اسان جو شمسي نظام
"زاهد آرائين"
چوٿون حصو
...............Earth۔۔زمين۔۔ (Part-2).................
ان بعد ميسوزوئڪ جُڳ (Mesozoic Period)آيو. هن دؤر کي ماهرن ٽن زمانن ۾ ورهايو آهي. مجموعي طور تي هيءُ جڳ ساڍا ٻاويهه ڪروڙ سال اڳ کان شروع ٿي ست ڪروڙ سال اڳ تائين جاري رهيو. ٽنهي زمانن جا نالا هن ريت آهن؛ ٽرائيسڪ زمانو، جوراسڪ زمانو ۽ ڪريٽاسيوس زمانو.
1. ٽرائيسڪ زمانو:
هن عرصي ۾ ريڙهيون پائيندڙ جانور سامهون آيا، خاص ڪري وڏي جسم وارا ڊائنوسار. هي زمانو ساڍا ٻاويهه ڪروڙ سال اڳ کان ارڙهن ڪروڙ سال اڳ تائين وارو آهي. هن دؤر ۾ ئي دنيا جو سڀ کان وڏو ڊائنوسار ۽ ان سان گڏ وڏي جسامت وارا گوشت خور پکي به نظر اچن ٿا.
2. جوراسڪ زمانو:
18- ڪروڙ سال اڳ کان ساڍا 13- ڪروڙ سال اڳ تائين واري هن دؤر ۾ ڌرتيءَ تي ڊائنوسارن جو راڄ هو.
3. ڪريٽا سيوس زمانو:
13- ڪروڙ سال اڳ کان ست ڪروڙ سال اڳ تائين جو دؤر.
ان بعد سينوزوئڪ جُڳ (Cenozoic Era) ست ڪروڙ سال اڳ شروع ٿيو ۽ تازي دؤر تي پورو ٿيو آهي. هن جُڳ ۾ زمين اها صورت ورتي ۽ زندگيءَ جي واڌ ويجهه ٿي، جيڪا اڄ زمين تي ڏسجي ٿي. هن ئي دؤر ۾ کير ڏيندڙ جانور ۽ گل ٻوٽا وغيره وڏي پئماني تي پکڙيا آهن. ڌرتي وديا جي ماهرن هن دؤر کي ٻن حصن ۾ ورهايو آهي.
(1) ٽريشري زمانو: ست ڪروڙ سال اڳ کان 25 لک سال اڳ تائين، هن عرصي ۾ زمين تي وڏن جبلن خاص ڪري هماليه ۽ الپس وجود ورتو. زمين جي جاگرافيائي بيهڪ به ٿوري گهڻي فرق سان ساڳئي هئي. البت هاڻوڪو سنڌو ۽ گنگا وارو ميداني ڀاڱو سمنڊ هيٺ هو. عربستان، عراق ۽ ايران جا به ڪي حصا پاڻيءَ هيٺ هئا. سائيبيريا ۽ الاسڪا وارا حصا پاڻ ۾ خشڪيءَ رستي ڳنڍيل هئا، جنهن سبب جانور آمريڪا کان يورپ ۽ ايشيا ۽ يورپ مان آمريڪا کنڊ ڏانهن پکڙيا. هن دؤر ۾ مماليه گهڻي ارتقا ڪئي. ماهرن ٽريشري دؤر کي به اڃا پنجن دؤرن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي:
(1) پيليوڊين (Palaeodene):
ساڍا ڇهه ڪروڙ سال اڳ کان پنج ڪروڙ 90- لک سال اڳ تائين.
(2) ايوسين (Eocene): 5- ڪروڙ نوي لک سان اڳ کان ٽي ڪروڙ چاليهه لک سال اڳ تائين
. (3) اوليگوسين (Oligocene): ٽي ڪروڙ چاليهه لک سال اڳ کان 2- ڪروڙ پنجاهه لک سال اڳ تائين.
(4) مايوسين (Miocene): اڍائي ڪروڙ سال اڳ کان هڪ ڪروڙ 20 لک سال اڳ تائين.
