Friday 15 February 2019

اڪسيجن جي تمام گھٽ گهاٽائپ ۾ رھندڙ مڇيون ـ

اڪسيجن جي تمام گھٽ گهاٽائپ ۾ رھندڙ مڇيون ـ 
https://www.facebook.com/groups/ScienceJeDuniya/permalink/2275902502691828/
تحقيق : بيري گالو  ۽ ساٿي
ترجمو: پروفيسر بشير احمد سومرو 
بيري گالو ۽ اٺ ٻين تحقيق ڪندڙ پنهنجي پي ايڇ ڊي جي تحقيقي ڪم جي دوران گلف آف ڪيليفورنيا جي گهري سمنڊ جي تري ۾ ڪيترن ئي ھنڌن جتي تمام گهٽ آڪسيجن وارا جاندار  رهن ٿا اوڏانهن رموٽ ڪنٽرول واري روبوٽ کي موڪلي ٽٻيون ھڻائي ڪري اتي رھندڙ جانورن کي فوڪس ڪيو آهي ـ 
بيري گالو  ۽ سندس ساٿين پنهنجي پي ايڇ ڊي جي ريسرچ ورڪ جي لاء گلف آف ڪيليفورنيا انهن ھنڌن تي روبوٽ موڪليو جتي سمنڊ جي تري ۾ تمام  گهٽ آڪسيجن واري ماحول ۾ رھندڙ جانور موجود ھياـ بيري گالو روبوٽ کي گهري سمنڊ جي تري ۾ ٽٻيون ھڻائي فلم ڀرائي ته جيئن خبر پئي ته ڪھڙي قسم جا جانور موجود آهن ـ
جڏهن روبوٽ جي ورتل فلم بيري گالو  سندس ساٿين ڏٺي ته انهن جي حيرت جي حد ته اتي ڪسڪ ايل (گوج جھڙي مڇي ۽ گرينڊيئيرس ۽ لولي پاپ شارڪ مليون  جنهن ته گالو چيو ته مونکي پنهنجي اکين تي مشڪل سان يقين اچي سگهيو ته اھي جاندار چستيء سان تري سگهن ٿا جتي آڪسيجن جي گهاٽائي تمام گهٽ آهي ـ اسان نيم زھريلي ھنڌ ۾ ھياسين جتي مڇين کي نه ھجڻ  گهرجي پر اتي ته سوين مڇيون موجود ھيون ۔ ھي ته اسان جي لاء ھڪ حيرت انگيز چيلينج  ھئي ته آڪسيجن جي تمام گهٽ گھاٽائپ ۾ مڇين جو زنده رھڻ واري طريقو ڪھڙو آهي ـ
تحقيق  ڪندڙن کي اڃان تائين خبر نه پئجي سگهي آهي ته اھي مڇيون ايتري گھٽ آڪسيجن واري ماحول ۾ زنده ڪيئن ٿيون رهن ـ ڪسڪ ايل ۽ ڪيٽ شارڪ جا وڏا مٿا ۽ لرزشي ڪليون شايد گهڻي آڪسيجن  حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪنديون ھونديون  پر ٽيھ سينٽي ميٽر ھڪ ننڍڙي مڇيء جو نرم ھڏا ۽ سنھو شايد انهن کي ماحول مان توانائي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪندو ھجي ـ
ھنن مڇين اھڙي ماحول کي ڇو اپنايو  آهي اھو ھڪ ڳجهه آهي ـ گالو  پنهنجي ھڪ راء ڏيندي چيو ته اھو شايد کاڌي جي تلاش جي ڪري آهي يا وري شڪار ٿيڻ کان بچڻ جي ھڪ بھترين  طريقو آهي پر ھي ھڪ اھڙو  ماحول آهي جتي ٻيا ننڍا جانور نه ٿا رهي سگهن پر اسان جي لاء اھي ڪجهه سواِل وڏي اھميت ٿا رکن جنهن کي سمجهڻ يا حل ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪنداسين ـ

"

No comments:

Post a Comment