"ظهور احمد"
مريخ ۽ مشتري جي وچ ۾ 550 ملين ميلن جي جاء ۾ ڪرڙين پٿر ڦرن پيا. ھنن شھابين جي سائيز ڪجھ ميٽرن کان وٺي ڪئي سو ڪلو ميٽر تائين آھي. ڪجھ شھابين کي پنھنجا چنڊ پڻ آھن. جيئن ته اسان کي خبر آھي تہ ھي تمام شھابيا پٿر جا ٺھيل آھن. ماھرين جي بقول ھي پٿر ڪائنات جي شروعاتي وقت جون باقيات ۽ يادگيريون آھن. ٻين گرھن جي ابتڙ ھي پٿر ڪڏھن به ڪو آڪار نه وٺي سگھيا آھن. ان جي پٺيان مضبوط ۽ انتھائي طاقتور گريوٽي جي مالڪ گيسي پربت مشتري آھي جيڪو انھن کي پاڻ ۾ ٽڪرائيندو رھندو آھي .
ھنن شھابين مان لڳ ڀڳ 18،000 ھزارن کان وڌيڪ پٿرن کي نالا ڏنا ويا آھن. انھن جا نالا پراڻي يوناني فلسفي طور رکيا ويا جيتوڻيڪ جلد ئي انھن تي ٻيا نالا بہ رکبا . وڏي انگ ۾ پٿرن کي راڻين، شين، مشھور شخصيتن، تارن جي ماھرن جي گھروارين جا نالا رکيا ويندا. ٻيا 95،000 ھزار انگن وسيلي سڃاتا ويندا.
ھي شھابيا وڏي انگ ۾ آھن جيڪي 80،000 ھزار ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي حساب سان سفر ڪن پيا جڏھن ته انھن ۾ وڏو مفاصلو آھي پر پوء به انھن جا پاڻ ۾ ٽڪر ٿيندا رھن ٿا.
اڄ تائين زمين سان ٽڪرائجندڙ 50،000 ھزار شھابين مان 99.8 سيڪڙو شھابيا Asteroid Belt مان آيا آھن. ماھرين جي چوڻ موجب ميڪسيڪو ۾ ٺھيل کڏ Crater به انھن پٿرن مان ڪنھن ھڪ جو نتيجو آھي . ياد رھي ته سائنسدانن موجب ان پٿر ڌرتي تان ڊائناسور ختم ڪيا ھئا. ھي پٿر 6 ميل جو ھو. ان جي رفتار 12 ميل في سيڪنڊ ھو جنھن سان 65 ملين ميگاٽن TNT انرجي خارج ٿي. ان کي آسان طريقي سمجھڻ لاء ھيروشيما ايٽم بم ھر سيڪنڊ ڦاڙجي 140 سالن تائين ان جيتري طاقت ھن پٿر پيدا ڪئي جنھن سان سڄي ڌرتي تي سونامي ۽ زلزلا اچي ويا. ڪئي سالن تائين مٽيء جي طوفان سج جي روشني کي ڌرتي تي پھچڻ کان روڪي ڇڏيو. جنھن ڪري ڌرتيء تان 70 سيڪڙو حياتي ختم ٿي وئي. اھو پھريون واقعو نه ھو جيتوڻيڪ ان کان اڳ به ايئين ٿي چڪو ھو جنھن کان پوء ڊائناسور پلجي سگھيا ۽ ھي آخري واقعو به نه ھو ايئن مستقبل ۾ به ڪو رولو پٿر پنھنجي واٽ تان ھٽي ڪري ڌرتيء سان انساني حياتيءَ کي به ختم ڪري سگھي ٿو.
اھو پٿر بابيسٽينا خاندان جو ھو. ھي خاندان اڃان به ڌرتيء لاء خطرناڪ آھي ڇو جو ھي پنھنجي مدار کان ھٽندو وڃي پيو. ڪاسڪي فورس انھن کي مدار مان ھٽائي پيو. ڪاسڪي فورس يعني سج مان نڪرندڙ سولر ونڊ يا شمسي ھوا. اھو طاقت ايترو وڌيڪ ته نه آھي جيتوڻيڪ ڪروڙن سالن ۾ ھن جو اثر نظر اچي ٿو.
1918 ۾ جاپاني اسٽرانومر Kiyot Sugu Hirayama نوٽ ڪيو ته شھابيا ساڳيءَ جوڙجڪ جا آھن رفتار به ساڳي اٿن ۽ ڦرن به ھڪ نموني ٿا. ھن انھن کي خاندان جو نالو ڏنو . ھي پٿر ڪنھن وڏي جسم جا آھن جيڪي ڪنھن زبردست ٽڪراءَ جي نتيجي ۾ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا. ھن مھل تائين ڄاتل خاندان 20 کان 30 آھن. Eunomia, Flora, Koronis, Eos, Themis, ھي ڪجھ مشھور خاندان آھن. Flora وڏي ۾ وڏو خاندان آھي. جنھن جي ميمبرن جو انگ 800 آھي. يقينن ڪروڙين سال پھرين ڪنھن حادثي سبب وجود ۾ آيا ھوندا. Eunomia خاندان جا 400 ممبر آھن . Eos, Koronis, Themis جي ويجھو دز ڏٺو ويو جيڪو ھنن جي ٽڪرائڻ مھل ھنن کان ڌار ٿيو ھو. Hungaria Family ھن جا 52 ميمبر نالي وارا شھابيا آھن. ھي خاندان سج کي 2.5 اسٽرونوميڪل يونٽ مفاصلي کان ڦرن ٿا. ڪجھ خاندان نوان آھن جيئن Karin cluster , progenitor, Veritas, datura آھن.
