ڪائناتي وجود
”دريا خان“
انسان دنيا جي سڀ کان مثالي مخلوق آهي جيڪا هر وقت نہ صرف پنھنجي ماحول بلڪي ان وڏي ڪائنات جي هر شيءِ کي کوجڻ ۽ انجي حقيقت ڄاڻڻ واسطي لاڳيتو جاکوڙ ۾ رهندو آهي، اهي کوجنائون اڄ انکي چنڊ، تارن ۽ ڪروڙين نوري سالن جي پنڌ تي موجود ڪهڪشائن تائين وٺي ويون آهن، جيڪي سوال هميشہ کان انجي دماغ ۾ ڊوڙيا پئي، انھن ۾ اڳڀرائي ڪائنات جي انھن لڪيل رازن جي قابليت آهي جن مان ڪجھ تان پڙدو کڄي چڪو آهي ۽ گھڻن تي اڃان کوجنائون باقي آهن. هزارين سالن کان جاري سائنيسي تحيقيقون، سوال ۽ جواب انھن دريافتن جو سلسلو پنھنجي جڳھ پر اڄ کان تقريبن چار سو سال اڳ يورپ ۾ جيڪو سائنيسي انقلاب پيدا ٿيو، ان جي وجھ سان هزارين سال پراڻا نظريا ۽ مفروضا غلط ثابت ٿيا، وقت جي وهندڙ ليڪي سان گڏ( طبيعيات Physics) ۾ ڪيترائي اصول پڌرا ڪيا ويا ۽ اهڙا اوزار وجود ۾ آيا جنھن سان ڪائنات جي اصليت ۽ شروعات کي گھڻي ڀاڱي سمجھڻ ۾ مدد ملي. انسان اڄ بہ نين طريقن سان ان ڪوشش ۾ آهي تہ ڪائنات جي هڪ گڏيل ۽ واضح تصوير ظاهر ٿي وڃي، (بگ بينگ Big Bang) جو نالو تہ اوهان ٻڌو هوندو، ۽ ٿي سگھي ٿورو گھڻو پڙهيو بہ هجي، ان حوالي سان اڄ اوهانجي سامھون واضح تصوير ڪڍيون ٿا. بگ بينگ انگريزي زبان جو لفظ آهي جنھن جي لغوي معنہ”وڏو ڌماڪو“ آهي، بگ بينگ ان ڦيلاء جو نالو آهي جنھن سان اسانجي ڪائنات وجود ۾ آئي، ان نظري موجب ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ سڀ مادو سئي جي هزارين حصي جي برابر گھڻي ڳجھي جڳھ قيد هو، اها ڳالھ غور ڪرڻ جھڙي آهي تہ بگ بينگ کان پوءِ اهڙا واقعا ٿيندا رهيا جن کي سمجھڻ جي لاءِ اسانکي وقت جي سڀ کان ننڍي اڪائي پيماني ”سيڪنڊ“ کي بہ 50 لک کرب کرب کرب حصن ۾ الڳ ڪيو ويو آهي ۽ ان جي هڪ اڪائي کي هڪ (پلانڪ سيڪنڊ Plank Second) چئبو آهي، 1980ع ۾ بگ بينگ نظري کانپوءِ سائنسدانن”انفليشن ٿيوري Inflation“ پيش ڪئي جنھن موجب بگ بينگ جي تقريبن هڪ کرب پلانڪ سيڪنڊ جي ايتري ننڍي حصي ۾ ڪائنات جيڪا روشني جي رفتار کان بہ وڌيڪ تيزي کان ڦھلجي ڪري وڏي ٿي وڃڻ کي (انفليشن Inflation) جو نالو ڏنو ويو ۽ ان دور کي انفليشن جو دور Inflation Era چيو ويندو آهي، ان دور کانپوءِ بہ ڪائنات ڦهلجندي رهي پر ايتري تيز رفتار ساڻ نہ ڦهلي.
هتي گھڻا طبيعات جا شاگرد اهو سوال ڪري سگھن ٿا تہ اسانکي تہ اهو پڙهايو ويندو آهي تہ نظريہ اضافيت موجب ڪو بہ مادي شيءِ ڪائنات ۾ روشني جي رفتار کان وڌيڪ نٿي هلي سگھي، تہ پوءِ انفليشن جي دور ۾ ڪائنات ايتري تيزي سان ڪيئن ڦھلي.! تہ انجو جواب اهو آهي تہ ان دور ۾ ڪائنات جي ڦيلاو زمان ۽ مڪان جي چادر جي ڦهلجڻ جي وجھ سان ٿيو ۽ اها چادر ڪا مادي شيءِ ناهي، ان سان گڏ اها ڳالھ تہ ماڻھن ۾ اهو تاثر ملندو آهي تہ”نظريو“ هڪ خيال هوندو آهي ۽ ائين اهو خيال غلط بہ ٿي سگھي ٿو پر سائنس ۾”نظريو“ جي معني ٿورڙي الڳ آهي، سائنس ۾ نظري مان مراد اهو اندازو آهي جيڪو ڪيترن تجربن ۽ رياضي جي مدد سان ثابت هجي، سائنيسي نظريا قدرت جي حقيقي عمل جي باري ۾ ڳالھ ڪندو آهي، ائين سائنس موجب اهوئي بگ بينگ جو اهو نقطو شروعات هئي، جڏهن سڀ مادا هڪ پکيڙ جي صورتحال کانپوءِ گھڻي تيزي کان هڪٻئي کان پري ٿيڻ لڳا ۽ خلاء ۾ ڦھلجي ويا، ان وقت انجي رفتار ان ڀاڱي وڌيڪ ٿي وڃڻ ڪارڻ هي ڪائنات تيزي سان ڦھلجڻ لڳي.