(5) پلايوسين (Pliocene): هڪ ڪروڙ ويهه لک سال اڳ کان 25 لک سال اڳ تائين پلايوسين دؤر ۾ راماپٿيڪس وجود وٺي چڪو هو. جيڪڏهن ان مخلوق کي سچ پچ انساني نسل جو تڙ ڏاڏو تصور ڪيو وڃي ته پوءِ اهو چئي سگهبو ته اڄ کان پنجاهه لک سال اڳ ٽريشري دؤر ۾ جنم وٺندڙ ماڻهو ان جو ئي اولاد هوندو. ٽريشري زمانو اوائلي انساني توڙي بن مانس نسل جي تڙ ڏن جي ارتقا، زمين جي مختلف حصن تي پکڙجڻ، مختلف کنڊن ۾ ورهائجي وڃڻ ۽ موت ۽ حيات جي تمام نازڪ مرحلن کي مُنهن ڏيڻ تي مشتمل آهي. پيليوسين زماني جا پنڊ پاهڻ تمام گهٽ ملن ٿا. ڪجهه ڊائنوسارن جا پنڊ پهڻ هاڻوڪي آمريڪي رياست مان مليا آهن. البت کير ڏيندڙ مماليه وڌي ويجهي رهيا هئا. ايوسين جُڳ ۾ کرن وارا مماليه ظاهر ٿيا. هن ئي دؤر ۾ ڪي اهڙا مماليه به ظاهر ٿيا، جيڪي هٿن پيرن سان ڪجهه جهلڻ ۽ وڻن تي چڙهڻ ۽ لڏڻ جون صلاحيتون رکندڙ هئا ۽ انهن جي جسم ۽ ميڄالي جي نسبت اڄوڪي ماڻهوءَ جيتري هئي. اوليگوسين زماني ۾ ڌرتيءَ تي گاهه جا وڏا ميدان پيدا ٿيا ۽ ان ئي دؤر ۾ وڏي جسمات وارو جانور ”اندرا ڪوٿيزيم“ ايشيا ۾ نظر اچي ٿو. ڊگهي ڳچي واري هن رهينوسارس جو قد لڳ ڀڳ 15 فٽ هو. هن ئي زماني سان تعلق رکندڙ هڪ اهڙي مخلوق جا پنڊ پهڻ مصر جي ”فايوم“ علائقي مان مليا آهن، جيڪي انسان/ بن مانسي نسل جا تڙ ڏاڏا ٿي سگهن ٿا. مايوسين زماني ۾ ايشيا ۽ يورپ ٻيلن سان ڀريل هئا. ان زماني جي پڇاڙڪي وقت ۾ ايشيا، يورپ ۽ آفريڪا جي وچ ۾ موجود خشڪ گذرگاهن تان ڀولڙا، بن مانس ۽ ان سلسلي جون ٻيون مخلوقون اتر ڏانهن وڌيون. انهن ۾ هڪ ٻيو ڳرو نسل ”ڊرايوپٿيڪس“ هو، جيڪو اڄوڪن جيئرن بن مانسن جو پڙ ڏاڏو سمجهيو وڃي ٿو، جن ۾ چمپانزي، گوريلو، ورنگوٽان ۽ گبن شامل آهن. ڊرايوپٿيڪس کان پوءِ ان ئي دؤر جي پڇاڙڪي وقت ۾ رامپٿيڪس ظاهر ٿيو، جيڪو هاڻوڪي انساني نسل جي ارتقا واري سلسلي ۾ سڌي ليڪ تي بيٺل نظر اچي ٿو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته رامپٿيڪس جا پنڊ پهڻ سنڌو ماٿريءَ جي ڪنڌي تي موجود پوٺوهار علائقي مان به مليا آهن. مايوسين دؤر جي مهڙ ۾ ئي بلوچي ٿيريم ڊائنوسار بلوچستان ۾ موجود هو. جنهن جو قد ڪلهن تائين 18 فٽ هو. هي جانور، ڌرتيءَ جي تاريخ ۾ سڀ کان ڳرو ۽ ڊگهو مماليه هو. مٿي تي سڱ ڪونه هئس، گاهه خور هو. سائنسدانن جو خيال آهي ته اهو گينڊن جو تڙ ڏاڏو هو. پلايوسين زماني ۾ ڌرتيءَ جي آبهوا ۾ تبديليون نظر اچن ٿيون، جنهن ڪري وڏي ڀاڱي ۾ خشڪ ۽ ٿڌيون هوائون هليون، تڏهن کان جانورن ٻيلن ۽ ميداني علائقن مان ڪنهن هڪ پاسي رهڻ جي چونڊ ڪئي. هن زماني ۾ اسان کي Gigantopithcus بن مانس به ميداني علائقي ۾ ڏسجي ٿو، جيڪو قد بت ۾ ڊرايوپٿيڪس کان به ڳرو هو. ساڳئي دؤر ۾ ڏاکڻو ماڻهو يعني آسٽرالوپٿيڪس به سامهون آيو. ان بعد ڪوارٽرنري زمانو شروع ٿيو. هيءُ دؤر اڄ کان پنجويهه پنجاهه لک سال اڳ شروع ٿي، اڄ تائين پهتو آهي. ڪي محقق هن دؤر کي سينوزوئڪ جڳ کان پوءِ چوٿون جُڳ ڪري ليکين ٿا۔
