Thursday, 7 November 2019

ملڪي وي کان اڳتي

ملڪي وي کان اڳتي
”دريا خان“

جڏهن آئون ٻار هوس تہ، بروڪلن نيويارڪ ۾ رهندو هوس، تڏهن آئون سمجھندو هوس تہ ڪائنات منھنجي ڀر واري پاڙي جيتري جڳھ کان ڪجھ گھڻي وڏي هوندي، پر جڏهن آئون وڏو ٿيس، ۽ فلڪيات دان ٿيس تہ موکي احساس ٿيو تہ هي ڪائنات پنھنجي حقيقت ۾ منھنجي ننڍپڻ جي تصور کان وڏي ئي نہ هئي، پر اڻ حد تائين وڏي هئي. (ڪارن ساگان، ڪوسموس ماهر فلڪيات) 1610ع ۾ اطالوي سائنسدان گيليلو پنھنجي ايجاد ڪيل دوربين سان روشني جي ان پکڙيل پٽي جو مشاهدو ڪيو هئو، جنھن کي هزارين سالن کان وٺي ماڻھون آسمان ۾ وهندڙ، کير جي شاخ، يعني”ملڪي وي“ چوندا پيا اچن. دوريبن استعمال ڪرڻ تي روشني جي هي پٽي، اڻ کٽندڙ چمڪندڙ تارن ۾ تبديل ٿي وئي، هي تارا ويجهڙائي ۾ ايترا ويجھو ھئا، جو انساني اک بہ انھن کي سولائي سان ڏسي پئي سگھي. گليليو جي اها دريافت ڏيڍ سئو سال تائين فلڪيات دانن لاءِ مٿي جو سور بڻي رهي، ڇوجو ان زماني ۾ گمان نظريات جو خيال هئو تہ ڪائنات ۾ تارا برابر ۽ باترتيب انداز ۾ پکڙيل آهن، وقت انھي طرح گذرندو ويو ۽ آخر مشھور انگريز فلڪيات دان، وليم هرشل ان ميدان ۾ لٿو، انھن زميني مٿاڇري تي پکڙيل 683 حصن جون تفصيلون لکيون ۽ ان حصن ۾ موجود روشن تارن جي انگن جو بہ پتو لڳايو، اهو ان نتيجي تي پهتو آسمان تي موجود تارن جو ميڙ هر هنڌ تي نظام شمسي جي ويجهو هڪ عڪسي شيشي جيان شڪل ۾  ويڙهيل آهي، ان ۾ سج جو پتو، ان جي مرڪز کان ويجھو آهي. هرشل جيڪو حساب لڳايو، ان موجب لمابي جي پاسي تي ان عڪسي شيشي جو قطر عراضي 1,500 نوري سال جڏهن تہ موٽائي جو پاسو 800 سئو نوري سال هئو موسمي دائري جي ويجھو عڪسي شيشي جھڙوڪر تارن ۽ ٻين فلڪي جسمن جي ان ميڙ کي”ملڪي وي“ جو نالو ڏنو. ملڪي وي جي صورت بابت هرشل جو تصورتو حيران ڪندڙ طور تي صحيح هئو، پر انکان پوءِ جسامت بابت انجو اندازو گھڻو گهٽ ثابت ٿيو. 1920ع جي شروعاتي مھينن تائين فلڪيات دان اهو معلوم ڪري چڪا هئا، تہ(ملڪي وي) تقريبن هڪ لک نوري سال جي پنڌ جي ويجھو پکيڙيل آهي، جڏهن تہ سج انجي مرڪز کان 27 هزار نوري سال پري آهي. ملڪي وي جو مرڪز پاڻ 16 هزار نوري سال جيترو ٿلو آهي، ۽ اها سج جي مقام تي اها موٽائي گهٽ ٿي ڪري 3 هزار نوري سال جيتري رهجي ويندي آهي

:- اسانجي ملڪي وي ۾ ڪيترا تارا آهن

مٿي اهو مسئلو تہ حل ٿيو تہ ملڪي وي حقيقتن عڪسي شيشي جيان آهي، ۽ ٻيا جسم فلڪي جو ميڙ آهن، پر هاڻ اهو سوال ذهن ۾ اچي ٿو، آخر اسانجي ملڪي وي ۾ تار ڪيترا آهن؟ 1920ع ۾ مشھور ماهر فلڪيات، اورٽ ان سوال جو جواب معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اهوئي ان نتيجي تي پهتا تہ اهوئي تارا جيڪي ملڪي وي جي مرڪز جي ويجھو آهن، اهوئي انھن تارن جي نسبتن گھڻي تيزي سان چڪر لڳائي رهيا آهن، جيڪي انجي مرڪز کان پري آهن، انھن موسمي دائري کان تارن جي اضافي حرڪت جو مشاهدو ڪيو ۽ ٻڌايو تہ اسانجو سج بہ ملڪي وي جي مرڪز جي ويجھو 140 ميل في سيڪنڊ جي رفتار سان تقريبن دائري مدار ۾ چڪر لڳائي رهيو آهي، ان رفتار سان اسانجو سج 230,000,000 يعني ٻہ ڪروڙ ٽيھ لک سالن کانپوءِ ملڪي وي جي مرڪز جي ويجھو پنھنجو هڪ چڪر پورو ڪري وٺندو آهي. پوءِ اورٽ جن ملڪي وي جي مرڪز ۽ سج جي وچ ڪشش ثقل جو حساب لڳايو، انھن اها ڳالھ دريافت ڪئي تہ ملڪي وي جي مرڪز جي ڪميت کي سج جي ڪميت سان 90 هزار ملين (90 ارب) جيترو وڌيڪ هجڻ گھرجي. ائين، جيڪڏهن اهو فرض ڪجي تہ ملڪي وي جي ڪميت جو 90 سيڪڙو انجي مرڪز ۾ موجود آهي، تہ ان ڪهڪشان جي ڪل ڪميت، سج جي ڪميت کان هڪ لک ملين (100 ارب) سيڪڙو وڌيڪ هوندي، وڌيڪ جيڪڏهن سج کي هڪ سراري تارو مڃيو وڃي تہ، اسانجي ڪهڪشان ملڪي وي ۾ سئو ارب تارا موجود ٿيندا. 

