Wednesday, 2 October 2019

آسمان

آسمان  

آسمان ڪٿي آهي ان سوال جو جواب گھڻو مشڪل آهي ڇا جو اڃان تائين سائنسدان کي آسمان نالي ڪا شيء ناهي ملي جيڪڏهن اسان زمين کان مٿاڇري ڏا ڏسون تہ نيرو رنگ جنھن کي اسان آسمان چوندا آهيون نظر ايندو آهي پر هي سائنسدانن کي نظر ڇو نٿو اچي
اصل ۾ اسان جنھن کي آسمان چوندا آهيون هي نيرو رنگ صرف زمين کان ڏيکاربو آهي ايٿماسفيئر/ موسمي وايومنڊل ۾ موجود ماليڪولز سان سج جي روشني جي ٽڪرائجڻ جي وجھ سان نظر ايندو آهي سج جي روشني جڏهن زمين جي فضا ۾ موجود انھن ماليڪولز سان ٽڪرائبي آهي تہ ايٿماسفيئر ۾ هيڏا هوڏا وکري ويندي آهي جنھن ڪارڻ نيرو رنگ جنهن کي اسان آسمان چوندا آهيون نظر ايندو آهي جيڪڏهن اسان ايٿماسفيئر کان ٻاهر نڪري وڃون تہ نيري رنگ جو هي ڏيک اسان کي ڪٿان کان بہ نظر ناهي ايندو 

روشن ۽ صاف ڏينهن جو نيري رنگ جو آسمان نظر ايندو آهي؟ ڇوجو سج مان ايندڙ نيري روشني فضا ۾ موجود ماليڪولز جي وجھ سان هيڏانهن هوڏانهن پکڙجي ويندي آهي سج مان اچڻ واري نيري روشني ننڊڙن لھرن يعني شارٽ وئيوز جي صورت ۾ سفر ڪندي آهي انڪري ان ۾ وکرڻ جي صلاحيت سج جي روشني ۾ موجود ٻين روشنين کان وڌيڪ هوندي آهي 
ڪره هوائي جي ذرن جي ذريعي روشني جي ان طرح جي وکرڻ کي ريلي سڪيرٽنگ چئبو آهي جيڪو هڪ برطانوي سائنسدان لارڊ جان ويليم سٽرٽ ريلي، جي نالي سان آهي لارڊ ريلي ذرن جي ذريعي روشني جي ڦهلجڻ يا وکرڻ جو قانون پيش ڪيو هئو جنھن کي ريلي جو قانون چيو ويندو آهي لارڊ ريلي پاڻ بہ نوبل پرائز هولڊر آهن جڏهن تہ مشھور نوبل انعام ماڻيندڙ طبيعت دان جي جي ٿامسن جا استاد هئا جنھن اليڪٽران درياقت ڪيا هئا 
ريلي قانون رياضياتي طور تي سادي فارم ۾ هن طرح لکبو آهي X=2pi r/ lambda جتي آر رداس ۽ لمڊا ماپ موج کي ظاهر ڪندو آهي يعني ذرات جي وجھ وکرڻ واري روشني جي پکڙجڻ کي 
ماليڪيول ۽ سج جي روشني لاءِ هي رياضياتي مساوات گھڻي پيچيدھ آهي جيڪا ڪيريڪٽرز جي سپورٽ نہ هجڻ ڪارڻ هتي لکڻ مشڪل آهي 
شام جي وقت افق تي ڳاڙهو رنگ پکڙجي ويندو آهي اتان کان زميني مٿاڇرو ڳاڙهو ۽ نارنگي رنگ جو ڏک ڏيندو آهي ڇوجو نيري رنگ جي روشني جتان ايٿماسفيئر کان ٽڪرائبي اهو مقام ڏسڻ کان پري هوندو آهي 
ڪجھ جڳھن تي فضائي آلودگي ڪارڻ دھند بڻجي ويندو آهي جنھن ڪارڻ زميني مٿاڇرو ڌنڌلو يا اڇڙي رنگ جو نظر ايندو آهي
جڏهن سطح زمين تي هوا گرم ٿي ويندي آهي تہ فضا ۾ مٿاڇري ڏا اٿڻ لڳندي آهي جنھن ۾ پاڻي جا بخارات بہ موجود هوندا آهن جڏهن هي ماليڪول مٿي موجود ٿڌي هوا سان ملندا آهن تہ بخارات ڪنڊنيشن جي ڪري مائع واري حالت ۾ تبديل ٿي ويندا آهن ۽ ڪڪر ٺاهيندا آهن ۽ اسانکي زميني مٿاڇرو اڇو هلڪو ڪاري رنگ جو نظر ايندو آهي 
جيڪڏهن اسان ايٿماسفيئر کان ٻاهر وڃون تہ نيري رنگ جو مٿاڇرو ڪٿي بہ نظر ناهي ايندو ڇوجو اتي ماليڪيولز جو ٺھيل ايٿماسفيئر موجود ناهي انڪري ڏينھن هجي يا رات انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن چنڊ مريخ ٻين سيارن ۽ خلا مان جنھن کي اسان آسمان چوندا آهيون ڪاري رنگ جو نظر ايندو آهي رات جي وقت زمين کان بہ نيري رنگ جو آسمان نظر ناهي ايندو ڇوجو فضا ۾ پکڙجڻ لاءِ نيري رنگ جي روشني موجود ناهي هوندي

زمين جو هوائي موسمي وايومنڊل.... 
https://m.facebook.com/groups/1896424147306334?view=permalink&id=2264305413851537

No comments:

Post a Comment