ارتقاء جو خشڪي کان واپس پاڻي ڏا سفر
دريا خان:
بليو وهيل مڇي ڌرتي جو سڀ کان وڏو زندھ جانور آهي انجي ڊيگھ ٽيھ ميٽر ۽ وزن هڪ سو ستياسي ٽن تائين ٿي سگھي ٿو جيڪو هڪ ننڍي سمنڊي جھاز جي برابر آهي جيتوڻيڪ انجو جسم پاڻي ۾ رهڻ جي لاءِ مڇي جيان بڻجي چڪو آهي پر هي هڪ مڇي ناهي بلڪ هڪ مماليا کير پياڪ جانور آهي جيڪو آنا نہ ٻچا ڏيندو آهي انجي گلز ڪلائي ناهي هوندي بلڪ منھن جي مٿان ساھ کڻڻ لاءِ بلوهول سوراخ هوندو آهي انڪري انکي ساھ کڻڻ لاءِ ٿوري دير کانپوءِ مٿي اچڻو پوندو آهي
انجي ڊي اين اي جو معائنو هاڻوڪي جانورن مان ڪرڻ سان پتو پيو تہ زندھ جانورن ۾ انجو ويجھو ارتقائي جانور دريائي گهوڙو ھپپو پوٽیموس آهي ائين وهيل ۽ دريائي گهوڙو هڪ گڏيل نسل مان ارتقا ٿيل آهن ماليڪيولز ڊيٽنگ مان سائنسدان اهو بہ ڄاڻي چڪا هئا تہ انھن ٻنھي جي نسل کي الگ ٿيندي پنجاھ ملين سال کان وڌيڪ جو عرصو ٿي چڪو آهي وهيل مڇي خشڪي جي کير پياڪ مماليا جانورن مان ارتقا ٿي آهي هاڻي انجي ويجهڙائي واري فاسلز پنڊ پهڻ جو انتظار هئو جيڪو خشڪي جو کير پياڪ مان وهيل مڇي بڻڻ تائين جي سفر کي واضع ڪري ارتقائي پيشگوئي موجب انھن پنڊ پهاڻ کي پنجاھ کان سٺ ملين سال پراڻو هجڻ گھرجي ها
وهيل مڇي جنھن خاندان سان واسطو رکندڙ آهي انکي سیٽاسین چئبو آهي ان خاندان جو پهريون پنڊ پهاڻ indohyus گروپ جو هڪ جانور هئو جنھن کي گهمڻ واري وهيل جو نالو ڏنو ويو جيڪو پنجاھ ملين سال اڳ موجود هئو پاڪستان جي اتر واري علائقن جي دريائن جي ڪنارن تي پاتو ويندو هئو انجي پنڊ پهاڻ جي دريافت 1978ع ۾ هڪ پيلي انٽا لوجسٽ وارن ڪئي ۽ پاڪستان جي حساب انجو نالو پاڪيسٽس رکيو ويو وهيل ۽ خشڪي جي کير پياڪ جي هڪ ويجهڙائي ڪڙي هئي
انکان indohyus جا پنڊ پهڻ بہ دريافت ٿيا جيڪو هاڻوڪي ڪشمير جي علائقن ۾ ٽيھ سال اڳ پاتو ويندو هئو ياد رهي تہ پنڊ پھڻ جي عمر جو پتو پوٽاشيم ارگون ڊيٽنگ مان ڪيو ويندو آهي
انکان پوءِ بیسیلوسورس روڊيڪٽس ۽ ڊوروڊون جي پنڊ پهڻ بہ دريافت ٿي ويا ائين کير پياڪ مان وهيل مڇي تائين جا پنڊ پهڻ جو ريڪارڊ مڪمل ٿي ويو
ان مان اهو مسئلو بہ حل ٿي ويو وهيل ٻين مڇين کان الڳ ڇو هوندي آهي ان جون ڪلائيون جيڪي ٻين مڇين ۾ هونديون آهن ڇو ناهين ۽ انجي جسم ۾ ڪلهي جي هڏي ۽ ان سان جوڙيل پويان پير جيڪي صرف انجي ڊانچي ۾ نظر ايندا آهن ڇو موجود آهن ۽ انجي فن کنڀ جا هڏا مڇين مان نہ بلڪ خشڪي جي کير پياڪ جانورن جي اڳئين پيرن جھڙا آھن
پکين جو ارتقاء
https://www.facebook.com/groups/ScienceJeDuniya/permalink/2460480820900661/
ڊائنوسارز جو شڪار ڪرڻ وارو مانگر مڇ جھڙوڪ جانور
https://www.facebook.com/groups/ScienceJeDuniya/permalink/2460564707558939/
چارلس ڊارون ڪجھ بہ نہ ڄاڻيندو هئو
https://www.facebook.com/groups/ScienceJeDuniya/permalink/2460164787598931/
فوسل، پنڊ پهڻ جي عمر جو پتو ڪاربن ڊيٽنگ سان
https://m.facebook.com/groups/1896424147306334?view=permalink&id=2354434078172003
زندگي جي سڀ کان بنيادي ڪڙي ڪاربن آهي هي ايندو ڪٿان کان آهي
https://m.facebook.com/groups/1896424147306334?view=permalink&id=2352604011688343
ويھ لک سال جو مينھن، ذائنوسارز جي دور جي شروعات
https://m.facebook.com/groups/1896424147306334?view=permalink&id=2359843447631066
ڊائنوسارز جي دور جو خاتمو
https://m.facebook.com/groups/1896424147306334?view=permalink&id=2357577904524287
ڇا اسان ڊائنوسارز کي واپس آڻي سگھون ٿا
https://m.facebook.com/groups/1896424147306334?view=permalink&id=2270428253239253
اسان جي ابن ڏاڏن ڳالھڻ ڪڏهن شروع ڪيو
https://m.facebook.com/groups/1896424147306334?view=permalink&id=2442755506006526
ارتقاء
https://m.facebook.com/groups/1896424147306334?view=permalink&id=2314617858820292
انساني ارتقا بابت
حصو پھرين
https://m.facebook.com/groups/1896424147306334?view=permalink&id=2186885128260233
حصو ٻيو
https://m.facebook.com/groups/1896424147306334?view=permalink&id=2187485394866873
حصو ٽيون
https://m.facebook.com/groups/1896424147306334?view=permalink&id=2188073178141428
حصو چوٿون
https://m.facebook.com/groups/1896424147306334?view=permalink&id=2188675091414570
No comments:
Post a Comment