هلندڙ.....
#Milkyway #ScienceJeDuniya

Monday, 4 November 2019

هڪ نظر ٽيڪٽونڪ پليٽن تي

هڪ نظر ٽيڪٽونڪ پليٽن تي
”دريا خان“

اسان زمين جي جنھن حصي تي رهندا آهيون انکي”ڪرسٽ Crust زميني تھ“ چئبو آهي جيڪا ظاهري طور ساڪين ۽ سڌو نظر اچن وارو زميني ڪرسٽ تھ حقيقتن ننڍن ننڍن حصن ۾ ڀاڳا ٿيل آهي، ۽ ان ۾ هر ان حصي کي هڪ وڏي”ٽيڪٽونڪ پليٽ Tectonic Plate“ چئبو آهي، ڪرسٽ تھ اندازن چوويھن ننڍين وڏين پليٽن ۾ ٽٽل آهي، انھن مان ست وڏيون، ڇھ وچوليون جڏهن تہ ٻارهن کن پليٽون ننڍيون آهن، وڏيون پليٽون ڇا آهن، اهو ڄاڻڻ کان پھريان زمين جي بناوت کي سمجھڻ ضروري آهي. جيڪڏهن اسان زمين کي هڪ وڏو بصر تصور ڪيون تہ. ان بصر جو رداس Radius قطر، يعني نيم قطر 6,411 ڪلوميٽر هوندو. ان بصر جون کلون يعني زمين جي ڪرسٽ تھ جي موٽائي خالي 5 ڪلوميٽر کان 40 ڪلو ميٽر تائين هوندي. کلن جي اندر ڳريل مادو پٿرن تي مشتمل زميني”مينٽل Mantle چادر“ جي موٽائي 2,885 ڪلو ميٽر هوندي. جڏهن تہ بصر جو اندر وارو حصو يعني گھڻو گرم پر ڄميل زميني”ڪور Core اندرين حصي“ جي موٽائي 3,486 ڪلو ميٽر هوندي. پر زميني اندرين حصي جا بہ ٻہ حصا آهن، ٻاهريون حصو 2,270 ڪلو ميٽر جيترو ٿلهو آهي جڏهن تہ اندر وارو حصي جي موٽائي 1,216 ڪلوميٽر آهي.”ڪرسٽ Crust زميني تھ“ ۽ انجي هيٺان موجود مينٽل چادر جو سڀ کان ٻاهر وارو حصو هڪٻئي سان ملي ڪري ڪنھن”پڪي تھ rigid layer“ جيان عمل ڪندا آهن، ۽ انھن کي هر هنڌ تي”ليٿواسفيئر lithosphere“ يعني پٿريلي ڪرھ چيو ويندو آهي. جنھن جي موٽائي 3 ٽي سئو ڪلوميٽر کان 4 چار سئو ڪلوميٽر تائين هوندي آهي. وڏين پليٽون اصل ۾ اهڙي ليٿواسفيئر جا وڏ وڏا ٽڪڙا هوندا آهن، جيڪو ڳريل مادو چادر جي مٿان ترندا ۽ چرپر ڪندا رهندا آهن، پر وڏين پليٽن ۾ حرڪت ڪرڻ يا چرڻ جي رفتار گهڻي سست هوندي آهي. ايتريون سست جو هر پليٽ هڪ سال ۾ تقريبن ڏھ ملي ميٽر کان وٺي ڪري پنجاھ ميٽر تائين ئي پنھنجي جڳھ کان هٽندي آهي. 

Sunday, 3 November 2019

تصوير جي حرڪت

تصوير جي حرڪت
”دريا خان“

ٿامس ايلو ايڊيسن 20 مئي 1891ع ۾ هڪ نئي ايجاد”ڪائنيٽو اسڪوپ“ جي عملي نموني ”پروٽوٽائپ“ جي ڏيکاءُ کي ظاهر ڪيو، انکان پوءِ 9 مئي 1893ع ۾ ان اوزار جو باقاعدو ڏيکاءُ بہ ظاھر ڪيو ويو. هي ايجاد، آمريڪا ۽ يورپ ۾ فلمي ڪلچر جي هٿي جي شروعات ثابت ٿي، اڄ دنيا ۾ ان اوزار کي سينما پروجيڪٽر جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي. ايڊيسن جي خواهش هئي تہ تصويرن سان گڏوگڏ آواز بہ ٻڌڻ لاءِ ملي، ائين چاليھ سال ٻڌجڻ وارين فلمن جو تصور ڪري ورتو هئو، ٻن سال کانپوءِ ان پنھنجو ٺھيل ڪيمري کي رجسٽر ڪرايو ۽ پوءِ 1895ع ۾ ايڊيسن ڪائنيٽو فون بہ منظر تي آندو، جنھن کي ڪائنيٽو اسڪوپ سان گڏ هڪ سلنڊر فونو گراف سان جوڙيو ويو. پوءِ ڪائنيٽو اسڪوپ جي نالي سان ئي مختلف طرح جا پروجيڪشن سسٽم تيار ڪيا ويا. اهو اصل ۾ صوتي ۽ بصري اوزارن جي مدد سان تيار ڪئي وئي پھرين حرڪتي فلمون هيون، جن ۾ تصويرن سان گڏوگڏ آواز بہ ٻڌڻ لاءِ ملندي هئي، 1895ع ۾ نيويارڪ شهر کي پھريون ڀيرو حرڪتي تصويرون ڏسڻ جو موقعو مليو، حرڪتي تصويرون تيار ڪرڻ واري ڪيمري لاءِ ايڊيسن سيلولائيڊ جي هڪ ڦٽي تي اهڙا مصالا لڳايا جيڪي روشني جو اثر صحيح صحيح قبول ڪري سگھن پيا ۽ ائين انجو نالو ”فلم“ رکيو. تصویرن جي حرڪت ۽ هلندي ڦرندي نظر اچڻ جو راز اهو هو تہ هر تصوير سيڪنڊ جي هڪ حصي جي دوران اک جي پڙدي تي ڄمي رهندي آهي، پوءِ ڪجھ ئي واقفي تائين ڪا تصوير سامهون نہ هوندي هئي. انکان پوءِ ٻئي تصوير سامھون ايندي هئي، انھي طرح پھرين کان ٻئي تصوير جو نقشو ملندڙ هوندو آهي ائين هلندڙ ڦرندڙ سلسلو اکين جي سامھون قائم ٿي ويندو آهي، اڄڪلھ جي حرڪتي فلم هڪ چرخي تي وڪوڙيل هونديون آھن، هر تصوير جي وچ ۾ هڪ وقفو هوندو آهي جيڪو هڪ سيڪنڊ جي 1/60 يا 1/100 حصي جي برابر سمجھو ويندو آهي
#Kinetoscope #Film
#ScienceJeDunya