انھن شھابين کي سمجھڻ لاء خلائي مشن پڻ انھن تي موڪليا ويا. پھرين خلائي مشن Pioneer 10 ھو جيڪو 16 جولاء 1972ء تي Asteroid Belt گھمايو. ان مھل اھيو خيال ڪيو ويو تہ ھن واٽ جو ڪچرو خلائي گاڏين کي نقصان پڄائيندو جڏھن ته ايئن نه ٿيو ۽ 12 خلائي مشن بنا ڪنھن نقصان جي اتان لنگھي ويا. ھي ڳالھ حيرت جي آھي ته Pioneer 11, Voyager1, Voyager 2 ۽ Ulysses ھن واٽ Asteroid Belt مان ڪنھن به شھابيي جي تصوير نه ڪڍي سگھيا يعني ڪو شھابيو ھنن جي ويجھي نه آيو. Galilean space craft پنھنجي سفر دوران 1991ء ۾ گيسپرا Gaspra جي تصوير ڪڍي، 1993ء ۾ Ilda جي 1997ء ۾ Mathilde جي جڏھن ته Cassini پنھنجي سفر دوران 2000ء ۾ Masursky جي تصوير ورتائين 2002ء ۾ Stardust تصوير ورتي Anne Frank جي، 2006ء ۾ New Horizon تصوير ورتائين 132524 APL جي، ان کان علاوه 2008ء ۾ Rosetta space craft تصوير ورتي Steins شھابيي جي ۽ 2010ء تي پڻ Lutetia جي.
ڊان Dawn space craft سيريز Ceres ۽ ويسٽا Vesta تي ويو جيڪي پڻ Asteroid Belt جو حصو آھن. ڊان Dawn space craft ۽ Hayabusa مشنن ڪجھ وقت لاء ان بيلٽ جي شھابين جو مطالعو ڪيو، جيتوڻيڪ Juno بنا ڪنھن ڄاڻ گڏ ڪرڻ جي لنگھي ويو.
ھن پٽيءَ ۾ ڪجھ ناليوارا شھابيا پڻ شامل آھن جيئن Vesta, Pallas, Hygiea, Juno, Astraea شامل آھن.
1868ء کان 1891ء تائين 100 شھابيا دريافت ٿيا. جڏھن ته 1921ء تائين اھو تعداد 1000 ھزار ٿي ويو. 1981ء تائين اھو انگ وڌي ڏھ ھزار ٿي ويو. جيئن جيئن کوج لاء استعمال ٿيندڙ اوزار ترقي ڪندا ويا کوج ۾ اوتري تيزي آئي. 2000ء تائين ھي تعداد لک کي وڃي پھتو.
شھابين جي وھڪري ۾ 200 پٿر 100 ڪلو ميٽر ۽ ان کان وڏا آھن. جڏھن ته 1.1 ملين کان 1.9 ملين شھابيا ھڪ ڪلو ميٽر کان وڏا ۽ لکين ان کان ننڍا آھن.
ھن واٽ Asteroid Belt ۾ عجيب شھابيا آھن ڪجھ ته ڪچرو کڻي ڦرن پيا ڪنھن کي ٻه چنڊ آھن ڪنھن جي شڪل ڪري جي ھڏي جھڙي آھي. ڪنھن تي ايترا وڏا کڏا آھن جو حيرت ٿيندي آھي ته اھي ڀورا ڀورا ڇو نه ٿيا. ڪجھ ته ھڪ ٻئي کي ڦرن ٿا. خير قدرت جي ھن عجيب جھان کي بيان ڪرڻ لاء لفظ کپن جيڪي مون وٽ نه آھن . آئون پنھنجي وس آهر ڪجھ ذڪر ھيٺ آڻيان ٿو.
ايروس Eros امور گروپ Amor Group جو آھي. ھي پھريون دريافت ٿيل ڌرتي جي ويجھي ٻئي نمبر تي آھي. ھي 16.8 ڪلو ميٽر جو آھي. 1998ء ۾ Near Shoemaker ھن ڏانھن ويو. ھي پھريون مطالعي ھيٺ ايندڙ پٿر پڻ آھي. ھي سج کي 1.7 ھڪ سال ست مھينن ۾ ڦري ٿو. ھن جي کوج Berlin Urania Observatory ۾ 13 آگسٽ 1898ء ۾ جرمن اسٽرانومر Carl Gustav Witt ڪئي.
گيسپرا Gaspra پندرنھن ڪلو ميٽر جو آھي جنھن جون ڪئي تصويرون گليليو خلائي مشن موڪليون.
اٽوڪاوا Itokawa به ھن واٽ ۾ آھي . ھن ويجھڙائيءَ ۾ ڌرتيء ڏانھن پير وڌايا آھن. ھي ملبي جو يعني ڪچري جو ترندڙ شھابيو آھي. ڪنھن گرھ جي کنڊرات وانگي. جاپاني خلائي مشن ھايابوسا ھن تي ٻه ٻه ڀيرا لٿو ۽ دز جا نمونا گڏ ڪيائين.
ڪليوپيٽرا Kleopetra ھي 138 ڪلوميٽر جو آھي. 10 اپريل 1880ء ۾ آسٽريلين ماھر کوج ڪئي . ھن جا ٻه چنڊ 2008ء ۾ کوج ٿيا . جن جا نالا Alexhelios, Cleoselene آھن.
ڪميلا Camilla وڏو شھابيو آھي 209 ڪلو ميٽر جو ۽ ٻه چنڊ پڻ آھن ھن جي کوج مدراس ۾ 17 نومبر 1868ء ۾ ٿي.
اسونيا Ausonia ھي 100 ڪلو ميٽر جو آھي . ھن جي کوج 1861ء ۾ ٿي
No comments:
Post a Comment