Friday, 11 January 2019

اسپیس سوٽ جا حصا Parts of a Spacesuit

اسپیس سوٽ جا حصا Parts of a Spacesuit

/حصو ٻيون/ 
دريا خان سنڌي

زندگي کي مدد ڏيڻ وارو خدمت گار ٿيلو 

تصویر نمبر 1

Primary Life Support Subsystem
خدمت گار ٿيلي ۾ خلا بازن جي زندگيءَ بچائڻ جي لاءِ مختلف قسمن جون شيون هونديون آهن جن ۾ آڪسيجن جي ٽينکي جنھن ۾ تقريبن 7 ڪلاڪ جي استعمال لاءِ آڪسيجن موجود هوندو آهي جيڪو اهميت جوڳيو هجي ٿو خدمت گار ٿيلي ۾ ڪاربن ڊائي آڪسيجن کي ڪڊهڻ لاءِ بہ اوزار موجود هوندا آهن انکان علاوه بجليءَ لاءِ بيٽري، آڪسيجن کي سوٽ ۾ گردش ڏيڻ لاءِ هڪ پکو، پاڻي کي ٿڌو رکڻ لاءِ اوزار، ٻن قسمن جا ريڊيو ۽ انکان علاوه هڪ خطري واري گهنٽي، جيڪي اسپيس سوٽ ۾ ڪنھن خرابي کي منھن ڏيڻ لاءِ هوندا آهن. 

ڌڙ جو سخت لباس

تصویر نمبر 2

Hard Upper Torso
هي حصو ڇاتي ۽ چيلھ جي پائڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي هي هڪ گنجي جيان هوندو آهي جيڪو فائبر گلاس سان ٺھيل هوندو آهي انجي سامھون هڪ Control Module هوندو آهي ۽ پويان چيلھ سان جڙيل هجي ٿو، جيڪو پاڻي ۽ آڪسيجن واري نالين ۾ رابطي جو ڪم بہ ڏيندو آهي. 

ٻانھون

تصویر نمبر 3

Arms
خلاٿ باز ٺھيل ڪپڙا ناهين پائيندا بلڪي ٻانهہ جي لمبائي کي مختلف سائز جي حصن کي جوڙي ڪري ايڊجسٽ Adjust ڪيا ويندا آهن. 

دستانا
تصویر نمبر 4
Gloves

خلا بازن کي مختلف قسم جي ڪم ڪار ڪرڻ ۽ شين کي کڻڻ جي لاءِ مخصوص دستانن جي ضرورت پوندي آهي دستانا ان طرح ٺاهيا ويندا آهن تہ جيئن آڱرين کي سولائي سان موڙي سگھجي، انھن دستانن جي آڱرين جي آخر ۾ 
فنگر ٽپس fingertips تي thermofoil heater بہ لڳل هوندا آهن هڪ bearing دستاني ۽ هٿ کي جوڙيندو آهي ۽ انهيءَ وجهہ سان هٿ جي ڪلائي کي موڙي بہ سگھجي ٿو. 

ڏيکارڻ ۽ سنڀالڻ جو حصو 

تصویر نمبر 5

Display and Control Module
هي حصو هڪ ڊيش بورڊ dashboard جيان هوندو آهي ۽ خلائي لباس کي انجي ذريعي ڪنٽرول ڪيو ويندو آهي، انتي مختلف قسم جا سوئچ ۽ هڪ اسڪرين لڳل هوندي آهي. 

پاڻي پيئڻ جي ٿھيلي 

تصویر نمبر 6

In-suit Drinking Bag
پلاسٽڪ سان ٺھيل پاڻي جي هڪ ٿهيلي ڇاتي واري لباس جي اندر لڳل هوندي آهي، ۽ هڪ نلي انجي مٿي تي لڳل هوندي آهي جنھن کي ويلو valve چئبو آهي جيڪو خلا باز جي منھن جي ويجھي هوندي آهي، valve کي ڪٽڻ bite سان اُهو کلي ويندو آهي جنھن کانپوءِ پاڻي پئجي سگھبو آهي، ۽ ڇڏڻ کان پوءِ واپسيءَ اهو بند ٿي ويندو آهي.


آمريڪا ۾ گذريل پنجويھ سال کان ڪينسر ڪارڻ ٿيندڙ فوتگين ۾ مسلسل گهٽتائي اچي رهي آهي

آمريڪا ۾ گذريل پنجويھ سال کان ڪينسر ڪارڻ ٿيندڙ فوتگين ۾ مسلسل گهٽتائي اچي رهي آهي

دريا خان سنڌي 

آمريڪن ڪينسر سوسائٽي پاران پڌرا ٿيندڙ عدد ۽ شمارن موجب آمريڪا ۾ ڪينسر سان ٿيندڙ فوتگين جي شرح ۾ مسلسل گهٽتائي اچي رهي آهي، ڪينسر وڳئي 2016ع ۾ ٿيندڙ فوتگين جا انگ اکر 1991ع جي تعداد کان 27 سيڪڙو گهٽ آهن، 1930ع کان 1991ع تائين ڪينسر جي فوتگين جي شرح ۾ اضافو ٿي رهيو هيو. 1991ع ۾ گھڻو ڪري هڪ لک ماڻھن جي آبادي ۾ 215 ماڻھن جو موت ڪينسر وڳئي ٿيندو هيو، انجي ابتڙ 2016ع ۾ هڪ لک جي آبادي ۾ 156 ماڻھن جو موت ڪينسر وڳئي ٿيو، ان گھٽتائي جو بنيادي ڪارڻ،
سٺو علاج جلد تشخیص جي ٽيڪنالاجي ۽ سگريٽ ڇڪڻ ۾ گهٽتائي آهي

سائنسدانن ٽن ماڻهن جي دماغ کي پاڻ ۾ ملائي انهن کي هڪ ٻئي جي خيالن سان سڌو سنئون شيئر ڪرڻ جي قابل بڻائي ڇڏيو.

سائنسدانن ٽن ماڻهن جي دماغ کي پاڻ ۾ ملائي انهن کي هڪ ٻئي جي خيالن سان سڌو سنئون شيئر ڪرڻ جي قابل بڻائي ڇڏيو.

دريا خان سنڌي

سائنسدانن ليبارٽري ۾ ٽن ماڻهن جي دماغ کي پاڻ ۾ سڌو رابطو ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي آھي جنھن بعد هي ٽيئي ماڻهو هڪ ٻئي جي خيالن کي سڌو پڙهي ۽ شيئر ڪرڻ جي قابل ٿي ويا. جيئن تہ هي ٽيڪنالوجي پنھنجي ابتدائي مرحلي ۾ آهي ۽ مڪمل طور تي قابل ناهي پر ان ڳالھ جو ثبوت قرار ڏنو ويو آهي تہ ائين ماڻهن جي دماغن جي پاڻ ۾ سڌو سنئون تعلق پيدا ڪرڻ ممڪن آهي. واضح رهي ان ٽيڪنالوجي جو ٽيلي پيٿي، مائنڊ ريڊنگ، ريموٽ، viewing يا ان قسم جي شين جو شمار سوڊي سائنس سان هجي ٿو. ان ٽيڪنالوجي ۾ ٽين ماڻهن جي دماغ جي لھرن کي Electro-Encephlo-Gram (EEG) سان ريڪارڊ ڪيو ويندو آهي جنهن کي Transcranial Magnetic Stimulation (TMS) چئبو آهي. تجربن ۾ ثابت ٿيو ان طرح TMS جي ذريعي سگنل حاصل ڪرڻ وارو ماڻهو انهن ماڻهن جي دماغي حالت جو سڌو سنئون اندازو لڳائيندو آهي جن جي دماغ جي لھرن کي EEG جي ذريعي ريڪارڊ ڪري موڪليو وڃي ٿو.