Saturday, 2 November 2019

بلوچي ٿيريم Baluchitherium

بلوچي ٿيريم Baluchitherium
ترجمو: دريا خان

هاڻوڪي بلوچستان ۾  اڍائي ڪروڙ سال اڳ هڪ وڏو جانور، بلوچستان جي قديم ٻيلن جھنگلن ۾ رهندو هئو. جنھن کي ماهرن”بلوچي ٿيريم Baluchitherium “جو نالو ڏنو، اوهانکي حيرت ٿيندي تہ جابلو ۽ ويران بلوچستان ۾ ٻيلا؟ اها وري ڪھڙي ڳالھ آھي. پر اها حقيقت آهي تہ لکين سال اڳ بلوچستان هڪ سائو علائقو هئو جتي مينھن وسندا هئا ۽ شاخن ۾ پاڻي پڻ وهندو هئو. بلوچي ٿيريم جو واسطو کير ڏيندڙ جانورن جي خاندان، يعني مماليا سان آهي جيتوڻيڪ زمين جي ٻاويھ ڪروڙ سال اڳ جوڙجڪ ٿي، پر اهو زمانو ڊائنوسارز ۽ انکان اڳ پاتا ويندڙ رهڙيندڙ رپٽائلز جو هئو، جيئن هاڻوڪي نانگ، ماگر مڇ، ڪمي،ڪرڙي وغيرھ آهن. ڊائنوسارز گھڻو ڪري وڏي جسامت وارا جانور هئا، پر مماليا جي ڀيٽ آنا ڏيندا هئا، هي پنھنجي اندروني پد لاءِ ماحول جي گرمي تي ڀاڙيا هئا، هاڻي کان ساڍا ڇھ ڪروڙر سال اڳ زمين تي ارضياتي ۽ ماحولياتي تبديليون ٿيون، جنھن سبب خشڪي تي موجود وڏن نسلن وارا ڊائنوسارز گھڻي ڀاڱي ختم ٿي ويا. ان خطرناڪ تبديلي حياتياتي انقلاب کانپوءِ مماليا کي اڳتي وڌڻ جو موقعو ڏنو ۽ اڄ گھڻي ڀاڱي زمين تي مماليا جو عروج آهي، مماليا خاندان ۾ بلوچي ٿيريم خشڪي تي سڀ کان وڏي قد وارو جانور سمجھو ويندو هيو، ائين انھي ريت سمنڊ ۾ وهيل مڇي، مماليا جي وڏي جسماني قسم آهي. بلوچي ٿيريم جي دريافت ائين ٿي جو 1911ع ۾ هڪ انگريز سائنسدان ضلع بگٽي بلوچستان جي جبلن ۾ ملڻ وارين هڏين جو مطالعو ڪري رهيو هئو، ان هڪ جڳھ گنڊوئي چوڪي مان ڪجھ اهڙيون هڏيون کوٽي ڪري ڪڍيون جيئن ظاهري طور گينڊي جيان لڳي رهيون هيون، پر انجي جسامت هاڻوڪي گينڊي کان وڏي هئي، ڇوجو مڪمل ڍانچو اڃان نہ مليو هئو انڪري صحيح جسامت جو اندازو لڳائڻ اڃان نہ ٿي سگھيو، پر سائنسدان ان جانور جو نالو بلوچي ٿيريم رکيو، انکان ڪجھ عرصو پوءِ آمريڪي سائنسدانن جي هڪ ٽيم منگوليا واري علائقي ۾ انھي قسم جون ٻيون بہ هڏيون لڌيون، جن ۾ هڪ مڪمل مٿو شامل هئو، ضلع بگٽي ۽ منگوليا مان ملڻ واريون هڏيون هڪ ٻئي سان هڪجهڙائي رکندڙ هيون. انھن سڀني کي جوڙي ڪري هڪ نئي جسامت جي جانور جو ڍانچو پورو ٿيو، جنھن مان پتو پيو تہ بلوچي ٿيريم گھٽ ۾ گھٽ سترهن فٽ ڊگھو هئو، جيڪڏهن منڍي مٿي ڪري ها تہ تقريبن پنجويھ فٽ وڏي وڻ جا پتا سولائي سان کائي پئي سگھيو، ايترو وزني هجڻ ڪارڻ بہ بلوچي ٿيريم تيزي سان ڊوڙي پئي سگھيو،  بلوچي ٿيريم جو مٿو ۽ ٻيا ڍانچن جي بناوت، خاص ڪري ڏندن مان صاف ظاهر آهي تہ انجو واسطو گينڊي جي خاندان سان هئو، پر هاڻوڪي گينڊي جي نسبتن انکي سڱ نہ هئا، انھي طرح انکان اڳ ڪيترا ئي جانور هئا جيڪي بنا سڱن واري گينڊي جي خاندان سان واسطو رکندڙ هئا، ۽ انھن سڀني جي نسل ڪيترائي لک سال اڳ ختم ٿي وئي، بلوچي ٿيريم جي موجودگي خالي ايشيا مان ثابت آهي اندازو آهي انجي نسل خالي پنجاھ کان ستر لک سالن تائين جاري رهي ڪري ختم ٿي وئي، ماهرن موجب بلوچي ٿيريم بلوچستان ۾ منگولنا واري علائقي کان لڏپلاڻ ڪري آيو هئو، ڇوجو ان جانور جو پتن ۽ ساوڪ وارن ٻيلن تي هئو، ۽ ممڪن آهي تہ ان زماني ۾ هماليا جبل جو سلسلو ايترو ڊگھو ۽ وڏو نہ هجي ۽ ايشيا کان وٺي اتر پاڪ ۽ ھنڌ تائين جو علائقو سائو ٻيلن سان ڍڪيل هجي.

