Wednesday, 2 October 2019

پکين جو ارتقاء

پکين جو ارتقاء
دريا خان:
اوهانجي گھر ۾ يا ٻاهر وڻ تي ننڍي ۽ رنگ بہ رنگي جھرڪي حقيقتن عظيم گوشت خور ٽائيرينو سارس ريڪس جي هڪ نسل ویلوریسپٽر جي ارتقاء آهي 
سڀني جاندارن سان گڏوگڏ جڏهن پکين جي ڊي اين اي جو مشاهدو ڪيو ويو تہ پتو پيو زندھ جانورن ۾ پکين جو سڀ کان ويجھو رشتيدار مانگر مڇ واڳون آهي ائين مانگر مڇ ۽ پکين جو ڳانڍاپو گڏيل  آهي ڇا پوءِ پکين رهڙيندڙ جانورن يعني ريپٽايلز مان ارتقاء ٿيل آهن پر ڪهڙن ريپٽايلز مان؟ 
ڊائنوسار هن ڌرتي تي هڪ سو پنجٽيهہ ملين سالن تائين حڪومت ڪئي ان دوران هي ارتقاء جي نتيجي ۾ ڪيترين ئي نسلون ۽ هي نسلون اڳتي هاڻ تائين جي دريافت موجب پنج سو کان ست سو مختلف قسم ۾ تقسيم ٿي چڪيون آھن انھن مان ديو هيڪل چاليھ ميٽر ڊگھا سٽيگو سارس بہ هئا ۽ ٻہ فٽ ننڍا ٿيرو پوڊ بہ 1861ع ۾ جرمني ۾ هڪ پيلي انٽالوجي جي ٽيم کي هڪ غار مان کوٽائي ڪرڻ وقت هڪ فاسل پنڊ پھڻ مليو جيڪو اڌ پکي ۽ اڌ ڊائنوسار هئو انکي آرچوپيٽريڪس جو نالو ڏنو ويو 
پوٽاشيم ارگون ڊيٽنگ مان پتو پيو تہ 150 ملين سال پراڻو آهي ان جو سائز ڪبوتر جيترو هئو ڊائنوسار ۽ پکين جي ويجهڙائي واري ڪڙي آهي 
1995ع ۾ اُتر اولھ چين ۾ گھڙين انگ ۾ وڌيڪ فاسل پنڊ پهڻ دريافت ٿيا جيڪي هڪ سو ٽيھ ملين سال پراڻا هئا ۽ اڌ ڊائنوسار ۽ اڌ پکي هئا پر آرچوپيٽريڪس کان مختلف هئا انھن کي سينوسوروپيريڪس جو نالو ڏنو ويو يعني آرچوپيٽريڪس وڌيڪ نسلن ۾ تقسم ٿي چڪا هئا 
66 ملين سال اڳ هڪ شهابي پٿر جو زمين تي ڪرڻ مان ايندڙ تباهي ان وقت جي اسي سيڪڙو حياتيات جو خاتمو ٿيو ڪجھ ڊائنوسار جيڪي اڏامي پئي سگھيا بچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا 

آرچوپيٽريڪس پهرين نسلن ۾ ۽ نسلن جي قسم ۾ تقسيم ٿيندي وئي اڄ انھن کي اسان پکين جي شڪل ۾ ڄاڻون ٿا پر ارتقا اتي روڪجي ناهي ويو ۽ اڄ پکين بہ نو هزار نو سو ڇاونجاهہ مختلف قسمن ۾ تقسيم ٿي چڪا آهن ۽ ارتقا جو عمل جاري ساري آهي

No comments:

Post a Comment