ڊارڪ ميٽر جي گرم ٿيڻ جو مشاهداتي ثبوت

ڊارڪ ميٽر جي گرم ٿيڻ جو مشاهداتي ثبوت 

تحقيق  : پروفيسر جسٽن  ريڊ ۽ ساٿي  
ترجمو: پروفيسر بشير احمد سومرو

سري يونيورسٽي, اي ٽي ايڇ زيورچ ۽ ڪارنيگي ميلن يونيورسٽيء جي فلڪيات جي ماھرن جي ھڪ بين الاقوامي ٽيم ھڪ شاھدي ڳولي لڌي  آهي ته ڊارڪ ميٽر گرم ٿي سگهي ٿو ۽ چوڌاري ڦھلجي سگهي ٿو , ڪھڪشائن ۾ ستارن جي ٺھڻ جي نتيجي ۾ ـ
ڊارڪ ميٽر لاء سوچيو ٿو وڃي ته ڪائنات جو اڪثر مادو انهيء مان ٺهيو آهي ـ جڏهن ته ڊارڪ ميٽر روشنيء سان ائين تعلق ۾ نه ٿو اچي جنهن طريقي سان عام مادو تعلق قائم ڪري ٿو, ڊارڪ  ميٽر جو مشاهدو صرف ڪشش ثقل جي اثرن منجھان ڪري سگهجي ٿو ـ
جڏهن ستارا ٺهن ٿا ته طاقتور ھوائون گيس ۽ مٽيء کي ڪھڪشان جي دل مان پري ڌڪين ٿيون ـ جنهن جي نتيجي ۾ ڪھڪشان جي مرڪز کي گهٽ مايو ھوندو آهي جيڪو متاثر ڪري ٿو ته ڪيتري ڪشش محسوس ڪئي ٿي وڃي رهجي ويل ڊارڪ  ميٽر  کان ـ
ڪشش ثقل جي گهٽ ڪشش سان , ڊارڪ ميٽر توانائي حاصل ڪري ٿو ۽ مرڪز کان پري به ھليو  وڃي ٿو, ھڪ اثر جنهن کي ڊارڪ  ميٽر جي گرم ٿيڻ سڏجي ٿوـ
ھن نئين اڀياس ۾ پروفيسر جسٽن  ريڊ ۽ سندس ساٿين  ٻڌايو ته اسان جي ڪوشش آهي ته ڊارڪ ميٽر جي شاھدي ويجهڙين ننڍڙين ننڍڙين ڪھڪشائن ۾ ڳوليون ـ
تحقيق ڪندڙن ڊارڪ  ميٽر جي مقدار جي ماپ سورنھن ننڍڙين ڪھڪشائن جي مرڪز ۾ مختلف ستارن جي ٺھڻ جي تاريخن سان ڪئي ـ
فلڪياتدانن ڳولي لڌو  ته اھي ڪھڪشائون جن گهڻو وقت اڳي ستارا  ٺاهڻ بند ڪري ڇڏيا ھيا انهن ۾ ڊارڪ  ميٽر جي گهاٽائي وڌيڪ ھئي انهن جي مرڪزن ۾ انهن جي ڀيٽ ۾ جيڪي اڄ ڏينهن تائين ستارا ٺاھين ٿيون ـ ھي انهيء نظريي جي پٺ ڀرائي ڪري ٿو ته قديم ڪھڪشائن ۾ ڊارڪ ميٽر جو گرم ٿيڻ گهٽ ھيوـ 
پروفيسر ريڊ چيو ته اسان ڊارڪ ميٽر جي مقدار جو ھڪ سچو غير معمولي تعلق ڳولي لڌو آهي ھنن تمام ننڍڙين ڪھڪشائن جي مرڪزن جي مقدار ۽ ستارن جي ٺھڻ وارن مقدارن جي وچ ۾ ـ انهن کي تجربو ٿيو انهن جي زندگين جي مٿان ـ ڊارڪ ميٽر ستارن ٺاهيندڙ ننڍڙين ڪھڪشائن  جي مرڪزن ۾ ظاهر ٿي گرم ٿي وڃي ٿو ۽ ٻاهر ڌڪجي وڃي ٿوـ
ھيء تحقيق ڊارڪ ميٽر جي ماڊل تي ھڪ نئين رڪاوٽ وجهي ٿي : ڊارڪ ميٽر ضرور ننڍين ڪھڪشائن جي ٺاهڻ جي لاء قابل ٿيڻ گهرجي جيڪا ڏيکاري ھڪ حد مرڪزي گھاٽين جي ۽ اھي گهاٽاين جو جيڪي ستارن ٺھڻ جي مقدار سان ضرور تعلق ڏيکاري ـ
پروفيسر ميٿيو واڪر چيو ته متان ھي اڀياس برداشت نه ڪرڻ جھڙو ثبوت ٿي پئي جيڪو اسان کي انهيء سمجهڻ   ڏانهن ويجهو وٺي وڃي ته ڊارڪ  ميٽر ڇا آهي ـ اسان جي ڳولا ته ڊارڪ ميٽر گرم ٿي سگهي ٿو ۽ چوڌاري ڦھلجي پڻ سگهي ٿو مدد ڪندو ڊارڪ ميٽر جي جزن جي تلاش ۾ ـ

Tuesday, 8 January 2019

روئڻ انسان لاءِ نقصانڪار يا فائديمند

روئڻ انسان لاءِ نقصانڪار يا فائديمند

دريا خان سنڌي

صحت جي ماھرن جو چوڻ آهي تہ روئڻ انساني صحت لاءِ ضروري ۽ فائديمند آهي. انهيءَ لاءِ مرد، عورت، ٻار ۽ وڏي عمر وارن ماڻهن کي هفتي ۾ هڪ دفعو لازم روئڻ گهرجي. روئڻ سان نفسياتي دٻاءۡ ۽  ٿڪاوٽ گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. روئڻ وارو ماڻهو روئڻ کانپوءِ پاڻ کي هلڪو محسوس ڪري ٿو. سمهڻ، آرام وٺڻ ۽ هڪ ڪپ چانھن پيئڻ کان سٺو آهي تہ ھفتي ۾ هڪ دفعو روئي وٺجي. روئڻ سان زندگيءَ کي سٺو بنائڻ ۾ مدد ملي ٿي.
ماهرن جو چوڻ آهي تہ روئڻ جي ڪوشش جي دوران اکين مان ڳوڙها جو اچڻ بہ لازمي آهي. جاپان ۾ هڪ ماڻهو ھيڊ ڦومي يوشيدافي جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي جيڪو روائڻ جو ماهر آهي. اهو ماڻهن کي روئڻ جا طريقا سيکارڻ سان گڏوگڏ ان جي فائدي تي بہ ليڪچر ڏئي ٿو ۽ پنهنجي شاگردن کي اکين مان ڳوڙها ڳاڙڻ جا طريقا سيکاري ٿو. ھن جو جو چوڻ آهي تہ گانا ٻڌڻ، دردن ڀريون فلمون ڏسڻ ۽ ڪھاڻيون پڙهڻ سڀ معمول مطابق زندگيءَ جو بار گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون پر هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو روئڻ پرسڪون زندگيءَ ۽ پاڻ کي نفسياتي دٻاءُ کان بچائڻ لاءِ ڪافي آهي.
ڇا اوهان کي ڪنهن غمگين ڳالھ تي روئڻ ايندو آهي؟