#Baluchitherium #ScienceJeDuniya

گليليو اڄ کان پنج سئو سال اڳ چيو هئو تہ مٿاڇري کان ڪرائيا ويندڙ ٻہ جسم هڪ ئي رفتار سان هيٺ ڪرندا آهن جيتوڻيڪ ٻنھي جو وزن ڪيترو ئي مختلف ڇو نہ هجي.


ننڍو بليڪ هول، ڪارونڀار

Scientists discovered a new class of black holes

ننڍو بليڪ هول، ڪارونڀار

ڪائنات جي ڏُورانيهن ديس ۾ هاڻي تائين جو سڀ کان ننڍو بليڪ هول دريافت، جنھن سان پاڻ بليڪ هول جي ٺهڻ جي هاڻوڪي نظرين تي نظر وجھڻ جي ضرورت بہ ٿي سگھجي ٿي
ماهرن ڏھ ھزار نوري سال جي پنڌ تي هاڻي تائين جو سڀ کان ننڍو ڪمزور بليڪ هول دريافت ڪيو آهي هن عڪسي تصوير ۾ ڳاڙهي تاري جي ويجھو هڪ بليڪ هول نظر اچي رهيو آهي 

ان بليڪ هول جي عراضي ويھ ڪلوميٽر آهي ۽ اهو هڪ وڏي تاري جي ويجھو چڪر لڳائي رهيو آهي پر ان کي کائڻ يا انجو مادو چوري ڪرڻ کان مجبور آهي ٽياسي ڏينهن ۾ هي بليڪ هول پنھنجو هڪ چڪر پورو ڪري وٺندو آهي ۽ اهو خيال آهي تہ اهو زمين کان ڏھ هزار نوري سال جي پنڌ تي آهي
ان بليڪ هول کي اوهايو اسٽيٽ يونيورسٽي جي ٽوڊ ٿامپسن ۽ ان جي ٽيم دريافت ڪيو آهي 

ان ننڍي بليڪ هول جي ڪميت اسانجي سج کان ساڍا ٽي سيڪڙو وڌيڪ آهي جيڪڏهن ڪو نيوٽران تارو يا بليڪ هول اسانجي سج کان ٻيڻون يا پنج سيڪڙو  وڌيڪ جسامت جو هجي تہ محقق انکي ماس گيپ چوندا آهن نيوٽران تارو يا بليڪ هول ٻہ اي گھڻي وڏي تاري جي تباھ ٿيڻ سان پيدا ٿيندا آهن ٽوڊ ٿامپسن موجب اسان انھي طرح جا ننڍا بليڪ هول جي هڪ نئي قسم دريافت ڪرڻ وڃي رهيا آهيون ۽ انھن جي صحيح انداز ۾ درجا بندي جي ضرورت آهي ان بنياد تي ننڍا بليڪ هول ۽ نيوٽران تارن تي وڌيڪ تحقيق سامھون آئي آهي

بليڪ هول... 

Friday, 1 November 2019

پليٽيپس Platypus

پليٽيپس Platypus
دريا خان

بدڪ جهڙي چونپ واري پليٽيپس جو سائنيسي نالو  Ornithorhynchus anatinus آهي جيڪو کير پياڪ Mammalia ۾ شمار ٿيندو آهي ۽ اهو پاڻي ۽ زمين تي رهڻ جي صلاحيت رکندڙ پڻ آهي، پر ان جي اصل خاصيت تہ انجي اندر موجود هڪ اهڙي حواس Sense آهي جنھن کي سائنسدان”اليڪٽرولوڪيشن Electro location“ جو نالو ڏنو آهي، ان صلاحيت سبب هي برقي ميدان اليڪٽرڪ فيلڊ جي مدد سان پنھنجي شڪار جي حرڪت کي ٻڌي ۽ محسوس ڪري سگھي ٿو. ان لاءِ پليٽيپس کي شڪار ڪرڻ وقت اکين ۽ نڪ ڪڪن جي بہ ضروري نٿي پئي.
تازو ماهرن کي پليٽيپس جي زهر ۾ هڪ اهڙو هارمون دريافت ڪيو
آهي جيڪو مستقبل ۾”ذيابيطس diabetes“ لاءِ بھتر علاج ثابت ٿي سگھي ٿو
پليٽيپس گھڻو آسٽريليا ۾ پاتو ويندو آهي جيڪو ڏيندو تہ آنا آهي پر گڏوگڏ پنھنجي ٻچن کي کير بہ پياريندو آهي 
انجي بدڪ جھڙي چونڀ ڪارڻ انکي( ڊڪ بل DuckBill) بہ چيو ويندو آهي

وڊيو... 