بهرحال ڌرتي ۽ زندگيءَ جي ارتقا جي لحاظ کان هيءُ جديد زمانو آهي، جنهن کي اڃا به ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي:
(1) پلائسٽوسين (Pleistocene): هي دؤر لڳ ڀڳ پنجاهه لک سان اڳ شروع ٿي 11-10 هزار سال اڳ ختم ٿي ويو. ان دؤر ۾ ڪيئي ڀيرا زبردست موسمي تبديليون آيون ۽ ڌرتيءَ جي وڏن ڀاڱن تي برف جا وڏا تهه چڙهي ويا. اتر وارن علائقن ۾ اهي تهه اڪثر هنڌن تي ڏهه ڏهه هزار فٽ اوچا هئا. جڏهن جڏهن برف جا تهه وڌيا ٿي، تڏهن تڏهن سمنڊ جي سطح هيٺ ٿي پئي وئي ۽ مختلف قسم جا جانور ۽ مخلوقون ڌرتيءَ جي مختلف حصن تي سولائي سان پکڙجي ٿي ويون. وري جڏهن برف پگهرڻ ٿي لڳي ته سمنڊن جي سطح وڌڻ سبب هيٺاهينءَ واريون زمينون پاڻيءَ هيٺ اچي ٿي ويون. جنهن ڪري مخلوقون هڪٻئي کان جدا حالتن ۾ ارتقائي ڏاڪا طئي ڪرڻ ٿي لڳيون. ان عظيم دؤر وچ ۾ برف ڄمڻ ۽ پگهرڻ جا اٺ وڏا دؤر لڌا ويا آهن، جن مان اّري دؤر اڄ کان ڏهه هزار سال اڳ ختم ٿي ويو آهي. ان ڪري هن سڄي دؤر کي برفاني دؤرن جو دؤر چئي سگهجيٿو. هن کان اڳ وارو برفاني دؤر اٽڪل 57 ڪروڙ سال اڳ هو. موسمن ۾ تبديلين ۽ سختين سبب زندگيءَ به وڏا عذاب ڏٺا، ڪيئي نسل ختم ٿي ويا ۽ انسان هاڻوڪي شڪل اختيار ڪري پٿر جي دؤر ۾ شامل ٿيو. ماهرن جي اندازي موجب پٿري دؤر جي پرڀات اڄ کان پنجويهه ٽيهه لک سال اڳ شروع ٿي. آرڪيالاجيءَ جي ماهرن پٿر جي پرڀاتي دؤر سان تسلسل ۾ پٿر جو قديم دؤر شامل ڪيو آهي، جنهن کي پٿر جي سڀ کان قديم، وچين ۽ آخري قديم دؤر ۾ ورهايو ويو آهي.
(2) هولوسين (Holocene): اڄ کان پندرهن هزار سال اڳ زمين تان برف ڳرڻ شروع ٿي وئي هئي، پر پوءِ (اٽڪل ڏهه هزار سال اڳ) برف ڳرڻ جو عمل اوچتو ئي اوچتو وڌي ويو. ڌرتيءَ تي گرميءَ جي لهر تکي ٿي، سمنڊن جي سطح گهٽ وڌ ٿي، اتر وارن علائقن خاص ڪري هماليه جي دامن مان نديون ڀرجي ٻوڏ آڻڻ لڳيون ۽ ميدان موچارا ٿيڻ لڳا. سائنسدانن جي راءِ آهي ته مذهبي ڪتابن ۾ جنهن عظيم ٻوڏ جو تصور آهي، سو ان ئي زماني جو پڙاڏو آهي. برفاني دؤر جي پڄاڻيءَ کان پوءِ پاڪستان ۾ زرعي دؤر شروع ٿيو، جنهن جو هيل تائين هٿ آيل پهريون ثبوت مهر ڳڙهه (سبي، بلوچستان) آهي. انساني ارتقا جي لحاظ کان مهر ڳڙهه نيوليٿڪ سماج ۾ شامل ٿئي ٿو۔
۔۔۔جاري آهي۔۔۔
No comments:
Post a Comment