جي ها
جي نہ

اسپيس سوٽ Space Suit بابت ڪجھ معلومات

اسپيس سوٽ Space Suit بابت ڪجھ معلومات 

دريا خان سنڌي 

زمين جي مداري ۾ گرمي پڌ منفي 120 ڊگري کان وٺي مثبت 120 ڊگري تائين ٿي سگھجي ٿو، اسپيس سوٽ خلابازن کي انهيءَ شدت واري گرم پڌ کان محفوظ رکندو آهي. 

ڪجھ اسپيس سوٽ اسپيس عملي جي اندر رهڻ لاءِ ٺاهيا ويندا آهن ۽ ڪجھ ٻاهر گهمڻ لاءِ ٺاهيا ويندا آهن. 

پيلي رنگ جا اسپيس سوٽ شٽل جي اندر پائڻ لاءِ استعمال ٿيندا آهن. 

ِاي وا EVA کي خلا ۾ ٻاهر گھمڻ کي چئبو آهي جيڪا خلائي جھاز کان ٻاهر ڪئي ويندي آهي. (ExtraVehicular Activity)

خلا باز EVA ڪرڻ وقت پنھنجي پاڻ کي هڪ رسي ٽيدر tether جي ذريعي خلائي جھاز سان گنڊهي رکندا آهن. 

هڪ اسپيس سوٽ عام طور تي زمين تي 127 ڪلو گرام جيترو وزن رکندو آهي، ۽ مائيڪرو گريويٽي ۾ انجو وزن گهٽ ٿي ويندو آهي. 

هڪ سوٽ کي پائڻ ۾ 45 منٽ لڳندا آهن، ۽ پريشر واري ڪيبن کان ٻاهر وڃڻ کان پهريان هڪ خلاباز کي اسپيس سوٽ پائڻ کانپوءِ سوٽ جي اندر پريشر جي مطابق پنهنجي پاڻ کي سيٽ ڪندو ۽ نج آڪسيجن استعمال ڪرڻ لاءِ گهٽ کان گهٽ هڪ ڪلاڪ رهڻو هوندو آهي. 

اسپيس سوٽ عام طور تي اڇي رنگ جو ٺاهيو ويندو آهي جيئن هو گرمي پڌ کي گهٽ جذب ڪري. 

مردن ۽ عورتن جي اسپيس سوٽ ۾ ڪو فرق ناهي هوندو. 

سوٽ جي هٿن اندر آڱرين جي آخر ۾ هيٽر Thermofoil Heater لڳل هوندو آهي. 

جڏھن خلا باز EVA ڪندا آهن تہ انھن وٽ 70 کان 110 مختلف اوزار هوندا آهن. 

اسپيس سوٽ پائڻ واري عمل کي Donnig ۽ لاهڻ واري عمل کي Doffing چئبو آهي.

اسان خواب ڇو ڏسندا آهيون.

اسان خواب ڇو ڏسندا آهيون.

دريا خان سنڌي

هر جاندار جي جسم ۾ ڪيترا ئي نظام ٿين ٿا جيڪي گهڙي وانگر وقت جو حساب رکندا آهن، انهن مان هڪ نظام کي يوميہ تبديلي (روز واري تبديلي) Cricadian rhythm چئبو آهي، جيڪا ڏينھن ۽ رات جي تميز ڪري ٿي. جيئن جيئن سج جي روشني گهٽ ٿيندي آهي ۽ رات اچڻ شروع ٿيندي آهي تہ هي نظام جسم کي ننڊ لاءِ تيار ڪندو آهي، اکيون وزني ٿيڻ لڳنديون آهن ۔ جسم ٿڪاوٽ محسوس ڪندو آهي ۽ توجھ ڏيڻ جي صلاحيت گهٽ ٿيڻ لڳندي آهي تڏهن انسان سمھڻ لڳندو آهي تہ سڀ کان پهريان اکيون بند ٿينديون آهن 
انجي وجھ اڃان تائين معلوم ناهي ٿي سگهي پر ايترو ضرور آهي تہ سمھڻ وقت جسم جون تقريبن مشڪون Musculars ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏينديون آهن سواءِ اکين جي تنتن جي، ان ڪري گھري ننڊ ۾ انسان خواب ڏسندو آهي. ان دوران اکيون حرڪت ڪنديون رهنديون آهن جنهن دوران انسان خواب ڏسندو آهي ان ننڊ کي تيز رو ننڊ Rapid Eye Movement (REM) Sleep چئبو آهي. ان ننڊ دوران دماغ اکين جي مشڪن جي علاوہ جسم جي سڀني مشڪن کي مائوف ڪري ڇڏيندو آهي تہ جيئن خواب جي دوران ذهن تي جيڪو ڪجھ گذرندو آهي جسم ان تي عمل نہ ڪري سگهي ان ننڊ کي اڌ رنگي ننڊ sleep paralysis چئبو آهي هي اڌ رنگي ننڊ نہ صرف انسانن ۾ پر سڀني جانورن ۾ ساڳي نموني ٿيندي آهي ۽ جانور بہ خواب بيني Rem sleep مان گذرندا آهن. جن ماڻهن ۾ ڪنهن وجھ جي ڪري اڌ رنگي ننڊ صحيح طريقي سان ڪم ناهي ڪندي انهن کي ننڊ ۾ هلڻ جو عارضو ٿيندو آهي. 