Thursday, 31 October 2019

پيرياڊڪ ٽيبل Periodic table

پيرياڊڪ ٽيبل Periodic table
دريا خان 

ڪيمسٽري جي شاگردن جو واسطو پيرياڊڪ ٽيبل سان ٿيندو آهي گهٽ ئي اها ڪا ڪيمسٽري ليب ڪيميائي تجربي گاھ اهڙي هوندي جنھن جي ڀت تي پيرياڊڪ ٽيبل موجود نہ هجي، اهو هڪ چارٽ هوندو آهي جنھن ۾ ڪيترا ئي چار ڪنڊن وارن خانن جي وچ ۾ هڪ يا ٻہ انگريزي لفظ لکيل هوندا آهن جڏهن تہ انھن جي مٿان عدد ۽ نالو بہ ڏسڻ لاءِ ملندو آهي. ڪيمسٽري ۾ پيرياڊڪ ٽيبل کي خاص رطبو حاصل آهي، جيڪڏهن اوهان اسڪول پڙهي رهيا آهيو تہ اهو هرگز نہ سمجھو تہ انجو مقصد شاگردن کي مشڪل ۾ وجھڻ هوندو آهي، اها گھڻي فائمندي شيء آهي جيڪا اسڪول کان وٺي ڪري سائنسدان بڻجڻ تائين اوهانجي ڪم ايندي آهي. پيرياڊڪ ٽيبل جي مدد سان اسان اهو سولائي سان ٻڌائي سگهو ٿا تہ ڪھڙي (عنصر Element) ۾ ڪيترو پروٽين ۽ ڪيترو اليڪٽرون آهي،انجي ڪيميائي علامت ڇا آهي ۽ انجي ڪيتري هڪجهڙائي جاء ۾ isotopes پاتو ويندو آهي وغيرھ. انکان سواءِ جيڪڏهن اسان پيرياڊڪ ٽيبل سمجھڻ جي لائق ٿي وڃون تہ اسان لاءِ مختلف عنصر elements جي ڪيميائي خصوصيتون بابت ڄاڻڻ بہ سولو ٿي ويندو آهي، هتي اسان پيرياڊڪ ٽيبل بابت ڄاڻن جي ڪوشش ڪنداسين، اڄ کان تقريبن اڍائي سئو سال اڳ تائين ڪيميادان اهو تہ ڄاڻي چڪا هئا هر عنصر ٻئي کان الڳ هوندو آهي، پر گڏوگڏ انھن کي اهو بہ پتو پئجي ويو، تہ مختلف هجڻ جي باوجود بہ، ڪجھ عنصر هڪ ٻئي سان گھڻو ملندڙ جلندڙ انداز سان ڪيميائي عمل( ڪيميڪل ري ايڪشن) ۾ حصو وٺندا آهن. 1829ع ۾ هڪ جرمن ڪيميادان، جي ذبليو دوبرائز جن انھن سان ملندڙ جلندڙ ڪيميائي خاصيت جي بنياد تي عنصرن کي ٽن ٽن جي مجموعي triads يعني ٽڪڙڻ ۾ ڌار ڪندي ترتيب ڏنو، پر ان ۾ ڪيتريون خاميون هيون. جي ذبليو دوبرائز جي چاليھن سالن کانپوءِ هڪ روسي ڪيميادان، ديميتري ميند حيف نالي 1869ع ۾ پھريون باقاعدو  فاصلو الڳ الڳ ٺاهيو، ان مقصد لاءِ ميند ليف پھرين هر عنصر جي باري ۾ اهم معلومات يعني انجي ايٽمي ڪميت ۽ ڪيميائي خصوصيت وغيرھ، هڪ الڳ ڪارڊ تي لکيون ۽ پوءِ انھن سڀني ڪارڊن کي وڌهندڙ ايٽمي ڪميت جي حساب سان ترتيب ڏيڻ شروع ڪيو. انکي اهو ڏسي ڪري حيرت ٿئي، هڪ اهڙي ڪيميائي خصوصيت رکڻ واري عنصر هڪ خاص”ساهي پيريڊ" سان ظاهر ٿي رهيا هيا. هڪجهڙائي ڪيميائي خصوصيت واري عنصرن کي گڏ رکڻ لاءِ ان ڪجھ جڳهن تي انکي وڌهندڙ ايٽمي ڪميت واري ترتيب بہ نظرانداز ڪرڻي پئي، مثال ٽيلوريم نالي هڪ عنصر جي ايٽمي ڪميت 128 آهي جڏهن تہ هڪ ٻئي عنصر، آيوڊين جي ايٽمي ڪميت 127 آهي، اصولن آيوڊين کي ٽيلوريم کان پھريان اچڻ گهرجي ها، پر ميند ليف پنھنجي اصل الڳ ۾ ٽيلوريم کي آيوڊين کان پھريان رکيو. وجھ اها ئي هئي تہ اهو آيوڊين کي ملندڙ جلندڙ ڪيميائي خصوصيتن واري ٻئي عنصر، يعني (فلورين، ڪلورين ۽ برومين) سان گڏ رکڻ گھرجي ها. ائين انھي سبب ميند ليف پھريون اصل الڳ (پيرياڊڪ ٽيبل) جوڙيو، جيتوڻيڪ ان ۾ بہ ڪيتريون ئي خاميون هيون جيڪي پوءِ حل ڪيون ويون، پر اڄ جو پيرياڊڪ ٽيبل اوهان ڏسندا آهيون، اهو اصل ۾ اهوئي مند ليف جا ئي ٺاهيل پيرڊياڪ ٽيبل جي ترقي واري شڪل آهي.

