Friday 25 January 2019

نڪوٽين Nicotine

نڪوٽين      Nicotine
”اصغر ساگر“

نڪوٽين ڪيميائي مادو آھي جيڪو نائٽروجن تي مشتمل آھي جيڪو ڪيترن قسمن جي ٻوٽن مان ٺھيل آھي جنھن ۾ تماڪ بہ اچي وڃي ٿو. اھو ترڪيبي عمل ذريعي ٺاھيو وڃي ٿو. نڪوٽين قدرتي طور هڪ بي رنگ پاڻياٺ ٿئي ٿي، جيڪا ٻرڻ سان ناسي ۽ هوا ۾ وائکي ٿيڻ سان تماڪ جي بوءِ پيدا ڪري ٿي. نڪوٽينيا تماڪ Nicotiana tabacum نڪوٽين جو قسم جيڪو تماڪ جي ٻوٽن ۾ پاتو وڃي ٿو اھو نائيٽ شيڊ خاندان Nightshade family مان اچي ٿو. ڳاڙھا مرچ ۔ واڱڻ ۔ ٽماٽا ۽ پٽاٽا نائيٽ شيڊ خاندان جا مثال آھن. ان کان سوا نڪوٽين چانھن ۔ چاڪليٽ ۔ گوبي ۔ ساون مرچن ۽ ڪوڪا پلانٽ ۾ پاتي وڃي ٿي.
نڪوٽين پاڻ ڪينسر جو سبب يا پاڻ نقصانڪار ناھي پر اھو تماڪ جي گهڻي عادت ڏئي ٿو ۽ تماڪ تي ڀاڙيندڙ ماڻهن کي گهڻي نقصان جو شڪار ڪري ٿو. نڪوٽين ۾ اھڙي ڪو مواد ناھي جيڪو بيماري ۔ ڪينسر ۽ دل جي بيمارين جو سبب بنجي پر اھي ڏوھي ڪولتار Tar ۽ زھريليون گئسون Toxic gases آھن جيڪي ٻرندڙ تماڪ مان نڪرن ٿيون جڏھن تماڪ نوشي ڪجي ٿي. نڪوٽين خطرناڪ ناھي پر اھو پنھنجي نشي جي ھير ڏئي ٿو ۽ پنھنجي نشي جو عادي بنائي تماڪ نوشي طرف مائل ۽ راغب ڪري ٿو. نڪوٽين تماڪ جي عادت پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، نڪوٽين دل تي بہ اثر ڪندي آهي. جنھن ڪري دل جي ڌڙڪن وڌي ويندي آهي، نڪوٽين جي ڪري دل جون ناليون سُسَڻ لڳن ٿيون ان سان گڏ تماڪ ۾ ڪولتار Tar هوندو آهي، جيڪو انسان جي ڦڦڙن تي دونھين جو ڪارو تھ چاڙهي ڇڏيندو آهي، ان ڪري ساھ کڻڻ ۾ مشڪل ٿيندي آهي. نڪوٽين، انهن 4 هزارن کان وڌيڪ ڪيميائي مادن منجهان هڪ آهي، جيڪي تماڪ جي دونھين ۾ موجود ٿي سگهن ٿا ۽ اهو ئي دماغ تي اثر ڪندڙ اھم جزو آهي.
تماڪ کي چٻاڙڻ يا ڇڪي پيئڻ اڪثر ڪري تماڪ نوشي کان گهڻي نڪوٽين جسم ۾ آڻين ٿيون. نڪوٽين جا انساني جسم ۽ دماغ تي ڪيترائي گھرا اثر پيدا ٿين ٿا. نڪوٽين جسم ۾ نہ رڳو چمڙي، نَڪَ ۽ وات جي لعابي استر رستي داخل ٿئي ٿي تہ ڦڦرن ذريعي بہ جذب ٿي سگهي ٿي. جڏهن تہ سگريٽ رستي ڇڪجندڙ نڪوٽين کي دماغ تائين پھچڻ ۾ رڳو ڏهن سيڪنڊن جيترو وقت لڳي ٿو. ان جي ڀيٽ ۾ سِگار ۽ پائيپ ڇڪيندڙ جيئن تہ عام طور دونھون نٿا ڳھن، ان سبب جسم ۾ نڪوٽين وات جي لعابي استر رستي وڌيڪ آهستگيءَ سان پهچي ٿي. نڪوٽين کي ھيروئن وانگر ڇڏي نٿو سگهجي. نڪوٽين جا منفي اثر دل ۔ ھارمون ۽ معدي ۽ آنڊي جي سرشتي Gastrointestinal system کي متاثر ڪن ٿا. ڪجھ تحقيقن مطابق نڪوٽين ياداشت ۽ مرڪزي توجھ Concentration کي وڌائي ٿي. ھي اڏورڻن جي گهڻاڻ The rush of adrenaline جسم کي اڀار ڏئي ٿي ۔ تسڪين ڏئي ٿي ۽ جلدي گلوڪاڻ Glucose
 کي ڪڍي ٿي ۽ ساھ Respiration ۔ بي پي Bp ۽ دل جي ڌڙڪي Heart rate کي وڌائي ٿي. نڪوٽين لبلبي جي ٻاھرين انسولين کي دٻائي ٿي ۽ تماڪ نوشين ۾ ڪجھ ڪثير شڪري Hyperglycemic پيدا ڪري ٿي.

