ان ۾ ان نلڪين جي ترتيب ڪنھن ڄار جيان ناهي بلڪ سڌا بيٺل خوربيني سٽون جيان آهي جيڪي پاسو بہ پاسو پاڻ ۾ جوڙيا ويا آهن 
حيرت ۾ وجهندڙ ڳالھ اها آهي تہ ماهرن جي جنھن ٽيم هي ڪارو ترين مادو تيار ڪيو آهي اها صرف مختلف دھاتي سطحن تي ڪاربن نينو ٽيوبز کي ڪارگر انداز ۾ گڏ ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل هئي انهي دوارن سندن کي اندازو ٿيو تہ هڪ خاص طرح جي المونيم چادر تي جڏهن ان ڪاربن نينو ٽيوبز کي سڌو بيهاري ڪري ترتيب ڏنو ويو تہ ان طرح ٺهندڙ مادي جي ڪارائڻ وڌڻ لڳي
ڪجھ وڌيڪ تجربن کانپوءِ اهو هڪ اهڙو مادو ٺاھڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جيڪو روشني جو نوانوي پوائنٽ نو سو پنجانوي سيڪڙو حصو جذب ڪري وٺندو آهي فلحال انکي ڪو اهڙو نالو ناهي ڏنو ويو جيڪو ريسرچ جرنل اي سي ايس اپلائيڊ مٽيريلز اينڊ انٽرفيسز پڌرو ٿيو آهي
اهو شروعاتي مرحلو آهي سٺي ڪارڪردگي جي سولر پينلز جي تياري ۾ هي يا ان طرح جا گھڻا ڪارا الٽرا بليڪ مادن مان گھڻي اميد رکي سگهجي ٿي

No comments:

Post a Comment