"ظهور احمد"
زمين جي ويجھڙائيء کان گذرندڙ ھي شھابيو 2002 اي جي 129 کي برج Virgo ۽ Leo وٽان گذرندي 5 کان 7 فيبروري تي ڏسي سگھبو.
لڳ ڀڳ 500 ميٽر کان وٺي ھڪ ڪلو ميٽر جي ماپ جو شھابيو 2002 Aj129 فيبروري 4 تي 9:30pm تي زمين جي ويجھي کان گذرندو . 16 سالن کان ھن جو مطالعو ھلي پيو . ھي پٿر يا شھابيو (Near Earth Asteroid Tracking (NEAT وارن Haleakala Observatory Center Hawaii ۾ 15 جنوري 2002 تي کوج ڪئي وئي.
ھي پٿر 2002 Aj129 سج کي 586 ڏينھن ۾ پنھنجو چڪر پورو ڪري ٿو. جيڪڏھن آسمان صاف آھي ته فيبروري جي شروعاتي ھفتي ۾ ھن ھڪ ڪلو ميٽر جي آسماني پٿر کي ڏسي سگھجي ٿو. ھي يارنهن چنڊن جي مفاصلي کان زمين جي ويجھڙائيء کان گذرندو. 2002 Aj129 پنج کان وٺي ست فيبروري دوران پنھنجي سڀني کان وڌيڪ روشن +12Magnitude تي پھچندو جيڪو ھن جي ڏسڻ لاء ڪافي آھي. ھي پٿر 15mm جي ٽيلي اسڪوپ سان Virgo , Leo ۽ Cancer جي برجن وٽان ڏسي سگھبو.
4 فيبروري تي ھي زمين جي 4.2 ملين ڪلو ميٽر يعني 4،207،600 ٻائيتاليھ لک ست ھزار چھ سو ڪلو ميٽر ويجھي کان گذرندو . ماضي ۾ ھي شھابيو اسان جي زمين کان 1904ء ۾ 3 ملين يعني ٽيھ لک ڪلو ميٽر کان گذريو ھو.
زمين جي لاء خطرناڪ ڄاڻايل پٿرن جي لسٽ ۾ شامل ھي 2002 Aj129 جو لڳ ڀڳ 100 سال تائين زمين سان ٽڪرائڻ نا ممڪن آھي. ھن جي ٻيھر زمين جي ويجھي کان گزر 8 فيبروري 2172 ء تي 0.00458AU يعني 6،85،158.248 چھ لک پنجاسي ھزار ھڪ سؤ اٺونجاھ ڪلو ميٽر ھوندو. ھن کي 4 فيبروري کان پنھنجي ستاري جي مخالف سمت سفر 34 ڪلو ميٽر في سيڪنڊ جي اسپيڊ سان سمبريرو گليڪسي sambrero galaxy وٽان گذرندي ڏسي سگھبو.
ھي اسٽرانومرن لاء ھڪ چيلنج آھي ته ھن چانڊوڪي رات ۾ ھن شھابيي جي تصوير ڪڍڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿا يا نه ھي وقت ٻڌائيندو. ھن جي سمبريرو گليڪسي وٽان تصوير ڪڍڻ لاء 500mm جي ڪيمرا استعمال ڪري سگھجي ٿي.
ھي 2002 Aj129 جيڪو مرڪري کان به وڌيڪ سج جي ويجھي کان گذرندو آھي زمين جي برج الخليفہ جي سائيز جي پٿر جو ٻيو محور جو ڦيرو سيريز بوني گرھ کان به پوء آھي. ھي خطرناڪ شھابين جي لسٽ ۾ اچي ٿو جيڪي مرڪري، زھرہ، زمين ۽ مريخ جي مدار کي پڻ ڪٽي ٿو.
14 سال مطالعي سان ھن جي مدار جي چڳي ڄاڻ ملي وئي آھي. ھن کي آخري ڀيري 2016 تي چيڪ ڪيو ويو. ھن جي سج کي چڪر ھڻڻ دوران 18 ملين ڪلو ميٽر يعني ھڪ ڪروڙ اسي لک ڪلو ميٽر جو مفاصلو ھجي ٿو. آھي نه حيرت جھڙي ڳالھ؟
اھڙن شھابين پھريان به زمين تي تباھي مچائي ھئي. تنھن ڪري انھن جي سخت نگراني ڪئي ويندي آھي. جيڪڏھن اھي زمين ڏي اچڻ جي ڪندا ته انھن کي نئي ٽيڪنالاجي وسيلي تباھ ڪبو يا انھن جو منھن موڙي ڇڏبو ته جيئن اھي آبجيڪٽ ڪائنات جي اتاھ گھرائين ڏانھن ھليو وڃي.
شھابيا جيڪي زمين کي ٽڪرائجن ٿا انھن کي ميٽيرائيڊز Meteoroids چيو ويندو آھي. جڏھن اھي زمين جي وايو منڊل ۾ داخل ٿين ٿا ته سڙڻ کان پوء اچي زمين تي ڪرن ٿا. 2013 ۾ ھڪ ميٽيورائيڊ رات جي وقت روس ۾ زمين سان ٽڪرائجي ويو جنھن سان 500 ماڻھو زخمي ٿيا جڏھن تہ ڪيئي ماڻھن جي ھن ڏانھن غور سان نھارڻ ڪري ھن جي ٻرڻ دوران نڪتل روشني ڪري نظر وڃائي انڌا ٿي ويا
No comments:
Post a Comment