اڄ انکي بگ بينگ يعني اسانجي ڪائنات جي نقطو شروعات کي تقريبن چوڏهن ارب سال ٿي چڪا آهن، اوهان مان گھڻا ماڻھون اهو سوچيندا تہ ڇا ڪائنات جي عمر ڪو ڪيئن ٻڌائي سگهي ٿو.! تہ انجو جواب آهي اسانکي اهو ”هبل خلائي دوريبن Hubble Space Telescope“ ڏنو. هاڻي تائين اسان ان دوربين کان جنھن قديم ترين ڪهڪشان جو مشاهدو ڪيو آهي، اها ڇوجو 13.4 ارب نوري سال جي پنڌ تي موجود آهي، ۽ سائنسدان”ايڊون هبل Edwin Hubble“ جي حساب ڪتاب سان ڪائنات جي عمر 13.8 ارب نوري سال پتو پئجي ٿي ۽ اسان چئي سگهون ٿا تہ هي ڪهڪشان ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ جي تقريبن 40 ڪروڙ سال کانپوءِ وجود ۾ آئي، نوري سال اصل ۾ وقت جو پيمانو نہ آهي بلڪي پنڌ جي وٿي جو ماپو آهي، ۽ هڪ نوري سال جي پنڌ تقريبن 10 کرب ڪلوميٽر جي برابر آهي، هي اهو پنڌ آهي جيڪو روشني هڪ سال جي عرصي ۾ ڪندي آهي، هاڻي اوهان پاڻ اندوز لڳائي سگهو ٿا تہ جتي هڪ نوري سال ئي 10 کرب ڪلوميٽر جي برابر آهي تہ 13.8 ارب نوري سال ڪيترا ڪلوميٽرن جي برابر ٿيندا، جيڪر اسان پيمائش ڪري سگھون تہ ڪنھن ڏورانهن تارو يا ڪهڪشان مان روشني اسان تائين اچڻ ۾ ڪيترا سال لڳائيندي تہ، اسان ان طرح قديم کان قديم تر ڪهڪشائن جو پتو لڳائي سگھون ٿا. 13.8 سال اڳ نہ هي سج هو، نہ هي تارا، نہ هي ڪهڪشان، نہ هي نظارا، بلڪي خالي گھڻي ڦيلاء جا ڪجھ ڪروڙ سالن کانپوءِ پيدا ٿيڻ وارا وڏا وڏا هائيڊروجن گيس جا ڪڪر هيا، ان وقت ڪائنات ۾ فوٽون (روشني جا بنيادي ذرا) تہ موجود هئا پر ڪڪرن جي وجھ سان ڪائنات صاف سٿري نہ هئي، خلاء ۾ موجود انھن ڪڪرن جي جن حصن تي هائيڊروجن ۽ هيليئم جي مقدار وڌيڪ هئي، انھن حصن ۾ انھن گيسن جا ماليڪيولن جي پنھنجي ڪشش انھن ڪڪرن کي سڪڙجڻ لڳي ۽ سڪڙجندا سڪڙجندا گھڻي گرم جسمن جي شڪل وٺي ويا جن کي اسان” تارا“ چوندا آهيون انکان پوءِ ڪائنات تارن کان روشن ٿيڻ سان گڏوگڏ صاف بہ ٿي وئي، وڌيڪ انھن تارن جي ويجھو جتي گيسن جي مقدار گهٽ هئي، اتي بہ گيسن جا ڪڪر سڪڙجي ويا ۽ گرم تارن کان گھٽ، جسم بڻيون جيڪي تارن کان ننڍيون هيون، ۽ ڪنھن پاڻ کان وڏي ويجھي تاري جي گھڻو وڌيڪ ڪشش ڪارڻ ان تاري جي ويجھو مدار ۾ چڪر لڳائڻ لڳا، انھن جسمن کي اسان سيارا چوندا آهيون. ڪيترائي تارا پنھنجي ڪشش ڪارڻ جهڳٽ جي شڪل وٺي ويا ۽ ان طرح ڪهڪشائون وجود ۾ آيون، انکان پوءِ اڄ کان تقريبن 4.5 ارب سال اڳ اسانجي سج ۽ نظام شمسي جا سڀ سيارا وجود ۾ آيا، اسانجي سج ۽ زمين جنھن ڪهڪشان ۾ آهن انجو نالو ” ملڪي وي Milk Way“ آهي، انجو نالو ملڪي وي ان ڪري رکيو ويو آهي ڇوجو انجا گھڻا تارا اڇا نظر ايندا آهن جنھن وجھ سان ايئن لڳندو آهي جهڙوڪ ”کير جي شاخ يا رستو هجي.
