Friday 15 February 2019

ڪوئي جي ڪٽيل پير کي ٻيھر پيدا ڪرائڻ وارو تجربو

ڪوئي جي ڪٽيل پير کي ٻيھر پيدا ڪرائڻ وارو تجربو 

تحقيق ڪندڙ: ڪين منيوڪا ۽ ساٿي 
ترجمو: پروفيسر بشير احمد سومرو 
https://www.facebook.com/groups/ScienceJeDuniya/permalink/2277643012517777/
سائنسدانن ٻن پروٽينس جي سڃاڻي ورتو آهي جيڪي  ڪوئي جي پير جي ڪٽيل آڱرين ۾ واڌ جو سبب بڻجن ٿيون ـ سائنسدانن جو خيال آهي ته ھن نئين تحقيق سان انسان جي ڪٽيل ڄنگھ يا ٻانهن جي واڌ ڪرائي سگهڻ واري مقصد کي ويجهو پھتا آهن ـ 
ھن تحقيق  کان اڳ به سائنسدان ھڏي جي واڌ ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويا آهن جڏهن ته ھن نئين تحقيق ۾ گوشت سان گڏ ھڏي وڌائڻ کان سواِء جوڙن جي واڌ پڻ ممڪن ٿي سگهي آهي جنهن مان ئي اسان جي پريشاني جو اندازو لڳائي سگهو ٿا ته اسان اڳ وارن تجربن جي وقت ۾ ڪيترو نه مونجهارو ٿيو ھوندو ڇاڪاڻ ته ھڏو ۽ ان جو جوڙ تمام  گهڻو اھم ھوندا خاص طور تي جيڪڏهن ڪو وڃايل ھٿ يا ڄنگھ واپس آڻڻ چاهي ٿو ته ـ
سائنسدانن اڳ به ڪوئي ۾ بي ايم پي 2 پروٽين استعمال
ڪندي ھڏا ٻيھر پيدا ڪرائي چڪا آهن , ھتي سائنسدانن ھڪ ٻي پروٽين بي اين پي 9  ملائي ـ جڏهن انهن ٻنهي جي جوڙجڪ ڪوئي جي ڪٽيل پير جي آڱرين تي استعمال ڪئي وئي ته تقريبن سٺ سيڪڙو پير جي آڱرين جي ٻنڍن جا ھڏا ٺھي ويا يعني ھڪ ڪارٽيليج (ڀرڪڻي ھڏي) جو تھه سو به ٽن ڏينهن ۾ ـ  پروٽين  کان سواِء , ڪٽيل پير جون آڱريون ڇٽي وينديون جيئن عام طرح سان ٿيندو آهي ـ
ھي ڪارٽيليج جوڙن جي ٺھڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا آهن جنهن سان پير يا ڄنگھ جي ٻيھر پيدا ڪرڻ وارو عمل واضع طور تي شروع ٿي وڃي ٿو ـ ايتريقدر جو اھي جاندار جيڪي فطري طور تي پنهنجو عضوو وڃائي وري ٻيھر  واڌ ڪري پيدا ڪري وٺندا آهن ڇاڪاڻ ته اھڙن جاندار ن ۾ به   ھڏي ۽ جوڙ جي واڌ مشڪل سان ڏسڻ ۾ آئي آهي ـ
 ٽيڪساس يونيورسٽي اي اينڊ ايم ۾ تحقيق ڪندڙ ڪين منيوڪا ٻڌايو ته اھڙي قسم جا اڀياس ثبوت مھيا ڪن ٿا ته واڌ وارن جزن جي علاج ۾ ٻيھر  پيدا ڪرڻ واري انجنيئرنگ استعمال ڪري سگهجي ٿي ته جيئن ھڪ رد عمل کي ٻيھر پيدا ڪري سگهجي خاص طور تي ھڪ ٻيھر نه پيدا ٿيندڙ ڪٽيل زخم مان ـ ھي اڀياس ڏيکاري ٿو ته ڪٽيل عضوي جي ٻيھر  واڌ ڪرڻ ۾ تمام گهڻي تيزي اچي وڃي ٿي جڏھن پھريان بي ايم پي 2 لڳائي ٿي وڃي بي ايم پي 9 سان ھڪ ھفتو پوء  ----- ھـن صورت عضوي جي واڌ جي دوران ھڏي سان گڏ مڪمل جوڙ به وڌي اچن ٿا ـ
منيوڪا راء ڏيندي چيو ته تحقيق  ڏيکاري ٿي ته ٿڻائتن جانورن جا جيو گهرڙا جسم جا حصا ٻيھر پيدا ڪري سگهن ٿا , چستي ڏئي سگهن ٿا ـ اھي جيو گهرڙا ڪري به سگهن ٿا ۽ نه به ڪري سگهن ٿا تنهنڪري اسان کي اھو ڏسڻو آهي ته انهن ۾ تضاد ڪھڙو آهي ـ 
اسان گهڻي تحقيق  ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا ته انهن جيو گهرڙن ۾ ڪيئن حرڪت پيدا ڪجي ته جيئن اھي صحيح رستي تي اچن پر اسان جي تحقيقي ٽيم کي اميد آهي ته آخرڪار ھي جوڙن وارو علاج آسٽيو آرٿرائيٽس (جوڙن جي بي ترتيبي) واري علاج ۾ مددگار ٿيندي ـ
سائنسدان اينيمل ڪنگڊم مان اتساھ وٺي رهيا آهن ته جانور پنهنجو ڪٽيل عضوو وري ٻيھر ڪيئن ٿا حاصل ڪن مثال طور ڪرڙي پنهنجو پڇ ـ منيوڪا  راء ڏيندي چيو ته اھي پنهنجي صحيح جيو گهرڙن کي حرڪت ۾ ٿا آڻين ـ

No comments:

Post a Comment