نڪوٽين جو جسم تي اثر :-
نڪوٽين مسڪن (سڪون ڏيندڙ) sedative ۽ متحرڪ (تحريڪ ڏيندڙ) stimulant آھي. جڏھن جسم ۾ نڪوٽين اچي ٿي تہ ھڪ جهٽڪو Cick لڳي ٿو. اھو اڏور غدود adrenal glands جي ڪري ٿئي ٿو جنھن جو نتيجو اڏورڻي (اڏور ھارمون) adrenaline جي نيڪال سان نڪري ٿو. اڏورڻي (اڏور ھارمون) adrenaline جي واڌ سان جسم ۾ تحريڪ اچي ٿي جلدي گلوڪاڻ Glucose
 وڌي ٿي ۽ دل جو ڌڙڪو heart rate ۽ بي پي Bp وڌي ٿو. نڪوٽين جي ڪري لبلبي Pancreas ۾ انسولين Insulin گهٽ ٺھي ٿي ۽ رت ۾ شڳر  Blood sugar يا گلوڪاڻ Glucose وڌي وڃي ٿي. اڻ سڌي طرح نڪوٽين دماغ جي خوشي ۽ حوصلاافزائي واري جڳھ مان ڏوپن Dopamine جي نيڪال جو سبب ٿئي ٿو. ساڳو اثر ٿئي ٿو جڏھن ماڻھو ڪوڪين Cocaine يا ھيروئن Heroin پيئندا آھن. نشائي کي نڪوٽين مان ساڳي خوشي واري حس Pleasurable sensation ملندي آھي. نڪوٽين گهڻي پيئڻ سان اڃان وڌيڪ ڊوز جي ضرورت پوي ٿي. ڏوپن Dopamine دماغي ڪيميائي Brain chemical  مادو آھي جيڪو جذبن Emotions ۔ چرپر Movements ۔ خوشي جي حس Sensations of pleasure ۽ ڏک جي حس Sensations of pain تي اثر وجهي ٿو. جيڪڏھن توھان جي ڏوپن Dopamine جي حد وڌي ٿي توھان جو اطمنياني احساس Feeling of contentment وڌي ٿو. نڪوٽين جي ڊوز تي ھوندو آھي فرد ڪيتري نڪوٽين واپرائي ٿو اوترو ان جو تنتي سرشتو اڀار کائي ٿو. نڪوٽين مسڪن (سڪون ڏيندڙ) پڻ Sedative وانگر ڪم ڪري ٿي.

نڪوٽين ۽ چانھن جو تعلق :-
چانھن جو جيتري قدر تعلق آھي ان ۾ تمام گهٽ نڪوٽين ٿئي ٿي جيڪا جسم تي نہ جھڙوڪر اثرانداز ٿئي ٿي 3 ڪلو چانھن ۾ 1 مائڪروگرام نڪوٽين ٿئي ٿي جيڪا گهٽ کان تمام گهٽ آھي پر چانھن کي گهڻي دير ڪاڙهڻ سان ان ۾ نڪوٽين جو ڪجھ مقدار وڌي ويندو آهي ان ڪري چانھن کي گهٽ ڪاڙھڻ کپي ۽ ڪڙڪ ڪري پيئڻ نہ کپي.

نڪوٽين ۽ ڪافي جو تعلق :-
 ڪافي بابت خيال ڪيو ويندو آھي تہ ان ۾ نڪوٽين موجود آھي پر ھن مھل تائين سائنسي تحقيقن مان ثابت ٿيو آھي تہ ڪافي ۾ نڪوٽين جي موجودگي ناھي.
تماڪ کي ڇڏي ڪري ٻين شين ۾ نڪوٽين جي موجودگي قدرتي طور تي بھتر اثر مرتب ڪري ٿي جيڪڏھن انهن قدرتي شين کي محدود بنياد تي کاڌو وڃي. ھي رت کي عضون ڏانهن وڌائي ٿي. قدرتي شين ۾ ھن جي محدود مقدار واپرائڻ سان رت جي گردش بھتر رھي ٿي ۽ دل ۾ فعاليت رھي ٿي.
 نڪوٽينيا تماڪ                Nicotiana tabacum
نائيٽ شيڊ خاندان             Nightshade family
زھريليون گئسون               Toxic gases
معدي ۽ آنڊي جي سرشتي   Gastrointestinal system
مرڪزي توجھ                   Concentration
اڏورڻن جي گهڻاڻ              The rush of adrenaline 
گلوڪاڻ                           Glucose
ساھ                                Respiration
دل جي ڌڙڪي                  Heart rate
نڪوٽين مسڪن (سڪون ڏيندڙ)      Sedative
متحرڪ (تحريڪ ڏيندڙ)       Stimulant
اڏور غدود                       Adrenal glands 
جهٽڪو                           Cick
اڏورڻو (اڏور ھارمون)       Adrenaline
لبلبو                                Pancreas
انسولين                           Insulin
رت ۾ شڳر                       Blood sugar
ڏوپن                               Dopamine
ڪوڪين                        Cocaine
 خوشي واري حس           Pleasurable sensation
خوشي جي حس              Sensations of pleasure
ڏک جي حس                  Sensations
اطمنياني احساس             Feeling of contentment
ڪولتار                           Tar
ڪثير شڪري                 Hyperglycemic

No comments:

Post a Comment