جڏهن زمين بڻي تہ پنھنجي محور ۽ سج ٻنهي جي ويجھو تيزي سان چڪر لڳائي رهي هئي ۽ آهستي آهستي ٿڌي ٿيندي وئي زمين جي شڪل پنھنجي پيدائش جي وقت بلڪل ائين هئي جيئن هر جڳھ آتش فشان ٻرندڙ جبل ڦاٽي رهيا هجن پر جيئن ئي پد گھٽ ٿيڻ لڳو تہ زندگي بہ جنم وٺندي وئي، تڏهن نہ ڪو انسان هو نہ جانور ايستائين جو سڀ ننڍا جاندار يعني بيڪٽريان جو بہ وجود نہ هو، پر تڏهن بہ زمين تي انھن سڀني کي جنم ڏيڻ جي لاءِ اهوئي عنصر يعني معدنيات موجود هئا.
تقريبن 3.7 ارب سال اڳ ڪيميائي ارتقا جي شروعات سان گڏ ان معدنيات جا ننڍا ذرا مليا ۽ ماليڪيولز بڻيا، پوءِ انھن لکن ماليڪيولز جي ملڻ سان اهڙا خليا وجود ۾ آيا جيڪي پاڻ سج جي روشني استعمال ڪري پنھنجي خوراڪ ٺاهڻ جي قابل هئا ۽ انجو هڪ بنيادي ڪارڻ اهو هو تہ اهوئي مرڻ کان اڳ هر خليو هڪ کان ٻہ ٿيندو ويو ۽ ان طرح انجو ريشو وڌنڌو ويو، هي بيڪٽريا اهڙا جاندار هيا جنھن کي زندھ رهڻ جي لاءِ آڪسيجن جي ضروت نہ هئي، پر هي پاڻ آڪسيجن پيدا ڪندڙ هيا، ڇوجو انھن جي تعداد گھڻي هئي ان لاءِ زمين تي فضا مٿاڇري ۾ آڪسيجن جي مقدار وڌڻ شروع ٿي، فضا ۾ آڪسيجن جي مقدار جيئن جيئن وڌيڪ ٿيندي وئي، ائين ائين ڪيميائي ارتقا (يعني مادي کان خليا بڻجڻ جو عمل) جھڪو ٿيندو ويو اها ئي وجھ آهي جو اڄ ڪوبہ جاندار بہ جان شين کان ناهي بڻبو، ارتقا ڪلاڪن، ڏينھن، يا سالن تي لاڳاپيل ڪنھن عمل جو نالو ناهي بلڪ هي اهڙو وڏو زنجير آهي جنھن جي هڪ هڪ ڪڙي کي جڙڻ ۾ صديون گذري وينديون آهن، اڄ کان تقريبن 2.1 ارب سال اڳ ڪيميائي ارتقا کانپوءِ حياتياتي ارتقا يعني ننڍن جاندارن کان ٻئي وڏن جاندارن جي بڻجڻ جو عمل شروع ٿيو، بيڪٽريا کان شروع ٿيڻ وارو ارتقائي عمل ڪيترن ئي خلين تي مشتمل جاندارن جي جوڙجڪ جو سبب بڻيو، جن ۾ سڀ کان اڳ مڇيون پيدا ٿيون، انکان پوءِ Amphibians يعني خشڪي ۽ تري ٻنهي ۾ رهڻ وارا جاندار ( جنھن ۾ ڏيڏر بہ شامل آهن) ٺھيا، پوءِ (مماليا Mammals) يعني کيرپياڪ جانور جنھن ۾ رڍھ، ٻڪري، ڳئون، انسان وغيرھ شامل آهن، ان سان گڏوگڏ پکي بہ وجود ۾ آيا، هي ارتقائي عمل هاڻي بہ جاري ساري آهي پر هي عمل گھڻو سست آهي، اڄ ڪالھ گھڻي معلومات ۽ تيز ٽيڪنالوجي جو ذريعو هجڻ سبب بہ انسان ڪائنات جي ڳجھن رازن جي ڇنڊڇاڻ مڪمل طور تي حل ناهي ڪري سگھيو، ڇالا تہ ان وڏي زنجير جون ڪيتريون ڪڙيون اڃان تائين گم آهن، پر کوجنائن، جستجو جو پنڌ جاري ساري آهي، اسان اميد ڪريون ٿا تہ مستقبل ويجھو اسان وڌيڪ نئين انڪشافن کانپوءِ ڪائنات جي حقيقت، اصليت، شروعات ۽ انساني ارتقا کي وڌيڪ گهرائي ۾ وڃي ڪري سمجھڻ ممڪن ٿيندو.

No comments:
Post a Comment