:- چار ڪنڊيا خانا
جئين تہ مٿي بيان ڪيل آهي پيرياڊڪ ٽيبل ۾ هر عنصر لاءِ هڪ الڳ چار ڪنڊن وارو خانو هوندو آهي، ۽ ان خاني ۾ ڪجھ لکيل بہ هوندو آهي پر اهو ڇو هوندو آهي، ۽ ڇو لکيو ويندو آهي. اهو پنھنجي جڳھ دلچسپ ۽ معلوماتي ڳالھ آھي، ائين تہ وڏا پيرياڊڪ ٽيبل بہ هوندا آهن جن جي هڪ خاني ۾ هر عنصر جون ڪيتريون ئي خصوصيتون لکيل هونديون آهن، پر هتي اوهانجي سهولت لاءِ اسان خالي چار بنيادي شين جو ذڪر ڪنداسين، جيڪي هر معياري پيرياڊڪ ٽيبل ۾ پاتا ويندا آهن. هتي اسان مثال طور( سون Gold) واري چار ڪنڊن واري خاني کي چونڊ ڪيو آهي پر ياد رهي تہ پيرياڊڪ ٽيبل  جا سڀ هي خانا انھي جيان هوندا آهن.
خاني ۾ سڀ کان مٿان ان عنصر جو ايٽمي نمبر (اٽامڪ نمبر) لکيل هوندو آهي، ايٽمي نمبر مان مراد ڪنھن بہ عنصر جي مرڪز ۾ پروٽونن جي تعداد هوندي آهي، سون جو ايٽمي نمبر 79 آهي جيڪو ان جي خاني ۾ سڀ کان مٿي داخل آهي،
ايٽمي نمبر جي هيٺان ان عنصر جي ڪيميائي علامت داخل ڪئي ويندي آهي اها علامت هڪ يا ٻہ انگريزي لفظن تي جوڙيل هوندي آهي هڪ لفظ تي جوڙيل علامت هميشہ وڏي انگريزي لفظ (ڪيپيٽل ليٽر) جي شڪل ۾ لکي ويندي آهي، ۽ جيڪڏهن اها علامت ٻن انگريزي لفظن تي جوڙيل هجي. تہ پوءِ پھريون لفظ وڏو ڪيپيٽل ۽ ٻيو ننڍو رکيو ويندو آهي جيئن اسانکي اسڪول ۾ ٻڌايو ويندو آهي. سون جي ڪيميائي علامت”Au“ آهي، لاطيني زبان ۾ سون کي Aurum لکيو ويندو آهي، جنھن کي گھٽ ڪندي هاڻوڪي علامت جوڙي وئي آهي.
علامت جي هيٺان ان عنصر جو پورو نالو گھڻو ڪري انگريزي ۾ لکيو ويندو آهي جيئن تہ سون کي انگريزي زبان ۾ گولڊ Gold چئبو آهي، تہ اهو نالو انجي علامت جي بلڪل هيٺان لکيو ويندو آهي.
چار ڪنڊن واري خاني ۾ سڀ کان هيٺ ڪو عدد هڪ خاص انداز سان لکيل هوندو آهي، سون جي ان مثال ۾ هي عدد (4)196.966569 آهي، اهو عدد اوهانکي عجيب لڳندو هوندو. پر ان ۾ بہ گھڻي ئي معلومات لڪيل آهي. هتي بريڪٽ جي اندر (4) ڪجھ ان طرح لکيل آهي، انجو مطلب اهو آهي سون جي چار هم جاء هڪجهڙائي هوندا آهن، بريڪٽ جي ٻاهر جيڪو 196.966569 لکيل آهي، اهو سون جو” ايٽمي وزن“ Atomic Weight آهي.
هتي ٻہ ڳالھيون پڌريون ڪرڻ لازمي آهن
پهرين اها تہ هڪجهڙائي مان مراد ڪنھن عنصر جو اهو ايٽم هوندا آهن جن ۾ نيوٽرونون جي تعداد مختلف هوندي آهي، هر عنصر جا سڀ هڪجهڙائي ۾ پروٽونون جي تعداد بلڪل هڪجهڙي رهندي آهي. ٻئي لازم ڳالھ اها آهي تہ پيرياڊڪ ٽيبل ۾ ڪنھن بہ عنصر جو ايٽمي وزن اصل ۾ ان جي مختلف ھڪجهڙائي جي ايٽمي ڪميتن ۽ قدرتي طور تي موجود مقدارن abundance گھڻائي  جي سراسري هوندو آهي، يعني اصل ۾ تہ اهو بہ ڪميت ئي هوندو آهي پر ڪيميادانن پنھنجي سولائي، ۽ هڪجهڙائي جي شخصي ايٽمي ڪميت کان مختلف رکڻ لاءِ انجو نالو”ايٽمي وزن“ رکي ڇڏيو آهي. سائنيسي تجربي گاهن ۾ لڳل پيرياڊڪ ٽيبلز جي خانن ۾ عنصرن جي ٻئي بہ وڌيڪ تفصيل لکيل هوندي آهي.

هلندڙ...