ننڊ جي دوران دماغ جي اڳين ڪارٺ Pre-frontal Cortex جنھن جي ذمي منطقي سوچ ۽ تسلسل جا بيان هوندي آهي اھا ڪمزور ٿي ويندي آهي پر دماغ جا باقي حصا ۽ خاص طور تي اهي حصا جن جو تعلق جذبات سان هوندو آهي اھي خواب بيني سرشتي Limbic system تحت ڪم ڪندا رهندا آهن. اها ئي وجھ آهي تہ گهڻا خواب بااختيار هوندا آهن ۽ انهن ۾ ڪو بہ تسلسل ناهي هوندو، ان حالت ۾ دماغ تي جيڪا ڪيفيت گذرندي آهي اھا خواب ذريعي ظاھر ٿيندي آھي ۽ خواب گهڻو ڪري صبح ٿيڻ تائين وسري ويندا آهن.
ننڊ جي دوران دماغ جي اڳين ڪارٺ Pre-frontal cortex جنھن جي ذمي منطقي سوچ ۽ تسلسل جو بيان ھوندو آھي اھا ڪمزور ٿي وڃي ٿي ڇوجو دماغ جي باقي حصي ۽ خاص طور تي ان حصي جنھن جو تعلق جذبات سان ٿئي ٿو اھو جذبات وارو حصو حاشيدار سرشتو limbic system ڪم ڪندو رھي ٿو. اهو ئي سبب آهي تہ گهڻا خواب بااختيار هوندا آهن ۽ انهن ۾ ڪو بہ تسلسل ناهي هوندو، ان حالت ۾ دماغ تي جيڪا ڪيفيت گذرندي آهي اھا خواب ذريعي ظاھر ٿيندي آھي. گهڻا خواب ڊيگهارا ٿين ٿا ۽ انهن ۾ ڪوبہ سلسلو نٿو ٿئي. اھڙي حالت ۾ جيڪي ڪيفيتون ٿين ٿيون اھي صبح تائين وسري وڃن ٿيون. جيتوڻيڪ شديد جذباتي خواب دير تائين ياد رھن ٿا. شايد انهن جو خواب بيني اثر دير تائين رھي ٿو. ان کان علاوہ صبح جو سوير خواب ياد اچڻ شروع ٿي وڃن ٿا. جاڳڻ کان پوء بہ دماغ کي پوري طرح ڪم ڪرڻ ۾ ڪجھ وقت لڳي ٿو ڪجھ خواب ياد رھن ٿا ۽ ڪجھ وسري وڃن ٿا ان ڪري ماھر هي مشورو ڏيندا آهن تہ جيڪڏهن اوهان خواب کي ياد رکڻ چاهيو ٿا تہ ان کي جاڳڻ وقت فورن لکي ڇڏيو.

خواب ۾ عام طور تي اهي شيون اينديون آهن جن تي يا تہ اوھان ڏينهن جو سوچيندا رهندا آهيو يا اهي جيڪي گھري جذباتي وابستگي سبب اوهان جي تحت الشعور ۾ اوھان سان هونديون آهن. ائين خواب عام طور تي ٻنهي نموني گڏوگڏ هوندا آهن جن جو  گهڻو ڪري ڪو سرپرست ناهي هوندو. ماهرن جو خيال آهي، تہ ننڊ جي دوران دماغ عارضي يادن کي جيڪي سڄو ڏينهن گڏ ٿينديون آهن
۽ انهن ۾ جن يادن گهرا اثر ڇڏيا هجن يا جن ڪارڻ پراڻيون يادون تازيون ٿيون هجن انهن کي مستقل يادن ۾ تبديل ڪندو آهي. اهوئي سبب آهي تہ خواب ۾ تازين ۽ پراڻين يادن جي گڏيل آميزش هوندي آهي. 

رهيو سوال تہ ڪجهہ خواب سچا ڇو هوندا آهن تہ ان جو سڌو ساڌو جواب آهي تصديقي تعصب Confirmation bias. انسان پنهنجي زندگيءَ جو تقريبن هڪ ڀاڱي ٽي حصو سمھي ڪري گذاريندو آهي ۽ ان سمھڻ جي وقت مان بہ گهڻو ڪري ويھ سيڪڙو حصو خواب ڏسڻ ۾ گذرندو آهي. جيڪڏھن هڪ ماڻهو سئو سال زندھ رهندو آهي تہ ان جي عمر جا ست سال خواب ڏسڻ ۾ گذري ويندا آهن. ڇا ڪو ماڻهو يقين سان چئي سگھي ٿو تہ هي سڀ خواب سچ آهن جڏهن تہ 99 سيڪڙو خواب انسان فوري طور وسري ويندو آهي.
ٿيندو ائين آهي تہ جيڪڏهن ڪو خواب اتفاق سان سچو ٿي وڃي تہ هي واقعو جذبات تي ان قدر اثر انداز ٿيندو آهي جو گهڻي دير ياد رهندو آهي جڏهن تہ جيڪي خواب سچا نہ هجن ٿا اهي وسري ويندا آهن ڇوجو انهن تي اسان توجھ ناهيون ڏيندا. ڪير آهي جنھن پنھنجي پيارن کي خواب ۾ ڪنھن مصيبت ۾ نہ ڏٺو هجي؟ گهڻو ڪري اهڙا خواب سچا ناهن هوندا ۽ اسان جاڳي شڪر ڪندا آهيون تہ هي هڪ خواب هيو. انھن موقعن تي ڪجھ ماڻھو چوندا آهن تہ اسان جي پيارن تي ڪا بلا آئي هئي جيڪا ڪنھن نيڪي جي ڪري ٽري وئي هي تصديقي تعصب confirmation bias ناهي تہ ڇاهي.

زمان ۽ مڪان سڪڙن ۽ پکڙجن ٿا.

زمان ۽ مڪان سڪڙن ۽ پکڙجن ٿا.

دريا خان سنڌي

پھرين وجھ:-
جڏهن ڪا شي صفا گهڻي رفتار اختيار ڪندي آهي ۽ رفتار گهڻي هجي ۽ ان جي پيمائش روشني جي رفتار جي سطح تي هجي تہ زمان ۽ مڪان جي گهڻائي ظاهر ٿيندي آهي. انکي نظريہ اضافت عمومي چئبو آهي.

ٻي وجھ:
جتي ڪشش گهڻي هجي تہ اتي وقت جي رفتار گهٽجي ويندي آهي ۽ فاصلو سڪڙجي ويندو آهي ان کي نظريہ اضافت چئبو آهي.

زمان ۽ مڪان جا ڦھلجڻ جا هي ٻہ بنيادي سبب آهن پر عام طور تي اسان جو ذهن انهن سببن تي مطمئن ناهي ٿيندو. اسان کي ائين لڳندو آهي تہ اصل سبب هي ناهي ڪجھ ٻيو آهي. ان جواب سان ذهن کي سمجھ ناهي ايندو ۽ بيچيني رهندي آهي. ان جو سبب آهي تہ اسان ننڍپڻ کان ئي زمان ۽ مڪان سان جنھن قسم جو معاملو رکندا آهيون ان ۾ وقت ۽ پولار ڊليٽ ناهن ٿيندا. اسان جي شعور جي ٻاھر جو ڪجھ تجربو ٿئي ٿو اھو ٻڌائي ٿو تہ  زمان ۽ مڪان حقيقي تقسيم ۽ غير اضافي شيون آهن. زمان مڪان ٻين شين ۾ متغير يا غير متغير هجڻ لاءِ تہ حوالو آهي پر ان جي تغير لاءِ ڪو حوالو نہ آهي. پر هاڻ سائنس هي ٻڌائي ٿي زمان ۽ مڪان اضافي آھن تہ اسان جو ذهن ان ڳالھ کي قبول ناهي ڪندو. ان لاءِ جڏهن زمان ۽ مڪان جي اضافي هجڻ جا سب ٻڌائي بہ ڇڏجن تہ بہ اسانجو ذهن ڇو ڇو ڪندو آهي. انجي وجھ هي آهي تہ جديد فزڪس مخالف وجدان Counter Intuitive آهي
اسانجو ذهن هي ڳالھ آساني سان قبول ڪري ڇڏيندو آهي تہ اسان پاڻي تي ترڪندا آهيون، جڏهن تہ خالص سائنسي سطح تي اسان کي انجي وجھ بہ معلوم ناهي هوندي، جڏهن تہ حقيقت اها آهي تہ سائنسي سطح تي هي سوال ائين ئي آهن. وجھ هي آهي تہ اسان ننڍپڻ کان ڀت ۽ پاڻي سان گڏ اهي تجربا ڪيا آهن ان لاءِ هي تقسيم وجداني لڳندي آهي تہ اسان ڀت تان گذر نٿا ڪري سگهون يا پاڻي تي ترڪي پوندا آهيون. ڀت تان نہ گذر ڪرڻ يا پاڻي تي ترڪي وڃڻ وجداني Intuitive لڳندي آهي ۽ ان تي اسانجو ذهن ڇو ڇو نٿو ڪري تہ جيڪي سموريون شيون اسان کي معقول لڳنديون آهن انجي اصل وجھ اسان جي پراڻن تجربن جو حاصل جمع آهي. پڇاڙي صدين ۾ انسانن اهيئي تجربا ڪيا آهن جن سان اسان جي معقوليت جون نيون راهون کلي ويون.

