Tuesday 20 November 2018

اسان جو شمسي نظام پنجون حصو .Earth۔..۔۔۔زمين۔..۔۔۔(Part-3)

اسان جو شمسي نظام
"زاهد آرائين" 

پنجون حصو
..............Earth۔..۔۔۔زمين۔..۔۔۔(Part-3)............
 ۔۔۔ ڌرتيءَ تي برفاڻا دؤر ۔۔۔
هي اهي دؤر آهن جڏهن ڌرتيءَ جا کنڊ ٿورا يا مڪمل حد تائين برف جي تهن ۽ گليشئرن هيٺان ڍڪجي ٿي ويا. اڄ ڪلهه جا گرين لينڊ ۽ انٽارڪٽڪا وارا برفاڻا تهه آخري برفاني دؤر جون پاڇيون آهن، جيڪو پلائسٽوسين (Pleistocene) دؤر ۾ شروع ٿيو ۽ اڄ کان اٽڪل 10 هزار سال اڳ پورو ٿيو. ڌرتيءَ جو اڪثر ڏاکڻو اڌ گول ڪاربونيفيرئس دؤر جي پڇاڙيءَ ۾ برفاڻي دؤر هيٺ آيو هو. گذريل هڪ ملين سالن دوران اتر اڌ گول جو ڳچ اتريون حصو برفاڻن تهن هيٺ ڍڪيل رهيو آهي، جيڪو هاڻي گهٽجي آرڪٽڪ واري بچيل مختصر حصي (Ice Cap) تائين وڃي بچيو آهي. برفاني دؤر کي گليشل دؤر به چيو وڃي ٿو. برفاني دؤر ۽ انهن جي وچ ۾ گرم وقفا ڇو ٿا اچن؟ ان بابت سائنسدانن جا رايا مختلف آهن. بهرحال اهو نظريو سڀ کان پهرين 1837ع ۾ لوئس اگاسيز ڏنو هو ته زمين تي برفاني دؤر ايندا رهيا آهن. کوجنائن مان پتو پيو آهي ته سڀ کان عظيم برفاني دؤر ۾ اڄ کان تيرهوڻ ڀيرا وڌيڪ حصي تي برف ڄمي چڪي هئي، جنهن ڌرتيءَ جو اتريون اڌ گول ڍڪيو. آمريڪا ۾ اها برف ان هنڌ تائين پکڙيل هئي، جتي هاڻي نيويارڪ شهر، سينٽ لوئس ۽ مسوري (Missori) ندي آهي. يورپ ۾ لنڊن جي اتر تائين برف هئي. ڏکڻ يورپي روس جي به ساڳي حالت هئي، اڪثر هنڌن تي برف جي سرحدي ليڪ ان جي هاڻوڪي حد کان 4000 فٽ هيٺ هئي. آرڪيٽڪ وڏي سمنڊ تي برف ڄميل هئي ۽ برف اينٽلانٽڪ سمنڊ تائين پکڙيل هئي. اڪينڊينيويا وارو برفاني تهه جيڪو ڳچ يورپ تي چڙهيل هو، اٽڪل 10 هزار فٽ ٿلهو هو. اتر آمريڪا ۾ لائورينٽائڊ برفاڻو تهه انگلينڊ واري تهه کان به 5500 فٽ يا وڌيڪ ٿلهو هو. ماهرن جو چوڻ آهي ته جيئن ته اهي برفاڻا تهه سمنڊ جي پاڻين مان ٺهيا، ان ڪري سمنڊ جي سطح گهٽ ۾ گهٽ 300 فٽ گهٽجي وئي هئي ان کان پوءِ جڏهن برف ڳرڻ لڳي، تڏهن خالي ٿيل گهرايو ٻيهر ڀرجڻ لڳيون. اهڙيءَ طرح هيل تائين ڪافي هنڌن تي سطح ۾ 1000 فٽن جي اوچائي ماپي وئي آهي، جڏهن ته اها واڌ اڃا جاري آهي. پيئرز سائيڪلوپيڊيا موجب ڪاربان ڊيٽنگ واري ٽيڪنڪ جي بنياد تي اندازو لڳايو ويو آهي ته گذريل برفاني دؤر جي شروعات 25 هزار سال اڳ ٿي ۽ 16 هزار کان 18 هزار سال اڳ اها پنهنجي عروج تي پهتي ۽ پڄاڻيءَ مهل يعني تقريبن 8 هزار سال اڳ بالٽڪ علائقن ۽ وڏين ڍنڍن تان برف هٽڻ شروع ٿي. ان کان اڳين برفاڻو دؤر اٽڪل 60 کان 40 هزار سال اڳ برپا ٿيو. ان کان اڳيون وقفو غالباً 70 هزار سال اڳ ختم ٿيو. اوائلي پلائسٽوسين برفاڻي دؤر بابت خاطري سان نٿو چئي سگهجي، پر هڪ ڪاٿي موجب اهو هڪ ملين سال اڳ شروع ٿيو. انهن زمانن ۾ زمين جي وچن حصن ۾ گرمي جو سراسري درجو 6 ڊگريون سينٽي گريڊ تائين رهيو هوندو. ممڪن آهي ته استوائي علائقن ۾ گرميءَ جي ڦيرڦار ۾ وڏو فرق نه هجي، پر برفاني علائقن جي ويجهو اهو فرق ڪافي هيٺ مٿي رهيو هو. پلائسٽوسين دؤر کان اڳ وارن زمانن ۾ به برفاني دؤر آيا هئا، پر اهي گهڻو اڳ جا واقعا آهن. اٽڪل 200 کان 600 ملين سال اڳي ۽ شايد ان کان اڳ به اهڙا دؤر آيا هوندا. هن کان اڳ سمجهيو ويندو هو ته دنيا تي فقط ٽي يا چار برفاني دؤر آيا آهن، پر جديد تحقيق ٻڌائي ٿي ته اهڙا لڳ ڀڳ 20 دؤر اچي چڪا آهن ۽ امڪان آهن ته هڪ نئون دؤر وڌ ۾ وڌ ايندڙ 60 هزار سالن ۾ عروج تي پهچندو، ڇو ته اهو بالڪل ممڪن آهي ته پلائسٽوسين دؤر اڃا ختم نه ٿيو هجي.
زمين جي معنا وسيع آهي. زمين مان مراد زمين تي ۽ زمين ۾ موجود سڀئي وسيلا وٺجي ٿي. زمين تي هوا، گرمي، سيءُ، پاڻي، مِينهنُ، روشني ۽ معدنيات وغيره جن کي قدرت انسان جي استعمال لاءِ خلقيو آهي

No comments:

Post a Comment