سيلامينڊر Salamandar

سيلامينڊر Salamandar
دريا خان

 سيلامينڊر اصل ۾ خشڪي ۽ پاڻي جي (ڪرڙي Lizard) جي هڪ قسم آهي جيڪا پنھنجي جسم کي اڳئين ۽ پوئين پيرن ۽ پنھنجي پڇ جي ڪٽجڻ يا ڌڪ لڳڻ کانپوءِ ٻيھر پيدا ڪرڻ واري صلاحيت رکندڙ آهي، حيرت انگيز ڳالھ اها آهي تہ پنھنجي دل، دماغ ۽ ٻين اندروني حصن کي بہ ٻيهر پيدا ڪري سگھي ٿي جنھن (ري جنريشن Regeneration) جي صلاحيت رکندڙ چئبو آهي
اهوئي گھڻي ڀاڱي آمريڪا ۽ اتر آفريڪا، ايشياء، يورپ ۽ ٻين علائقن ۾ پاتون وينديون آهن شاخن جي پٿرن، پتن هيٺان جھنگ ۾ رهنديون آهن جنھن جو سائنيسي نالو Urodela آهي، خاندان Salamandriae اها هڪ زهر رکندڙ ڪرڙي آهي جيڪا پنھنجي چمڙي تي اهو لڪائي رکندي آهي جڏهن ڪو جانور انکي کائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي تہ اهو ٻاهر ڪڍيندي آهي
هي ڏيڏر ۽ ڪرڙي جيان ڏيک ڏيندڙ هجي ٿي ڪجھ سيلامينڊر جا چار پير ۽ ڪجھ جا ٻہ پير هجن ٿا
ماهرن کي هڪ تحقيق مان پتو پيو آهي تہ سيلامينڊر جا عضوا ٻيهر جنم هڪ اهڙي صلاحيت تحت وٺندا آهن جيڪا ان جي  میڪروفیجز معدافتي سيلن جي نظام تي تابع ڪندي آهي جنھن ۾ ميڪروفيج خليا ڌڪ واري جڳھ تي جواب ۾ اهم اڳڀرائي ڪندا رهندا آهن جيڪي ٻہ کان چار ڏينهن اندر هڪ زخم تي پهچي ويندا آهن ۽ انجي مرمت ڪرڻ ۾  لڳي ويندا آهن
#Salamandar

Wednesday, 30 October 2019

سيرس Sirius تارا

سيرس Sirius تارا

”دريا خان“

رات جي پھر ۾ زميني مٿاڇري ڏا اوهانکي ڪروڙين روشن تارا نظر ايندا آهن جيڪي اسانجي ملڪي وي ڪهڪشان جو حصو آهن انھن مان ڪجھ هلڪا روشن ۽ ڪجھ وري گھڻا روشن ڏيکاربا آهن هوئين تہ تارن منجھان سڀ کان زمين جي ويجھو سج آهي جيڪو چٽو نظر ايندو آهي پر اسان کي جيڪو ٻيو روشن تارو ڏسڻ لاءِ ملندو آهي اهو ”سيرس Sirius“ نالي جهرمٽ يعني ٽي تارا آهن.
سيرس بابت مشھور آھي تہ قديم مصر جا ماڻھون انکي (سوپڊٽ Sopdet) نالي ديوي يعني سيرس تاري جي ديوي طور پوجا ڪندا هئا. سيرس تارا زمين کان اٺ ڏهائي ست نوري سال جي پنڌ تي موجود آهن جيڪي تقريبن سو کرب ميل جو پنڌ ٿي ٿو، يعني  ايڪانوي لک سٺ هزار ڪروڙ ميل آهي هاڻ تائين جديد ترز رفتار خلائي گاڏي اسپيس شٽل تي جيڪڏهن ان تاري ڏا اڏام ڀرجي تہ گھٽ ۾ گھٽ ٽي صديون لڳنديون جيڪڏهن ان گاڏي جي رفتار سٺ هزار ڪلوميٽر في ڪلاڪ ڪجي تہ تڏهن وڃي زمين کان گھڻو روشن ڏسجندڙ تاري سيرس تائين پهچنداسين هاڻوڪي خلائي گاڏين جي رفتار گولي جي رفتار کان ڏهوڻ وڌيڪ هجي ٿي، سٺ هزاز ڪلوميٽر في ڪلاڪ
جيڪو سندرتا ڏيک ٻين تارن کي بہ ظاهر ڪندو آهي
اها ڳالھ تہ سڀني کي خبر آهي تہ روشني پد جي سبب ئي هوندي آهي ۽ جتي گھڻي ڀاڳي روشني هوندي اتي پد بہ انھي ڀاڳي وڌيڪ هوندو اهو تارو اسانجي سج کان ٻيڻ وڌيڪ پد جو مالڪ آهي،
سج پنج هزار پنج سئو ڊگري سينٽي گريڊ پد رکندڙ آهي. جڏهن تہ سيرس تارو نو ھزار ڇھ سئو ڇاهٺ ڊگري سينٽي گريڊ پد رکندڙ آهي،
جيڪڏهن ڊائي ميٽر سان ڏٺو وڃي تہ سج چوڏهن لک ڪلوميٽر جڏهن تہ سيرس ويھ لک ڪلوميٽر خلائي جڳھ کي وڪوڙيل آهي
جيڪڏهن اسان انکي خالي اکين سان ڏسنداسين تہ هي وڏو تارو هڪڙو روشن تارو ڏيکاربو آهي پر اهو هڪ تارو ناهي بلڪ ٽن تارن جو هڪ سسٽم آهي، جنھن ۾”سيرس اي، سيرس بي، سيرس سي موجود آهن. ٻيا تارا ننڍا آهن جيڪي زمين کان طاقتور دوربين وسيلي ڏسجي سگھجن ٿا جن کي اڇو بونا تارا بہ چيو ويندو آهي.
#Sirius #ScienceJeDuniya