پت Cholesterole

پت       Cholesterole

اصغر ساگر

انساني جسم ھڪ مشين وانگي آھي جيڪا لکن ڪروڙن ننڍن پرزن تي ٻڌل آھي جنھن کي خوردبين کان سواء ڏسي نٿو سگهجي. جسم جو ھر پرزو پنھنجي منفرد حيثيت ۾ گهرڙو سڏرائي ٿو جيڪو اصل ۾ نباتاتي زندگي جي بنيادي اڪائي آھي ۽ ان جي تشڪيل جنھن بنيادي مادي سان ٿئي ٿي ان کي پرٿ Protoplasm چئبو آھي ھي گهرڙو ھر حالت ۾ پٽڙو ٿئي ٿو ۽ ھن جي مرڪز Neucleus جي تقسيم سان گهرڙن جي تقسيم ٿيندي رھي ٿي. گهرڙا پنھنجي مدت پوري ڪري مري وڃن ٿا ۽ وري ان جي جڳھ تي نوان گهرڙا جنم وٺندا رھن ٿا. صرف سبب ھي آھي تہ قدرت توھان کي جينن Genes جي تحرير ۾ زندھ رکڻ چاھي ٿي جڏھن تہ صحتمند يا بيمارى رھڻ توھان جي چونڊ تي آھي. اھا توھان جي چونڊ پت Cholesterol آھي جنھن کي مقرر حد ۾ رکو ٿا تہ صحتمند رھو ٿا ۽ جي ان کي وڌايو ٿا تہ اوھان مرضن جي ور چڙھي ويندا.

پت                            Cholesterol
پت هڪ قسم جو سڻڀو مادو آهي جيڪو رت ۾ گردش ڪندو رهي ٿو جسم ۾ ڪيترائي ڪارائتا ڪم ڪندو آهي. اسانجي جسم ۾ 75 سيڪڙو پت جيرو ٺاهيندو آهي جڏهن تہ 25 سيڪڙو اسانجي کاڌي مان ايندو آهي. پت موم وانگر چڪنو مادو ٿئي ٿو جيڪو اسان جي جيري ۾ تيار ٿيندو آھي ۽ اسان جي غذا مان حاصل ٿي ذرن جي شڪل ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. چرٻ پت جي معمولي مقدار اسان جي جسم جي ساخت ۾ شامل گهرڙن جي نشونما ۽ صحت لاء تمام ضروري آھي. ھي مختلف ھارمونن جي تياري ۽ ھاضمي جي نظام جي ڪارڪردگي جو اھم جز آھي.  ان کان سوا ھي جسم ۾ حرارت پيدا ڪرڻ لاء استعمال ٿئي ٿو. چرٻاڻ جي مقرر حد رھي تہ ھر شي معمول مطابق ڪم ڪري ٿي پر جي چرٻ پت مقرر حد کان وڌي وڃي تہ مسئلا پيدا ٿي وڃن ٿا ۔ رت جون ناليون بند ٿي وڃن ٿيون ۽ مختلف عضون کي نقصان پھچي ٿو. پت ھڪ ڪيميائي مادو آھي جيڪو انساني جسم ۾ موجود رھي ٿو. ھن جو پورو تناسب جيري جي ڪم جو آھي. ڪڏھن ڪڏھن پت جي سطح وڌي وڃي ٿي تہ عارضا جنم وٺن ٿا. جيڪڏھن چرٻ پت LDL  جي مقدار 140 کان وڌي وڃي تہ ان کي مٿ پت High Cholesterol چئجي ٿو. رت ۾ پت کي پورو پنو رکڻ ضروري آھي ڇوجو مٿ پت سان دل جا عارضا پيدا ٿين ٿا. چرٻ پت LDL جي ڪري رڳن ۾ چرٻ تھ Plaque ٺھي ٿو جيڪو رڳن ۾ ڄمي وڃي ٿو. چرٻ تھ جي ڪري شريانين جو ڀتون ٿلهيون ٿي وڃن ٿيون جنھن جي نتيجي ۾ شريانيون تنگ ٿي وڃن ٿيون ۽ رت جي وھڪ ۾ رنڊڪ اچي وڃي ٿي. 

پت جا ڪم :-
پت ھارمون بنائڻ ۽ گهرڙن جي بنائڻ ۾ ڪم اچي ٿو ۔ اعصاب جي حفاظت لاء اعصابي جهلي تشڪيل ڏئي ٿو ۽ وٽامن ڊي کي جوڙي ٿو. اسان جو جسم پت کي خود رسد بنائي ٿو. اسان جو جيرو پت ٺاھي ٿو جنھن جي جسم کي ضرورت پوي ٿي. جسم ۾ تمام بنيادي ھارمون خصيرو ۔ ايسٽروجن ۽ سيل ميمبرين جو بنجڻ جو سبب بنجي ٿو. اھي خوراڪون جيڪي اسان کائون ٿا اھي پت وڌائڻ ۾ مدد ڏين ٿيون. حيواني خوراڪن ۾ جيئن گوشت ۽ بيدي ۾ وڌ ۾ وڌ پت پيدا ٿئي ٿو جڏھن تہ نباتاتي خوراڪن جيئن ڀاڄين ان ۽ سبزين ۾ پت نٿو پاتو وڃي. ڪجھ خوراڪون جيئن مکڻ ۔ گھ ۔ ناريل ۽ ڪريم ۾ پت وڌيڪ پاتي وڃي ٿو. پت انساني جسم ۾ بنيادي چرٻي آھي جيڪا گهرڙن کي توانائي ڏيڻ سان گڏ مضبوطي فراھم ڪري ٿي. پت جسم ۾ عمر جي حد سان وڌي ٿو پر ڪڏھن ڪڏھن ان جي سطح عمر کان پھرين وڌي وڃي ٿو جيڪا وزن ۽ بيمارين جو  سبب بنجي ٿو. جسم ۾ تمام بنيادي ھارمون خصيرو Testosterone ۔ بيدوڻ Estrogen ۽ گهرڙجهلي Cell membrane جو بنجڻ جو سبب بنجي ٿو.

