Monday 10 December 2018

ڪوپي ڪافي Kopi luwak coffee


ڪوپي ڪافي   Kopi luwak coffee
"اسد تنيو"

انڊونيشيا ۾ هڪ مخصوص قسم جي ڪافي جنھن کي ڪوپي لواڪ سڏيو وڃي ٿو جيڪا درحقيقت مشڪي Civet نالي جانور جي پائخاني مان نڪرندڙ ڪافي جي ٻجن مان ٺاهي وڃي ٿي. مشڪو هڪ وڏو ٻلي نما لوطي جانور آهي جيڪو آفريڪا ۽ ايشيا جي گهاٽي جهنگلن ۾ پاتو وڃي ٿو. عام طور تي مشڪي جانور کي ٻلي چيو وڃي ٿو پر اھو ٻلي ناھي پر اھو مينگوز سان ڳانڍاپيل آھن. مشڪي جانور کي ملائي زبان ۾ مسانگ سڏيو وڃي ٿو. ھي جانور آفريڪا ۽ ايشيا ۾ پاتو وڃي ٿو. مشڪي کي 40 تکا ڏند ٿين ٿا جيڪي شڪار پڪڙڻ ۾ مدد ڪن ٿا. ھي جانور سبزيون ۔ ڪيڙا ۔ بيدا ۔ پکي ۔رڙھندڙ جانور ۔ ڪافي جا ٻج ۽ ننڍا مئمل کائي ٿو. ڪوپي لواڪ جي ذائقي ۽ مزي جو مدار ڪافي جي ڦرين تي ھوندو آھي جيڪي ھي جانور کائي ٿو.
 انڊونيشيا جي مقبول ڪافي جنھن جو هڪ ڪوپ تقريبن پنج هزار رپين ۾ ملي ٿو. هندستاني واپارين کي جڏهن ھن ڳالھ جي سڌ پئي تہ انهن بہ مشڪي جي پائخاني جي تلاش شروع ڪري ڇڏي ۽ هاڻي ان منجهان ڪروڙين رپيا ڪمائي رهيا آهن. رياست ڪرناٽڪ ۾ ايس ٽي گڻيش نالي همراھ جي باغن ۾ مشڪي جي خصوصي نموني پالنا جاري آهي.
اهي جانور ڪافي جا پڪل ٻج ڳھي وٺندا آهن پر هنن جي هاضمي جي نظام ۾ هضم نہ ٿيندا آهن پر انهن ۾ مخصوص خامرا Enzymes شامل ٿي ويندا آھن ۽ جسم مان نيڪال ٿي ويندا آهن. بعد ۾ ملازم ان تمام پائخاني کي گڏ ڪري انهن مان ڪافي جا ٻج ڌوئي ٻاهر ڪندا آهن. انهن ٻجن مان تيار ٿيندڙ ڪافي کي انتھائي مزيدار قرار ڏنو پيو وڃي ۽ مختلف ڪمپنيون ۽ واپاري ان طريقي سان ٻج گڏ ڪري گنج ڏوڪڙ ڪمائي رھيا آھن. انهن ٻجن جو وڪرو 30 هزار کان 50 هزار رپيا في ڪلو ڪيو وڃي ٿو.
ڪافي جا وڏا شوقين جيڪي مزيدار کان مزيدار ترين ڪافين جي تلاش ۾ رهن ٿا، اھي ھن ڪافي ۾ وڏي تسڪين ۽ سرور پائن ٿا، اھا ڳالھ ٻي آھي تہ ھي ڪافي مزيدار ۽ انتھائي مھانگي هجڻ سان گڏ انتهائي غليظ بہ چئي سگهجي ٿي پر شوق جو ڪو ملھ ڪونهي جنھن کي جيڪا شي وڻي

No comments:

Post a Comment