Tuesday, 29 October 2019

شمسي نظام ۾ اورٽ ڪلائوڊ Oortcloud

شمسي نظام ۾ اورٽ ڪلائوڊ Oortcloud

اها سئو سال اڳ جي ڳالھ آھي جڏھن اسان لاءِ ڪل ڪائنات اسان جي ڪهڪشان يعين يعني (ملڪي وي) هوندي هئي، پر پوءِ ايڊون هبل جي عظيم دوربين اسان جي ڪائنات جي ڏسڻ جو رخ ئي بدلائي ڇڏيو اسان کي خبر پئي تہ اسان رات جو آسماني پردي تي جيڪو ڪجھ ڏسون ٿا اهو صرف اسان جي ڪهڪشان جو حصو آهي وقت گذرندو رهيو ڄاڻ گھڻي جديد ٿيندي وئي ۽ هڪ اندازي موجب هن ڪائنات ۾ اسان جي ڪهڪشان جھڙيون ٻيون 2 هزار ارب ڪهڪشائون ڪائنات ۾ موجود آهن يا انکان بہ وڌيڪ ان سان اوهان اندازو لڳايو تہ اسان جي ڄاڻ هن ڪائنات بابت ڪيتري گھٽ آهي پوءِ بہ اسان ماضي جي ڀيٽ ۾ ساگارا آهيو ان دور ۾ تہ زمين کي ئي سڀ ڪجھ سمجھو ويندو هئو تنھن جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو تہ 1932ع ۾ استونيا سان واسطو رکندڙ خلائي محقق ارنيسٽ اوپڪ دعوي ڪئي هئي تہ نظام شمسي ظاهر ٿيندڙ لقائن کي نظر ۾ رکي اهو چئجي سگهجي ٿو تہ نظام شمسي جي ڪنارن تي برف جا گھڻا وڏا وڏا ڪڪر موجود آهن ۽ انھن جي تھ اڻ ٿڪ ظاهري حد تائين ٿلھي آهي ارنيسٽ اوپڪ جي هن مفروضي تي تحقيق کان پوءِ ڊينمارڪ جي خلائي محقق جان اورٽ 1950ع ۾ اها دعوي ڪئي تہ نظام شمسي ۾ جيترا بہ پڇڙا تارا اسان کي نظر اچن ٿا، اهي اصل ۾ نظام شمسي جي هڪ اهم حصي کان اچن ٿا. جان اورٽ جي ان تحقيق جي بنياد تي شمسي نظام ۾ ان مخصوص حصي کي اورٽ ڪلائوڊ  Oortcloud اورٽ ڪڪر جو نالو ڏنو ويو اورٽ ڪلائوڊ اصل ۾ اسان جي شمسي نظام جي چوڌاري نظر نہ ايندڙ برف جي گولن تي جوڙيل هڪ ڀت آهي جيڪا اندازي موجب اسان جي شمسي نظام کان هڪ نوري سال کان وٺي ٽن نوري سالن تائين پکيڙيل آهي اورٽ ڪلائوڊ جي پٽي ۾ برف مان ٺھيل شھابيا Meteoroids موجود آهن جيڪي جڏهن سج ڏانھن وڌن ٿا تہ اسان کي پڇڙن تارن جي شڪل ۾ نظر اچن ٿا اهو چيو وڃي ٿو تہ اسان جو سج جڏهن جوڙي رهيو هئو تہ ان وقت ايتري وڏي مفاصلي تي موجود لٽ ۽  ٻيون شيون گڏجي گرھ نہ ٺاهي سگھيا تنهنڪري اهي رولاڪ برفاني پٿر جن کي ڪومٽ Comet چئبو آهي ان وقت کان وٺي سج جي چوڌاري هڪ ميڙ جي شڪل ۾ موجود آهن ۽ ٿي ماهرن موجب اهڙن برف وارن ڪومٽن ڪارڻ زمين تي زندگي جوڙي ڇوجو شمسي نظام جي ٺھڻ کانپوءِ نون جڙندڙ گرهن تي ڪروڙين سالن تائين برفاني پٿرن جو وسڪارو ٿيندو رهيو آهي ۽ انھن ئي برفاني پٿرن وسيلي زمين تي اهي عنصر پهتا جن ۾ زندگي جنم ورتو. اسان جو سج پنھنجي مقرر رستي تي هلي ٿو ان دوران اورٽ ڪلائوڊ مان ڪجھ شھابيا ڪڏهن ڪڏهن شمسي نظام کان ڌار ٻين تارن سيارن جو رستو وٺڻ ٿا ان دوران جيڪي گهڻي ڪشش ثقل رکندڙ ۽ ۽ وڏي جسماني عراضي رکندڙ تارا سيارا انھن کي پنھنجي مدار ۾ ڇڪي وٺن ٿا ۽ انھن ۾ شمال ٿي ويندا آهن يا وري پري هليا ٿا وڃن خلائي شھابين پٿرن جي اها اچن وڃ ڪروڙين سالن کان جاري ساري آهي آڪٽوبر 2017ع ۾ هڪ شھابيو جيڪو چار سئو ميٽر عراضي رکندڙ هئو، اهو تارن جي جهڳٽي Lyra مان آيو هئو سج جو چڪر لڳائيندي تارن جي ٻئي جهڳٽي Pegasus نالي ڏانهن روانو ٿي ويو اهو پھريون ڀيرو هو، جڏهن سائنسدانن ڪنھن اهڙي پٿر جي گھڻي ويجهڙائي کان واضع ڏٺو هجي تہ اورٽ ڪلائوڊ نالي ان برفاني پٽي کي اڃان تائين ڏٺو نہ ويو آهي پر اهڙيون ڪيتريون ئي نشانيون انجي هجڻ جو ويساھ ڏيارين ٿيون، اها برفاني پٽي اسان کان ڪيتري پري آهي تنهن جو اندازو ان ڳالھ مان لڳائجي تہ ناسا چاليھ سال اڳ هڪ خلائي گاڏي (وائيجر ون) نالي شمسي نظام کان ٻاهرين طرف موڪلي هئي، جيڪا هيستائين لڳ ڀڳ 22 ارب ڪلوميٽرن جو مفاصلو ڪري چڪي آهي ان خلائي گاڏي 17 رهن ڪلو ميٽر في سيڪنڊ جي رفتار سان سفر ڪندي 40 ليھ سال زميني گذاري چڪي آهي پر ان اورٽ ڪلائوڊ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اڃان وڌيڪ 3 سئو سال گھربل آهن ۽ ان ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ اتان نڪرڻ ۾ وري 30 هزار سال لڳندا.

حوالو: ڪاوش گئلري تان کنيل

وائيجر ون...