پت جي سڃاڻپ :-
جيڪڏهن اوهان جا ڳل ڀريل ۽ چيلھ ويڪري آهي تہ خير آهي پر جڏهن اوهان جي رت ۾ سڻڀ جو مقدار وڌي وڃڻ ڪري اهو گهاٽو ٿي وڃي ۽ ان ۾ پيلي رنگ جو گهاٽو مادو شامل ٿي وڃي تہ اهو خطرناڪ آهي ڇو تہ حد کان وڌيل پت اوهان جي رت جي نالين ۾ ڄمندو ويندو ۽ رت جي وهڪري کي متاثر ڪندو. اڳتي هلي دل جي دوري جو سبب بڻبو.

پت ۽ دل :-
پت ھڪ چرٻيلو ۔ نرم مادو ٿئي ٿو جنھن جو تعين ڪيل مقدار انساني صحت لاء فائديمند ٿئي ٿي پر ان جو اضافو رت جي نالين يا شريانين ۾ ڄمي انهن کي تنگ ۽ سخت ڪري ٿو ان جي نتيجي ۾ رت جي وھڪ رڪي وڃي ٿي ۽ دل جي دوري جو خطرو وڌي وڃي ٿو. دل تي چاڙھ ۔ دل جا مرض ۽ ٻين مسئلن جي روڪ لاء ضروري آھي تہ پت جي سطح کي پورو پنو رکجي ۽ ان لاء اھڙيون غذائون استعمال ڪجن جن ۾ چڪيل چرٻي Saturated fat جي مقدار گهٽ ھجي.

آڱرين جي پٺ جا جوڙ سڄڻ :-
جيڪڏھن زرد رنگ جو ڳوڙھ آڱرين جي جوڙن جي پٺ تي ھجي يا اھڙا ڳوڙھ ھٿن ۔ ٺوٺن يا سنڌن تي اڀريل ھجن اھي مٿ پت جي علامت آھن.

پت چڪاس ڪرائيندو رھڻ :-
پت چرٻي جو ھڪ قسم آھي جيڪا محدود مقدار ۾ ضروري آھي پر ان جي گهڻائي رت کي گهاٽو ڪري ٿي ۽ دل کي مرضن جي ور چاڙھي ٿي ۔ دل جي دوري ۽ فالج جھڙا مسئلا پيدا ڪري سگھي ٿي ۽ دل جي دوري جي امڪانن کي وڌائي ٿي. پت سوڙهي رت نليءَ ۾ رت جي دِڳِ پيدا ڪري دل جي دوري يا اڌرنگيءَ جو سبب بڻجي ٿي. دل جي دوري سبب اسپتال ۾ داخل ٿيندڙ 54 سيڪڙو فردن ۾ ڪوليسٽرول جي حد وڌيل هوندي آهي. ڪيترا فرد پنهنجي جسم ۾ وڌيل ڪوليسٽرول کان بي خبر هوندا آهن. پت کي دنيا ۾ چيڪ ڪرڻ جا مختلف طريقا آھن پر ان جو صحيح مقدار ٻڌائڻ ممڪن ناھي ان ڪري ضروري آھي گهٽ ۾ گهٽ ھر چوٿين مھيني بعد پت ۽ شڳر جو فائيل وٺڻ ضروري آھي تہ جيئن توھان جو رت گهاٽو ٿي دل جي شريانين ۾ ويھي نہ وڃي.

پت ڪھڙين شين مان ملي ٿي :-
پت جانورن مان حاصل ٿيل غذا مان پاتي وڃي ٿي
وڏو ۽ ننڍو گوشت - بيدي جي زردي - ڊيري جون شيون مثال کير ۔ ڏھي ۔ مکڻ ۔ پنير ۔ 
بڪي ۔ جيرو ۔ مغز وغيرھ ۾ پت وڌيڪ ٿئي ٿي. ڪڪڙ ۽ مڇي جي گوشت ۾ پت جي مقدار نسبتن گهٽ ٿئي ٿي.
نباتات مان حاصل ڪيل غذا مثال ميون ۔ سبزين ۔ دالن ۔ مغزن ۔ گرين ۽ ڦرين ۾ پت ڪافي گهٽ ٿئي ٿي.

پت جا قسم :-
(1) ٺوس پت يا ايڇ ڊي ﺍﯾﻞ HDL
High Density Lipoprotein‏

(2) چرٻ پت يا ايل ڊي ﺍﯾﻞ LDL 
Low Density Lipoprotein

(3) چرٻاڻ ‏Triglycerides

پت ھڪ خاص پروٽين لپروٽينLipoproteinجي سھاري ھلن ٿا. لپروٽين جو مثال گاڏي وانگر آھي جيڪا روڊ تي ھلي ٿي ۽ جنھن تي سامان سٿيل ھوندو آھي ۽ ھي سامان پت جي مختلف قسمن جو ٿئي ٿو جو رت جي ذريعي مختلف عضون تي پھچي ٿو.

(1) ٺوس پت يا ايڇ ڊي ﺍﯾﻞ HDL
High Density Lipoprotein‏

ٺوس پت کي سٺو سمجهيو وڃي ٿو ڇوجو ھي پت رت جي نالين ۽ پٺن کان جيري طرف وڃي ٿي ۽ جيرو ھڪ صنعت وانگر آھي ھي پت اتي پھچي ڀسم ٿي وڃي ٿي. اھڙي طرح جيرو رت جي مقرر پت کي حد ۾ رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو ۽ خاص عضوي دل جي خاص طور تي حفاظت ڪري ٿو.

(2) چرٻ پت يا ايل ڊي ﺍﯾﻞ LDL 
Low Density Lipoprotein

ھي چرٻ پت بري سمجهي وڃي ٿي ڇوجو ھي ئي رت جي اندرين نالين ۾ ڄمي رڳن کي ٿلهو ڪري رت جي گردش ۾ کوٽ آڻي ٿي ۽ دل جي شريانين جي مرض جو سبب بنجي ٿي.

چرٻاڻ ‏Triglycerides :-

ھي اھا چڪنائي آھي جيڪا ذرن جي شڪل ۾ ڪٺي ٿئي ٿي. جڏھن جسم ۾ ضرورت کان وڌيڪ حرارا ڪٺا ٿي وڃن ٿا تہ اتي واڌو توانائي جي صورت ۾ مثال ورزش ۔ ڳرو جسماني ڪم وغيرھ جي  ضرورت پوي ٿي. ھي رت ۾ لڳاتار رھڻ ڪري دل جي مرضن جو سبب بنجي ٿي ۽ شڳر جھڙا مرض ھن جي مقدار وڌڻ جي ڪري جنم وٺي ٿو.

رت ۾ پت جي مقرر حد ۽ وڏي حد جي مقدار :-
ٽوٽل چرٻاڻ جي وچٿري مقدار درجابندي مطابق 180 ملي گرام يا گهٽ ٿئي ٿي.
سرحد لائين وڏي پت جي مقدار 181 کان 199 ملي گرام آھي.
وڏي پت جي مقدار 200 ملي گرام يا ان کان وڌيڪ ٿئي ٿي.

رت ۾ پت جي وڌڻ جا سبب :-
پت جو ھڪ سبب موروثيت آھي. گهڻن خاندانن ۾ پت موجود ٿئي ٿي جيڪا موروثي ورثي تحت خاندانن ۾ منتقل ٿئي ٿي جنھن جي اثرن ۾ ٻار ۽ نوجوان اچن ٿا.
غذا ۾ چڪنائي جو وڌيڪ مقدار پت کي وڌائي ٿو. زردي وارو بيدو ۔ تريل شيون ۔ ڪڪڙ وارا کاڌا ۔ ناريل ۔ مغز ۔ بڪي ۔ جيرو ۔ نهاري ۔ پاوا ۔ ڳئون جو گوشت انهن جو وڌيڪ استعمال رت ۾ پت کي وڌائي ٿو. اھڙا ماڻھو جن ۾ موروثي پت ٿئي ٿي اھي انهن کاڌن مان جلدي وٺجن ٿا. الڪوحل جو استعمال بہ پت کي وڌائي ٿو.
ڪجھ اھڙا مرض آھن جن ۾ پت جي مقدار وڌندي رھي ٿي مثال ٿائيرائيڊ thyroid جو مرض ۔ بڪين جو مرض ۔ شڳر جو مرض وغيرھ.
ٿولھ پت جو اھم سبب آھي.
ورزش جي کوٽ ۽ سگريٽ نوشي.

مٿ پت High cholesterol جون نشانيون :-
مٿ پت جون ڪي بہ علامتون نہ ٿين ٿيون. ان جو پتو صرف رت جي پت جي ٽيسٽ مان معلوم ڪري سگهجي ٿو. اکين ڀر ۔ چمڙي تي ۽ سنڌن تي پيلا نشان مٿ پت کي ظاھر ڪن ٿا ڇوجو انهن ۾ پت پيلي رنگ جي شڪل ۾ ڪٺي ٿي وڃي ٿي. ياد رکڻ کپي تہ پت سالن کان آھستي آھستي رت جي نالين ۾ جمع ٿيندي رھي ٿي جنھن جي ڪري رت جو ناليون سوڙھيون ۽ سخت ٿي وڃن ٿيون ۽ رت جي گردش جي مقدار ۾ کوٽ اچي وڃي ٿي جنھن سان مختلف عضون کي نقصان پھچي ٿو.

رت جي نالين ۾ پت جي ڄمڻ جا منفي اثر :-
رت جي نالين جي سوڙھي ھئڻ ڪري ۽ رت جي گردش گهٽ ٿيڻ ڪري مختلف عضون تي ناڪاري اثر پون ٿا. ٽنگن جي شريانين ۾ سوڙھ جي ڪري ٽنگن ۾ شديد درد پوي ٿو جو ماڻھو ھلڻ کان قاصر ٿي ويندو آھي ۔ رڳن ۾ رت ڄمڻ ڪري ٽنگ ناڪارا ٿي سگهي ٿي.
دماغ جي رڳن ۾ رت ڄمي سگهي ٿو يا ناليون ڦاٽي سگهن ٿيون جنھن جي نتيجي ۾ فالج ۽ سڪتي جھڙا مرض جنم وٺن ٿا. رت ڄمڻ جو عمل دل کان دماغ طرف ويندڙ نالين ۾ بہ سگهي ٿو ھن سان فالج يا وقتي بيھوشي ٿي سگهي ٿي. 
دل جو درد ‏    Angina 
ﺩﻝ جو دورو ‏ Heart Attack
دل جو ردي ٿيڻ Heart failure
دل ۔ دماغ ۽ ٽنگن جي شريانين وانگر ٻيا عضوا جيئن بڪيون ۔ آنڊا ۽ دل کان نڪرندڙ وڏين شريانين ۾ بہ ساڳو عمل يعني سوڙھ ۽ رت جي وھڪ جي کوٽ جي ڪري انهن عضون کي نقصان رسي ٿو.

پت جي وڌڻ کان بچاء جا طريقا :-
لوڻ گهٽ استعمال ڪجي.
وڏن پروٽين وارن کاڌن جيئن بيدي ۔ وڏي گوشت ۔ مڇي ۽ چڻن جي دال کان پرھيز ڪجي.
وٽامن سي جو استعمال ڪجي ڇوجو وٽامن سي پت کي گهٽ ڪري ٿو.
چرٻيل گھ Transfat ghe استعمال نہ ڪجي.
روز ڪجھ ورزش ڪجي.

مٿ پت کي گهٽائڻ جا اپاء :-
جيڪڏھن توھان مٿ پت کي گهٽائڻ چاھيو ٿا تہ ان لاء ورزش ضروري آھي. ورزش سان مٿ پت ۽ چرٻاڻ کي گهٽ ڪري مطلوبہ نتيجا حاصل ڪري سگهو ٿا پر ورزش کي روز معمول بنائڻ کپي. ورزش چاھي 15 کان 20 منٽ ھجي پر مٿ پت تي ھاڪاري اثر ڇڏيندي جيئن 10 منٽن جي ڊوڙ ۔ 15 منٽن جي جاگنگ ۔  15 منٽن جو ترڻ ۔ اڌ ڪلاڪ سائيڪل ھلائڻ انهن مان ڪنھن ھڪ ورزش سان مٿ پت کي گهٽائي پورو پنو ڪري سگهجي ٿو.
پنھنجي خوراڪ ۾ اھڙين شين کي استعمال ڪريو جيڪي چرٻ پت LDL ۽ چرٻاڻ Triglyceride کي ختم ڪن جيئن مختلف قسمن جا ميوا بادام ۔ اخڙوٽ ۔ ليمو ۽ ڌاڻا وغيرھ شامل آھن. کائڻ ۾ گھ بجاء زيتون جو تيل استعمال ڪجي. السي جي تيل استعمال ڪرڻ سان مٿ پت گهٽجي ٿي. ڄمون ۽ ڦارون جو استعمال ڪجي جيڪي مٿ پت جي سطح گهٽائين ٿا ۽ دل کي بيمارين کان بچائين ٿا.


Saturday, 5 January 2019

انساني دماغ بابت ڪجھ حيرت ۾ وجھندڙ معلومات

انساني دماغ بابت ڪجھ حيرت ۾ وجھندڙ معلومات
ڇا اوهان ڪڏهن پنهنجي پاڻ کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي آهي تہ اوهانجو دماغ ڪهڙي ريت ڪم ڪندو آهي؟
درحقیقت پنھنجي دماغ کي سوچڻ کان خالي ڪرڻ ممڪن ناهي پر پنهنجي دماغ جي باري ڄاڻڻ ممڪن آهي، سائنسدانن انساني دماغ جي باري ۾ اهڙيون حيرت ۾ وجهندڙ ڳالھيون پڌريون ڪيون آهن جن بابت ٿي سگھي ٿو اوهان کي علم نہ هجي يا ڪڏهن اوهان سوچيو بہ نہ هجي 
هتي اسان اوهانکي انھن بابت ٻڌائينداسين. 

هڪ بالغ انساني دماغ جو وزن لڳ ڀڳ 3 پائونڊ هجي ٿو
مردن جي دماغ جو وزن تقريبن 2.9 پائونڊ يعني 1336 گرام هجي ٿو. 
جڏھن تہ عورتن جي دماغ جو وزن تقريبن 2.6 پائونڊ يعني 1198 گرام هجي ٿو. 
پر وڏي دماغ هجڻ جو مطلب گهڻو ذهني هجڻ هرگز نٿو هجي، درحقيقت مشھور سائنسدان البرٽ آئنسٽائن جي دماغ جو وزن 2.7 پائونڊ هو، پوئي بہ هو دنيا جي ذهني ترين ماڻھن منجھان هڪ هو. 

اوهانجو دماغ ايتري بجلي پيدا ڪري سگھجي ٿو جنهن سان 25 واٽ جو بلف آساني سان روشن ڪري سگھجي ٿو.

گهڻي ڀاڱي گهٽ ماڻھن کي اهڙا پيدا ٿيندڙ احساس محسوس ٿيندا آهن، يعني هو رنگن کي ٻڌي سگهن ٿا،
اکرن کي سنگھي سگهن ٿا، ۽ فضائي جڳھن ۾ ڪو تصور ڏسي وٺندا آهن. 

فيس بلائنڊ نيس نالي عارضو 2.5 سيڪڙو آبادي کي پنهنجو شڪار بڻائي ڇڏي ٿو 
اسٽينفورڊ يونيورسٽي جي 2012ع جي هڪ تحقيق موجب دماغ جو اهوئي حصا جيڪي انساني چھرن جي سڃاڻپ جي لاءِ ضروري هوندا آهن، کي نقصان پهچندو آهي تہ متاثر ماڻهن جي لاءِ چھرن کي ياد رکڻ ممڪن ناهي هوندو ۽ اهوئي ماڻھو انساني چھرن کي ياد رکڻ لاءِ انھن کي ڪا کائڻ پيئڻ واري شيء ڏئي پوءِ کين ان شڪل واري شي سان ڏسندا آهن.

اوهان پاڻ کي کلائي نٿا سگهو ڇوجو اوهانجو حرام مغز اوهانکي ائين ڪرڻ کان روڪيندو آهي. 
حرام مغز جيڪو جسماني حرڪت جو ذميوار هوندو آهي. 

ڪجھ معاشرن ۾ جانورن جي دماغ کي سٺي غذا سمجھي ويندي آهي. 

اوهانجو دماغ پوري جسم کي ملندڙ آڪسيجن جو گهٽ ۾ گهٽ 20 سيڪڙو حصو استعمال ڪندو آهي. 
انجو ڪارڻ اهيو آهي تہ دماغ کي اوهانجي پٺن جي مقابلي ۾ 3 سيڪڙو گهڻي آڪسيجن جي ضرورت هوندي آهي. 
انکان علاوه اسانجي دماغ کي 5 سيڪڙو صاف ۽ تازي رت جي پڻ ضرورت هوندي آهي جيڪا انجي خوارڪ هجي ٿي انساني دماغ ۾ سور کي محسوس ڪرڻ وارا ريسيپٽر يا ڪي عضوا ناهين هوندا تہ درحقيقت اوهانجي دماغ کي سور محسوس ئي ناهي ٿيندو
جيڪڏهن دماغ اوهانجي پٺيان واري هڏي جي مدد سان سور کي سڃاڻپ ۽ پراسيس ڪندو آهي پر هي حقيقت آهي تہ دماغي خلين جي حصن کي سور محسوس ناهي ٿيندو، انهي ڪري مريضن جي دماغي سرجري جو علاج سڄاڳي جي دوارن بہ ڪيو ويندو آهي. 

اهيا ڳالھ بلڪل غلط آهي تہ انسان پنهنجي دماغ کي 20 سيڪڙو ئي استعمال هيٺ آڻي سگھي ٿو.
جيڪڏھن ائين هجي ها تہ انسان ايتري ٿوڙي وقت ۾ ڪائنات جا راز ۽ ڪاميابيون حاصل نہ ڪري سگهي ها
۽ دماغ جو اهڙو ڪو بہ حصو ناهي جيڪو فعال نہ هجي. 

انساني دماغ جي نشوونما 25 سال جي عمر تائين جاري رهندي آهي. 

دماغ اهو واحد عضوو آهي جيڪو پاڻ کي آلودو ڪري سگھي ٿو. 

گوگل دماغ کي ڪمزور ڪري سگهي ٿو 
ڪولمبيا يونيورسٽي جي هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو آهي تہ اوھان جيترو انٽرنيٽ جو استعمال ڪندا
دماغي ڪارڪردگي اوترو گهٽ ٿي ويندي، يعني دماغ وقت سان گڏ ڪمزور ٿي ويندو ۽ جيڪي اوهانجي دماغ ۾ شيون آهن انهن کي وسارڻ لڳندو، محققین جو چوڻ آهي اسانکي پنهنجي خيالن ۽ شين کي سمجھڻ جي ضرورت آهي انهن کي رٽو هڻي سمجھڻ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي.

انساني دماغ هڪ هزار لفظ هڪ منٽ ۾ پڙهي سگهي ٿو. 
 "دريا خان سنڌي"

ڳالھائڻ جي سگھ کان محروم ماڻهن تي Patterns ذريعي تحقيق

ڳالھائڻ جي سگھ کان محروم ماڻهن تي Patterns ذريعي تحقيق

"دريا خان سنڌي "

سائنسدانن پاران جيڪي ماڻھو ڳالھائڻ کان معذور هوندا آهن پر اھي زندگي ۾ ڪڏهن ڳالھائڻ واري سگھ رکندا هئا. انهن جي دماغ ۾ اهي سڀ مرحلا موجود رهندا آهن جيڪي ڳالھائڻ جي لاءِ ضروري هوندا آهن پر ڪنھن حادثي يا بيماري جي ڪري اهي ماڻهو ڳالھائڻ جي قابل ناهن رهندا. سائنسدانن جي ٽن مختلف ٽيمن دماغ جي سرجري جي دوران پنهنجي مريضن کي ڪجھ لفظ چوڻ لاءِ ڏنا، ان دوران انهن جي دماغ ۾ نيورونز جي نڪرڻ جي Patterns نمونن کي اليڪٽروڊز جي ڊريعي رڪارڊ ڪيو ويو ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس سان ڪمپويٽر پاران انهن لفظن ۽ دماغ جي Patterns نمونن جي ويجهي correlations سان هڪ ٻئي جو لاڳاپو ڳولا ڪيو، انکان پوءِ ان ڪمپويٽر ۾ انهن مريضن جي دماغ جا نوان نمونا فيڊ ڪيا ويا ۽ ڪمپويٽر پاران انهن Patterns نمونن سان انهن لفظن جو اندازو لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي جن جي ادائگي جي دوران هي Pattern نمونا رڪارڊ ڪيا ويا هيا، ڪمپيوٽر پاران 75 سيڪڙو تائين لفظ صحيح سڃاڻپ ڪيا ويا.
 جيتوڻيڪ هي ٽيڪنالوجي اڃان پنهنجي شروعاتي مرحلي ۾ آهي پر اصولن هي ڳالھ ثابت ٿي وئي آهي تہ ڪنهن ماڻهو جو دماغ ڇا ٿو چوڻ چاهي، ڪمپيوٽر انهن لفظن جي سڃاڻپ ڪري مصنوعي آواز ۾ هي لفظ چئي سگهي ٿو.
ائين ئي هي ممڪن ٿي ويو آهي تہ ايندڙ ڪجھ سالن ۾ اهڙي ٽيڪنالوجي منظر تي اچي ويندي جنھن جي مدد سان ڳالھائڻ لاء معذور ماڻھو پنهنجي لفظن کي بيان ڪرڻ تي قادر ٿي ويندا.